سند منهنجي ساهءُ م۔

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ عبدالوهاب ابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2010۔

  1. عبدالوهاب ابڙو

    عبدالوهاب ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام عليڪم سنڌي ڀائرو آءُ حيدرآباد ۾ هڪ تنظيم جو وجود رگيو آهي جنهن جونالو نوجوان ابڙا ويلفيئر ايسوسئيشين رکيوآهي ڇا اهوٺيڪ آهي يا غلط ان تنظيم جي سڌاري لاء ۽ ان کي رجسٽريشن لاء منهجي رهنمائي ڪندا ۔

    يا خاموشي سا ن عزت ڇيو
    يا دانهن کي اجازت ڏيو
    يا ڏاڍن کي ذرا ڏايو
    يا هيڻن کي حفاظت ڏيو

    دوستو دعا ۾ ياد۔۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سند منهنجي ساهءُ م۔

    ڀائڙا عبدالوهاب، لک ٿورا اوهانجا جو اوهين سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڪهي آيا آهيو، اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ باقي اوهانجي ابڙا تنظيم بابت تازو اسانجي هڪ دوست هڪ افسانو لکيو آهي سو پيش خدمت آهي ۔۔۔ آ هن ڪهاڻي سان 100 فيصد متفق آهيان ۽ اسان سڀني کي سنڌ لا سوچڻ گهرجي نه ڪي صرف پنهنجي ذات لا ۔۔۔۔ بيشڪ خئير جو ڪم گهر کان شروع ٿيندو آهي پر جڏهن اسين قومي ٻڌي لا ڪم ڪنداسون ته اسين سنڌي آهيون ۔۔۔

    سورهيه
    مختصر ڪهاڻي
    زاهد ميراڻي

    فون جي گهنٽي وڳي، پريان ٻڌڻ ۾ آيو هيلو مائٽ، خوش آهيو“،
    چيومانس، ” جي، اوهان ڪير آهيو“،
    چيائين، ” توهان زاهد ميراڻي آهيو“،
    چيومانس، ” ها، مان زاهد ميراڻي آهيان“،
    چيائين ، ” مائٽ مان آهيان سورهه ميراڻي، ڪمال آ مون کي نه ٿو سڃاڻين“،
    چيومانس، ” نه، خير پنهنجو مقصد بيان ڪريو“،
    چيائين، ” مائٽ قوم خطري ۾ آهي، تنهنجي مدد گهرجي، تون هڪ سچو سياسي ڪارڪن آهين، صحافي آهين، دانشور آهين، ليکڪ آهين، ڪهاڻيڪار آهين، قوم کي تنهنجي سخت ضرورت“،
    پچيومانس، ” ڪهڙي قوم“،
    چيائين، ” ميراڻي قوم“،
    چيومانس،” مان ته ميراڻي قوم جو فرد ناهيان، مان ته سنڌي قوم جو فرد آهيان، ميراڻي ته منهنجي برادري آهي، قوم ناهي، آءُ سنڌي قوم کي برادرين ۾ ورهائڻ جي حق ۾ ناهيان“،

    چيائين،” مائٽ افسوس آهي، توهان سخت مايوس ڪيو، اسان ته توهان کي قوم جي اڳواڻي ڪرڻ جي لاءِ پيا عرض ڪيون ۽ اوهان مورڳو ميراڻين کي قوم ئي نه ٿا مڃون“،

    چيومانس، ” مون کي به اوهان مان اها اميد نه هئي جو اوهان مون کي سنڌي قوم جي اڳواڻ بجاءِ هڪ برادريءَ جي خسيس اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڏسندا، مون کي ميراڻي برادريءَ جو اڳواڻ ٿيڻ بجاءِ سنڌي قوم جو هڪ ادنى قومي ڪارڪن ٿيڻ تي فخر رهندو“

    چيائين،” مائٽ مٺڙا زور آهين، جهڙو ٻڌو سين، تهڙو ڏٺوسين“،

    چيومانس، ”اچو ته برادرين مان نڪري قوم ٿيون، برادرين ۾ ورهائي سنڌي قوم کي ختم ڪرڻ واري دشمنن جي سازشن کي ناڪام بنايون، جيڪڏهن قوم بچي وئي ته برادريون به بچي وينديون، اصل ۾ اسان جون برادريون ئي ته گڏجي قوم ٺاهن ٿيون، برادرين جي گڏجڻ کان سواءِ ڪابه قوم ٺهي نه ٿي سگهي، اچو ته قوم بچائڻ لاءِ جدجهد ڪريون، برادرين جي خدمت کان ڪوئي ڪنهن کي نٿو روڪي“،

    چيائين، ”واه مائٽ مٺڙا، سچ ٿو چوين دشمنن اسان جي قوم کي برادرين ۾ ورهائي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، اڄ کان پوءِ اهو توسان مڙساڻو وعدو آهي ته برادريءَ جي خدمت ڪبي ۽ سنڌي قوم جي بقا، خوشحالي ۽ آجپي جي لاءِ هر محاذ تي جدوجهد ڪبي، ضرورت پئي ته جنگ به ڪبي“،

    سورهيه ميراڻي جوش ۾ اچي چيو، ” مائٽ مٺڙا سورهيه آهيان، سورهيه ٿي مرندس، بس تنهنجن ٻن لفظن مت ڏيئي ڇڏي، هن موڪلائيندي چيو، ” مائٽ مٺڙا ”جيئي سنڌ“ ۽ ”سنڌي“ قوم“،

    چيومانس، ” سدا جيئي“.
     
  3. جميل

    جميل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سند منهنجي ساهءُ م۔

    ادا واعليڪم سلام۔
    اوهان جي محنت انشاءُالله رنگ لائيندي ڀائو محنت ڪندا رهو اسان دوستن جون دئائواوهان سان گڏ آهن







    ائين اميدن جا ڏيئا جلائيندا اچو، ڪاريون راتيون نيٺ ته ختم ٿينديون۔
     
  4. عبدالوهاب ابڙو

    عبدالوهاب ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سند منهنجي ساهءُ م۔

    مٺڙا ڀاءُ نثار ابڙو۔
    اوهان هي ٻڌايو ته اسان جي سنڌ م اها ڪهڙي تنظيم آهي۔ جنهن جي پليٽ فارم تي بيهي پنهجي مٺڙي سنڌ جي
    حقن لاءِ پاڻ پتوڙجي۔مون کي پنهنجي سنڌ اهڙو ڪو ليدُر نظر نثو اچي
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سند منهنجي ساهءُ م۔

    واھ واھ سائين
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سند منهنجي ساهءُ م۔

    سهڻا دوست عبدالوهاب، اوهانجي جڏهن دوستي جو پيغام مليو ۽ نالو عبدالوهاب ابڙو پڙهيم ته هڪدم اهو خيال آيو ته منهنجو ڀائٽيو عبدالوهاب اچي سنڌ سلامت تي نڪتو آهي، پر جڏهن اوهانجي تصوير ڏٺم ته خبر پئي ته نه هي عبدالوهاب ضرور آهي پر مون وارو ڀائٽيو نه ۔۔۔ خئير اسانجو رشتو ته پاڻ ۾ ڀائرن وارو آهي ئي، ڇاڪاڻ ته هڪ ڌرتي، هڪ زبان ۽ هڪ ئي ثقافت رکندڙ پاڻ ۾ هڪ جان هوندا آهن، سندن سڀ مفاد هڪجهڙا هوندا آهن ۔۔۔ انڪري اسين پاڻ ۾ ڌرتي ڄاوا ڀائر آهيون ۔۔۔۔

    دوست اوهان منهنجي جواب جي جواب ۾ سوال ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڪا تنظيم يا سنڌ ۾ ڪو اڳواڻ اهڙو ناهي جنهن سان ڳنڍجي پاڻ پتوڙجي ۽ سنڌ جي آجپي واري ويڙهه ۾ سوڀ ماڻجي ۔۔۔؟

    بيشڪ هن وقت سنڌ جون سڀ جو سڀ سياسي تنظيمون (قومي ۽ وفاقي) ڀنڃ ڊاهه جو شڪار آهن ۔۔۔ بيشڪ سڀ جا سڀ اڳواڻ بي واها ۽ قوم پرستي جي بجا خود پرستي واري بيماري ۾ مبتلا آهن ۽ قوم جي رهنمائي ڪرڻ جي قابل ناهن رهيا ۔۔۔ (ممڪن اهو انڪري به هجي ته سنڌي قوم کي غلاميءَ ۾ رهندي ٻن صدين کان به گهڻو وقت گذريو آهي)

    پر ڇا انجو حل اهو آهي ته؛

    اسين قوم کي اڃان وڌيڪ ڀاڱن ۾ ورهائي، انجي ايڪن کي ٽوڙي مروڙي سنڌ جي آجپي واري جدوجهد کي اڃان ڪمزور ڪريون ۔۔۔؟

    اڄ سنڌ ۾ ذات پرستي ۽ قبيلائي جهيڙن سبب جيڪا حالت آهي سا اسانجي اکين کولڻ لا ڪافي ناهي ۔۔۔؟

    ڇا اسين بجا ڪنهن صحي پاسي رخ ڪرڻ جي غلط پاسي ڏانهن هلڻ شروع ڪريون ۔۔؟

    نه دوست نه، اسانکي قوم جي نظم کي سمجهڻو پوندو، قوم جي ٻڌي ۽ ايڪي لا ڪم ڪرڻو پوندو ۔۔۔ اوهان جهڙا قومپرست ۽ سلڇڻا پاڻ پتوڙڻ جهڙا سورهيه ماڻهون، قومي ليڊرن ۽ تنظيمن کان دل شڪسته ٿي پوندا ته پو اسان جهڙن سست ۽ قلم سان ويڙهه ڪرڻ وارن جو حال ڇا ٿيندو ۔۔؟

    سماجُ مختلف ايڪن جو مجموعو هوندو آهي، جنهن جي شروعات هڪ فرد ۽ پو گهر کان ٿيندي آهي ۽ اهڙي طرح وڌندي وڌندي قومي شڪل اختيار ڪندي آهي، ذاتيون، برادريون ۽ قبيلا پڻ ان قوم جو ايڪو هوندا آهن پر جي اهي فرد، گهر يا قبيلا پاڻ کي قوم کان ڌار ڪري صرف پنهنجن مفادن جي ڳالهه ڪندا ته پو ڌاريو حڪمران ان قوم جي ايڪن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري، انهن ۾ جهيڙا ڪرائي پنهنجي ڏاڍ مڙسي قائم ڪري وٺندو آهي ۔۔۔

    اچو ته اسين سڀ واڌو سوچ سان، خبرداري سان پنهنجي قوم جي اتحاد کي وڌيڪ ٽٽڻ کان بچائي وٺون ۽ قوم جي ڳيڄي ۾ پيل پاڪستان جي ڦاهي کي ڍرو ڪري سڪون حاصل ڪريون ۔۔۔ تون ۽ مان هن قوم جون اڪايون آهيون، تنهنجي ۽ منهنجي گڏجڻ سان ئي قوم ٺهندي پر جي تون تون آهين ۽ مان مان آهيان ته پو قوم جو الله واهي ۔۔۔۔

    ڳالهيون ته گهڻي ئي آهن ۽ اوهانجي لکڻ ۽ سوچڻ واري انداز مان اها به خبر پوي ٿي ته اوهان قوم جي بڇڙائن ۽ چڱائڻ مان پڻ بخوبي واقف آهيو ۔۔۔ ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو جي ڪهاوت جيئان مونکي گهڻي لکڻ جي ضرورت ناهي ۔۔۔ (ٽٽون ۽ تازي ٻئي گهوڙن جا قسم آهن)


    جيهــــــا ڪـــــــي تيــــــها، مـــــــون مــــارون مـــڃيـا،
    مــــون جيڏيـــــون مليـــــر ۾ چونـــڊن مـــوڪ مـها،
    منهنجي آهه اها ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سند منهنجي ساهءُ م۔

    سائين نثار صاحب آءُ اوهان جي ڳالهه سان سهمت آهيان۔
    ۽ ڀاءُ زاهد ميراڻيءَ کي به شابس هجي گهري سوچ رکڻ لاءِ“
    طاهر ميراڻي سنڌي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو