عشق نامو.. " ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي "

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ساره طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2009۔

  1. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    عشق نامو

    عشق مان آدم خدا پيدا ڪيو،
    ان کي مخلوقات ۾ اعلا ڪيو.

    پنھنجي مخفي راز جون رمزون رکي،
    ان ۾ سونپيائين امانت عشق جي.

    گھر وٺي دنيا ۾ ھو آباد ٿيو،
    انت ۾ بي انت آيو، شاد ٿيو.

    سچ سراسر آھي جيڪي ٿو چوان،
    ڳجهه ڳجھاندر ڳالهه ظاھر ٿو ڪيان.

    آدمي ناھي اھو الله آھ،
    جابجا موجود شاھنشاھ آھ.

    پاڻ خلقي سڀ جو مظھر پاڻ ٿيو،
    دور دوئي کي ڪري ڏس، ناھي ٻيو.

    جوڙ جوڙي پاڻ ھر شئي ٿيو خدا،
    ان کي ٻيو ڄاڻڻ خطا آھي خطا.

    پاڻ خالق پوش انساني ڍڪي،
    آدمي جي نام سان آيو ھتي.

    گودڙي ۾ لعل آيو ھت لڪي،
    جوش کائي مئي صراحي ۾ پئي.

    جو ڪجهه آھي سو اھو آھي ھتي،
    ظاھر ۽ باطن ٻيو ناھي ھتي.

    دو جھان جي مير يعني مصطفا،
    سربسر اسرار جنھن ظاھر ڪيا.

    سو محمد ۽ احد ھڪ ڄاڻ پڪ،
    ھڪ ٿيا سي ھڪ ٿيا، آڻج نه شڪ.

    جنھن ڪيا اسرار ظاھر بيشمار،
    جنھن ”انا احمد“ چيو ٿي بار بار.

    سو محمد ۽ علي ٻئي ھڪ ٿيا،
    شڪ نه آڻج ھن عقيدي ۾ صفا.

    ”عشقنامو“ نام ٿيو ھن نظم جو،
    ھن قلم کي حڪم رحماني ٿيو.

    چند بيتن ۾ ٿيو پورو ڪلام،
    تنھنجي ڪاغذ کي پڙھن جيئن خاص و عام.

    منھنجي ھٿ ۾ اوچتو آيو قلم،
    جنھن لکي ڪاغذ مٿان روداد غم.

    دل ۾ درياء ٿيو روان اھڙيءَ طرح،
    موج ۾ موجون اچن جھڙيءَ طرح.

    ٻڌ ذرا منھنجي زباني ھي بيان،
    عشق جي رمزن کي ظاھر ٿو ڪيان.

    تاج شاھي عشق جو سر تي رکي،
    آدمي عالم کي بخشي روشني.

    بيت ۽ گفتا نه آھن مون وٽان،
    ھي ڳجھيون ڳالھيون ڀلا آيون ڪٿان؟

    ھن حقيقت سخت عبرت ۾ وڌو،
    مون کي عبرت بعد حيرت ۾ وڌو.

    ايترا ظاھر ڪيا اسرار ڪنھن،
    ھي سڀئي نڪتا ڪيا نروار ڪنھن؟

    مون کي سمجھايو ھي منھنجي پيشوا،
    پير عبدالحق حقيقي رھنما.

    حق جو گھر آدم جو گھر ٿيو بيگمان،
    ان جي ذات پاڪ جو آھي بيان.

    تون نه آھين، آھي ھو ڇڏ ھاءِ ھاءِ،
    بحر وحدت ۾ اھا ھستي وڃاءِ.

    دل ۾ حق جي ھيڪڙائي ٿي رھي،
    ٻن چپن ۾ پر ٻيائي ٿي رھي.

    معرفت ۾ آھي ھر ڪنھن کي بقا،
    جو نٿو سمجھين، اھو آھي خدا.

    پنھنجي ٻولي پاڻ ٿو ٻولي ٻڌي،
    پاڻ دلبر ٿو ڏسي ۽ وائسي.
    ان جو گفتو آھي ھي منھنجو بيان،
    ان جي رمزن کي ئي ظاھر ٿو ڪيان.

    ڄاڻ ڳجهه الله جو انسان کي،
    جنھن ڪيو ظاھر خدا جي شان کي.

    پاڻ سڀ ڪنھن کي سڃاڻي ٿو ڪڏھن،
    ڪين ڪنھن شيءِ کي به ڄاڻي ٿو ڪڏھن.

    ڇا بڻيو ان جو مقدر، يار ڏس،
    ظلم توڙي جھل ان جي ڪار ڏس.

    ظلم معنا نفس پنھنجي کي ڪھڻ،
    جھل معنا پاڻ کان پاسي رھڻ.

    ھڪ ”الستي عھد“، ٻيو ”قالو بلا“،
    عشق ڌاران ٻول ٻيا ڪنھن جا ھيا.

    عشق جيئن نروار ھي نُڪتا ڪيا،
    عشق وارا پنھنجي ھستيءَ کان ھٽيا.

    آدمي واقف ٿيو ھر رمز کان،
    حڪم جو بندو ٿي بيٺو بي گمان.

    ان کي حق بخشيو نيارو ذوق شوق،
    جنھن کي چئجي عشق وارو ذوق شوق.

    لامڪان جو راز انسان ۾ رکي،*
    آڳ لاتائين انھيءَ کي عشق جي.

    آدمي آھي برابر نور پاڪ،
    بيخبر بڻجي متان سجھيس خاڪ.

    عرش وارن جو نشان آدم ٿيو،
    ان منجھان پيدا سڄو عالم ٿيو.

    ان منجھان پيدا اھي آثار ٿيا،
    ان منجھان ظاھر سڀئي اسرار ٿيا.

    آدمي ڪونين ۾ ممتاز آھ،
    لامڪان جي ملڪ جو شھباز آھ.

    آھي ھر ھڪ رمز جو ھو رازدان،
    سڀڪو واقف ناھي ان جي راز کان.

    ملڪ جو مالڪ اھو معبود آھ،
    جمله عالم جو بشر مقصود آھ.

    آدمي ۾ عشق جو غوغا ٿيو،
    راز مولا جو منجھس پيدا ٿيو.

    عاشقن کي عشق حيراني ڏني،
    پاڪبازن کي پريشاني ڏني.

    عشق مستيءَ جو کڻي نعرو ھنيو،
    زير اتش ھر دوعالم کي ڪيو.

    مسجد و مندر ڪيا ويران عشق،
    مفتي و قاضي ڪيا حيران عشق.

    عشق آيو عقل ڀاڄوڪڙ ڀڳو،
    امر انجي سان ادب راھي ٿيو.

    آسمان تان عشق ڊوڙايو بشر،
    ھت مٽيءَ جي ملڪ تي آيو بشر.

    جيئن اڏامي عشق جو گھوڙو ھليو،
    آسمان سان نعل ان جو ٿي لڳو.

    چو طرف ان نعل جو چمڪو ٿيو،
    ان منجھان خورشيد روشن ٿي ويو.

    آسمان کي عشق گردش ۾ وڌو،
    ان پٺيان سج چنڊ کي چڪر ٿيو.

    لامڪان کان عشق جي شھباز جو،
    عرش اعلا جي مٿان پرواز ٿيو.

    عرش اعظم جي اچي عظمت ڏٺي،
    حق جي ڪرسيءَ جي وڏي وسعت ڏٺي.

    آسمان واري بلندي کي ڏسي،
    پاڻ جنت ڏي وري آيو وڌي.

    جا گھڙي جنت ۾ ھو، نعمت ھيس،
    ھن مٽيءَ جي ملڪ تي محنت مليس.

    ھن جڳهه تان ھن جڳهه تي جيئن ڀڳو،
    بس سراسر رنج و محنت ۾ رھيو.

    ھت اچي جوڙيائين محبت جو مڪان،
    خاڪ جو پتلو ڀريائين درد سان.

    آھي محنت ۽ محبت جو خيال،
    موج ۽ درياء جي صورت جي مثال.

    عشق ۾ مجنون سوين سلطان ٿيا،
    ھن جھان ۾ ھر طرح حيران ٿيا.

    عالم و قاضي سوين حيران ٿيا،
    مفتي و ملا سوين مستان ٿيا.

    عشق جي سلطان جو خيمو لڳو،
    جو به آيو سو اچي قابو ٿيو.

    عقل کي ھڪدم ھٽائي ٿو ڇڏي،
    دين و ايمان کان ڇڏائي ٿو ڇڏي.

    ناھي طاقت عقل کي ھن جاءِ تي،
    عشق جو شھباز اڏري ٿو مٿي.

    عشق آڏو عقل عاجز ٿو رھي،
    عقل کي ٿو ھڪ اشاري سان ڪھي.

    عقل شاه عشق جو دربان آھ،
    ھي سپاھي آھي، ھو سلطان آھ.

    عشق کان مخفي نه آھي ڪوئي راز،
    ٻن جھانن ۾ ھو آھي شاھباز.

    عشق آھي ذات حق جي سربسر،
    ان جو صورت کان سواءِ ديدار ڪر.

    ڇو نه ٿيندو عشق جو عالي مقام،
    عشق آھي ٻن جھانن جو امام.

    جو ڪجهه آھي، عشق آھي جابجا،
    دور ڪر سڀ وھم وارا وسوسا.

    عشق ڌاران جڳ ۾ ٻي ڪا راه ناه،
    عشق آھي شاه ٻيو ڪو شاه ناه.

    عشق ھر ڪنھن جي مٿان غالب ٿيو،
    معرفت وارو سندس طالب ٿيو.

    جنھن اچي ھن عشق جو درشن ڪيو،
    دين ۽ اسلام کان ٻاھر ٿيو.

    جسم کي ۽ جان کي فاني ڪري،
    عشق آڻي ٿو بقا جي ملڪ تي.

    عشق اھي ڏات، مولا ٿو ڏئي،
    ناھي اھڙي چيز جا لکجي سگھي.

    عشق جو درياه آھي بي ڪنار،
    موج تي موج آھي جنھن ۾ بي شمار.

    عشق ازخود ھر گواھي ٿو ڏئي،
    ھڪ گدا کي بادشاھي ٿو ڏئي.

    عشق جي آتش ٿي ساڙي سربسر،
    جسم، توڙي جان، دل، توڙي جگر.

    عشق واري باه ڀڙڪا ٿي ڪري،
    دل پتنگن جيئن انھيءَ ۾ ٿي پچي.

    عقل چئي ٿو پڙھ وظيفا روز شب،
    عشق چئي ٿو ڇڏ خساري جو سبب.

    عقل چئي ٿو طاعت ۽ تقوا ڪجي،
    عشق چئي ٿو پاڻ کي رسوا ڪجي.

    عقل چئي ٿو ھر وظيفو ياد ڪر،
    عشق چئي ٿو درد کي آباد ڪر.

    عقل چئي ٿو ڪر سدا عجز ۽ نياز،
    عشق چئي ٿو رھ ھميشه بي نياز.

    عقل چئي ٿو ڇڏ نه روزو ۽ نماز،
    عشق چئي ٿو ڄاڻ ھر ھڪ رمز راز.

    عقل چئي ٿو پاءِ پيريءَ جو لباس،
    عشق چئي ٿو ھي وڪڻ ڪنھن ۾ نه ڦاس.

    عقل چئي ٿو تون زريءَ جو پوش پاءِ،
    عشق چئي ٿو پاڻ تي واري وساءِ.

    عقل چئي ٿو ھر ملامت دور ڪر،
    عشق چئي ٿو ڪفر کي مشھور ڪر.

    عقل چئي ٿو ڪر ڪتابن سان رھاڻ،
    عشق چئي ٿو رک ربابن سان رھاڻ.

    عقل چئي ٿو ڇڏ نه پنھنجو ننگ و نام،
    عشق چئي ٿو لاھ ھي ڦاسڻ جو دام.

    عقل چئي ٿو ڪين لاھي ڇڏ نقاب،
    عشق چئي ٿو رھ ھميشه بي حجاب.

    عقل چئي ٿو زھد سان تسبيح پڙھ،
    عشق چي ٿو جلد ڪر سوليءَ تي چڙھ.

    عقل چئي ٿو رھ برائيءَ کان بري،
    عشق چئي ٿو ڇڏ گڏي نيڪي بدي.

    عقل چئي ٿو عيش جو خانو بڻاءِ،
    عشق چئي ٿو گھر کي ويرانو بناءِ.

    عقل چئي ٿو پارسا بڻجڻ کپي،
    عشق چئي ٿو بينوا بڻجڻ کپي.

    عقل چئي ٿو عابد ۽ زاھد ٿجي،
    عشق چئي ٿو دور ڪر ھن وھم کي.

    عقل چئي ٿو علم جي تحصيل ڪر،
    عشق چئي ٿو محو ٿي وڃ سربسر.

    عقل چئي ٿو قاضي و ملا ٿجي،
    عشق چئي ٿو ”لا“ منجھان ”الا“ ڪجي.

    عقل چئي ٿو ماٺ سان ڪر ڪار ڪم،
    عشق چئي ٿو مار ”سبحاني“ جو دم.

    عقل چئي ٿو رھ ھميشه تون خموش،
    عشق چئي ٿو جوش مان ڪر مئي کي نوش.

    عقل چئي ٿو پاڻ کي موجود ڄاڻ،
    عشق چئي ٿو جڳ سڄو نابود ڄاڻ.

    عقل چئي ٿو ھوڏ ۽ ھستي ۾ اچ،
    عشق چئي ٿو موج ۽ مستي ۾ اچ.

    عقل چئي ٿو عالمن جو ڪر لباس،
    عشق چئي ٿو پي شراب ۽ رک شناس.

    عقل چئي ٿو ذڪر ڪر تسبيح ٺاھ،
    عشق چئي ٿو جلد ڪر جڻئي کي لاھ.

    عقل چئي ٿو تون جماعت سان رھاءِ،
    عشق چئي ٿو درد کي رھبر بڻاءِ.

    عقل چئي ٿو ھار ۽ سينگار ڪر،
    عشق چئي ٿو حال کي ھموار ڪر.

    عقل چئي ٿو جابجا مشھور ٿي،
    عشق چئي ٿو جڳ سڄي کان دور ٿي.

    عقل چئي ٿو پاڻ وٽ ميڙو مچاءِ،
    عشق چئي ٿو پاڻ کي سڀ کان بچاءِ.

    عقل چئي ٿو بڻجي وڃ ماڻھن جو پير،
    عشق چئي ٿو رھ محبت ۾ اسير.

    عقل چئي ٿو ويهه مسجد ۾ مدام،
    عشق چئي ٿو مئڪدي جو ڪر سلام.

    عقل چئي ٿو ڪر طھارت ھر گھڙي،
    عشق چئي ٿو جسم کان آزاد ٿي.

    عقل چئي ٿو ڪر سوال ۽ ڏي جواب،
    عشق چئي ٿو سڀ جي آڏو ٿي خراب.

    عقل چئي ٿو نيڪ پنھنجو نام ڪر،
    عشق چئي ٿو پاڻ کي بدنام ڪر.

    عقل چئي ٿو ھوش رک، ھشيار ٿيءُ،
    عشق چئي ٿو مست و عاشق، يار ٿيءُ.

    عقل چئي ٿو دين کان آگاھ ٿيءُ،
    عشق چئي ٿو فقر جو ھمراھ ٿيءُ.

    عقل چئي ٿو پاڻ کي مرشد بڻاءِ،
    عشق چئي ٿو وھم اھڙي کي وڃاءِ.

    عشق بيشڪ ھر طرح ھشيار آھ،
    عشق پنھنجي پاڻ کان بيزار آھ.

    عشق رب جا راز پيدا ٿو ڪري،
    عاشقن کي پاڻ شيدا ٿو ڪري.

    عاشقن کي عشق حيران ٿو ڪري،
    سالڪن کي پڻ پريشان ٿو ڪري.

    عشق ھر راحت وڃائي ٿو ڇڏي،
    نيڪنامي کي جلائي ٿو ڇڏي.

    عشق جي نعرن جي آھي ڌم ڌڙي،
    ”لي مع الله“ ۽ ”انا الحق“ ھر گھڙي.

    عشق جيئن ماري ٿو ”سبحاني“ جو دم،
    جڳ ۾ ھي غوغا ٿو ٻڌجي دم بدم.

    عشق واري ٿو ڇڏي ھر ھڪ ڪتاب،
    ھر دوڪانداري ڪري ٿو ھو خراب.

    عشق جڳ ۾ آھي بانڪو بادشاه،
    ھڪ ٿو سمجھي ھر مڙھي ڇا خانقاه.

    عقل ۾ آھي ٻيائي جو اکر،
    عشق ۾ توحيد آھي سربسر.

    عقل ۾ آھي هميثہ افتخار،
    عشق ۾ آھي سراسر انڪسار.

    عقل کي آھي ڪمينن جو سلام،
    عشق جو آھي سدا عالي مقام.

    دم ”اناالحق“ جو لڳي ٿو عشق ۾،
    ڪوٽ ھستيءَ جو ڀڄي ٿو عشق ۾.

    عشق جي درياء ۾ موجان موج آھ،
    لامڪان تائين انھيءَ جي اوج آھ.

    عشق جي چوغي ۾ ”ھو حق“ جي پڪار،
    عشق ۾ ”مان مان“ جي وائي کي وسار.

    ”لوڪشف“ جو راز ظاھر ٿو ڪري،
    عشق ٿو ”بي ميم“ احمد کي سڏي.

    ڪاميابي عشق جو دستور آھ،
    پر ملامت ۾ سدا مشھور آھ.

    عشق ھر ھڪ علم ظاھر ٿو ڪري،
    گفتگو جا رنگ ان ۾ ٿو ڀري.

    جان کي جوھر اچن ٿا عشق سان،
    ٿي سڄا انڌا پون ٿا عشق سان.

    عقل دنيا جي پٺيان آھي تباھ،
    عشق آھي دوجھان جو بادشاھ.

    عقل آھي خودپرستيءَ جو مقام،
    عشق آھي موج مستي جو مقام.

    عقل دائم آھي دنيا جو غلام،
    عشق جو دنيا ڇا عقبه کي سلام.

    عقل ھر جا گھر بڻائيندو رھي،
    عشق ويرانا وسائيندو رھي.

    عقل جي آڏو رھن ٿيون صورتون،
    عشق ميٽي ٿو ڇڏي سڀ مورتون.

    عقل جي آڏو رھن ٿا سئو نقاب،
    عشق لاھي ٿو ڇڏي ھر ھڪ حجاب.

    عقل سجدن ۾ ٿو سمجھي پنھنجو سود،
    عشق ھر شئي جو وڃائي ٿو وجود.

    عقل چاھي ٿو تھ رکجي سر بلند،
    بي نيازي عشق کي آھي پسند.

    عقل جي ناھي سدا قيل و مقال،
    عشق آڻي ٿو صفا احوال حال.

    عقل آھي بس ٻيائي سان ٻڌل،
    عشق آھي ھيڪڙائي سان ٻڌل.

    عقل اٽڪيل ٿو رھي تقليد ۾،
    عشق ھردم ٿو رھي توحيد ۾.

    عقل ڏيکاري ٿو جسماني جمال،
    جان و تن تي عشق آڻي ٿو زوال.

    عقل سان دنيا جو درشن ٿو ڪجي،
    عشق سان پسجي ٿو حق جي ذات کي.

    ڏينھن جمعي جي ڪيم پورو ڪلام،
    ”عشقنامو“ ختم ٿيو، بس والسلام

    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين ادي ،
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو عشق نامو پڙهي دل خوش ٿئي وئي
    تمام بهترين شيئرنگ آهي اهڙي شيئرنگ جاري رکجو .shabash


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ضرور ادا مهرباني ...
     
  4. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    تمام بهترين شيئرنگ آهي
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ڀيڻ ساره اوهان جا لک قرب جو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو عشق نامو هتي شيئر ڪري اصل سنڌ سلامت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيوَ..................

    ڊاڪٽر صاحب جي لکڻي ۾ وڏو تجسس آهي. اسان جي سوچ کان اعلي تر لکيل هي عشق نامو جنهن ۾ عشق ۽ عقل جي جنگ....... واه ڀيڻ واه اصل دل باغ بهار ڪري ڇڏيو.....
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي. توهان جي اهڙين ناياب شيئرنگس جو انتظار رهندو.
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    بلوچ ڀاءُ يار تنهنجو ڏوهه ناهي هونءَ به اسان اڪثر ڪافي دوستن کان ٻڌاندا هئاسين ته اسانجا بلوچ ڀائر مونث کي مذڪر ۽ مذڪر کي مونث چئي ويندا آهن......

    ادا منهنجو مطلب ته ادا جي بدران ادي يا (ڀيڻ) لکو هان ته اسانجو شڪ بلوچن ڀائرن وارو ڪوڙو ٿي پئي هان. پر هاڻي ته اوهان انهي کي سچ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو......hall chari

    khil sahi

    suhnan saan
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو