سيڪيولر سوچ ۽ عمل جا رکوال زندهه دل سنڌي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    شريمتي سنيتا سريش ڪمار پرچاڻي/انڊيا

    [​IMG]
    سنڌي سماج سدا بهار سماج آهي. زندهه دلي ۽ مهمان نوازي ته ڪير سنڌين کان سکي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ سنڌي زندگيءَ جي وهنوار ۾ ڏيهه پرڏيهه ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اهي سنڌ ڇڏي جڏهن هند ۾ داخل ٿيا، ان وقت سندن اهڙي حالت هئي جيڪا مالها مان ڇڳل مڻڪن جي، وڻ مان ڀڳل ڏارن يا ڀڳل سامونڊي جهازن جي ٿيندي آهي. توڪل جو ترهو ٻڌي، همٿ ۽ حوصلو رکي، جفا ۽ جاکوڙ جي سهاري هو مکيه ڌارا ۾ ملي ويا. جنهن هنڌ رهيا تنهن جا ٿي ويا.
    سنڌيت جي ثابتي سوگهي ڪري هنن اڳتي وک وڌائي. سنڌين ۾ اندرين ٻاهرين ڪونهي. هنن جي دل ڪشادي ۽ مهمان نوازي مهان آهي. سنڌو درياهه سچ پچ سنڌين کي نوڙت ۽ نياز ، ايڪانت ۽ ايڪتا ۽ روحاني راز جي سُرڪي پياري آهي. سنڌي مايا موهه کان پري آهن. پراون کي پنهنجو ڪرڻ ته ڪير کانئن سکي. سندن ۾ ڇوت ڇات ۽ ذات پات جو نانءُ نيشان ڪونهي. سندن هڪ ئي ذات آهي، اها آهي ”سنڌي“. هو هر جيت جڻيي ۽ منظر ۾ ڌڻيءَ کي ڏسڻ وارا آهن، سندن تي سڀني سنتن، پيرن، پيغمبرن جي آسيس آهي. سنڌي صحيح معنيٰ ۾ سيڪيولر آهن. هو سڀني ڌرمن جي عزت ڪندا آهن. ڀٽائي، سچل سامي، جهولي لعل، مخدوم بلاول، شاهه عنايت، بيدل، گرو نانڪ، برهما، وشنو، مهيش، سائين بابا، ڌن نرهنڪار، راڌا سوامي، هر ڌرم ۽ پنٿ لاءِ کين عزت آهي. هو زوريءَ ڌرم بدلجڻ جي سخت خلاف آهن. هو مندر، مسجد، مڙهيءَ ۽ درگاهه ۾ ساڳي سائينءَ جو ديدار ڪندا آهن. ساهتيه سماج جو عڪس آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته لڏ پلاڻ ۾ سنڌي سڀ ڪجهه ڇڏي آيا پر شاهه، سچل ۽ ساميءَ کي سيني ۾ سانڍي کڻي آيا. پنهنجون ريتون، رسمون، اٿڻي، وهڻي اڄ به ساڻ اٿن، سنڌي سچيءَ معنيٰ ۾ ”ساماجڪ پراڻي“ آهن. هنن پنهنجي روايتن ۽ قدرن رستي سڄي دنيا ۾ پنهنجي ڇاپ ڇڏي آهي. پنهنجي اٿڻي، وهڻي، ويس لباس جو ٻين تي اثر وڌو آهي. سنڌي ڪمائي به ڄاڻن، کائي به ڄاڻن، رهي به ڄاڻن، ميڙڻ ۾ سندن موهه ڪونهي. سنتن جي سکيا ”اڏيو پوءِ ڇڏيو“ جو مٿن گهرو اثر آهي.
    سنڌين کي ڄاڻ آهي جهڙو ديس تهڙو ويس. هو جتي رهيا اتان جا ٿي ويا، هو گجرات ۾ گجراتي، مهاراشٽر ۾ مرهٽا، پنجاب ۾ پنجابي بڻجي اڳتي وک وڌائي رهيا آهن. منجهن سخت گيري ۽ پردي جي رسم مشڪل سان ملندي. سنڌي جيڪي ڪالهه تائين پنهنجي ڌيئرن، ڀينرن کي تعليم کان پري رکندا هئا اهي اڄ کين هائر ايجوڪيشن ڏيڻ جي وڪالت ڪن ٿا. اڄ سنڌي ناريون، ايم ايل اي ۽ ايم پي اي بڻجڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿيون. وقت سان گڏ سنڌين جون ريتون رسمون به بدلجي رهيون آهن. سنڌي دنيا جي هر ملڪ ۾ هر ميدان ۾ هر وهنوار ۾ پاڻ ملهائي۽ پاڻ مڃائي رهيا آهن، هزارين سالن جي سڌريل تهذيب جا ڌڻي ۽ رکوال سنڌ پنهنجي سيڪيولر سوچ ۽ عمل ذريعي انتها پسندي آڏو هڪ بند ٻڌي بيٺل آهي. تصوف جو هڪ اهم مورچو اڏي بيٺل آهن.​
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سيڪيولر سوچ ۽ عمل جا رکوال زندهه دل سنڌي

    بهترين ادا ......................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو