پي ٽي وي جو سنڌي شعبو زوال پذير ڇو۔ سيد جاويد مير پاڪستان ٽيلويزن جي آڳاٽي دور تي نظر وجهنداسين ته انتهائي شاندار ماضي اسان جي ثقافت جو حصو رهيو آهي. سٺا ڊراما، سٺا اداڪار، سٺا ليکڪ، سٺا پروڊيوسر، سٺا شاعر، سٺا ڳائڻا، سٺا موسيقار ۽ ڪمپيئرز اڄ به ڏسندڙن جي ذهنن تي نقش آهن. انهن مان مرحومه غزاله رفيق، اقبال ترين، قربان جيلاني، اي آر بلوچ، شهزادي، روشن عطا، عبدالحڪيم کوسو، انور سولنگي، عبدالڪريم بلوچ، ممتاز مرزا، محمود صديقي، شفيع محمد شاهه، يوسف علي، مشتاق جسڪاڻي، منصور بلوچ، گل بانو، هارون رند، سيد صالح محمد شاهه، سيد ظفر حسن شاهه، اسلم آزاد، منظور قريشي، ممتاز ڪنول، غلام علي، فيروز دين، شمشيرالحيدري، آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجو، فيروز گل، علڻ فقير، سينگار علي سليم، استاد محمد جمن، ماسٽر ابراهيم، روبينه قريشي، فريد نواز بلوچ، نور محمد لاشاري، غزل صديق، قيصر نظاماڻي، منظور سخيراڻي، نورالهديٰ شاهه، شوڪت ڪيهر، محمد بخش سميجو، فيض ٻگهيو، اعجاز عليم عقيلي جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. جن جي محنتن ۽ ڪاوشن سان پي ٽي وي جا سنڌي پروگرام هر سنڌي جي پسند بڻجي ويا. ڊراما سيريل دنيا ديواني، راڻيءَ جي ڪهاڻي، هٿين گل ميندي، بينسر ادل جي، اڄ، روپ هزار، پارس، چهچٽو، پرک، لطيفي لات، گهڙيال، رس چس، سام، سنڌ سينگار، سڳنڌ، محفل، مخزن، منزل، خان صاحب جهڙا سهڻا پروگرام نه وسرڻ جهڙا آهن، جيئن ته تڏهن سنڌي سيڪشن جو انچارج ممتاز مرزا هوندو هو ۽ وري پي ٽي وي ڪراچي مرڪز جي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ صاحب جي هوندي سنڌي پروگرامن جو معيار به اوچو هو، پر اهو اوج ان وقت گهٽجڻ لڳو جڏهن 83-1982ع ۾ پي ٽي وي تي سياسي بنيادن تي اسسٽنٽ پروڊيوسر جون ڀرتيون ٿيڻ لڳيون، اهي ماڻهو پروڊڪشن ۾ اچي ويا جن کي پروڊڪشن جي الف بي جي خبر به نه هئي. ان جي نتيجي ۾ سنڌي پروگرامن جو معيار گهٽجندو ويو، ان ۾ ويتر ٻيڙو تڏهن ٻڏو، جڏهن سائين ممتاز مرزا پي ٽي وي ڇڏي ثقافت کاتو جوائن ڪيو ۽ محترم عبدالڪريم بلوچ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي ويو. پي ٽي وي جو اسڪرپٽ سيڪشن جيڪو ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. ان جو انچارج هڪ اڻ ڄاڻ شخص کي مقرر ڪيو ويو، جنهن کي سنڌي پروگرامن جو ڇا ٽي وي پروڊڪشن ۽ اسڪرپٽ جو ڪوبه تجربو نه هو پر وري ظلم اهو ٿيو ته هڪ اسسٽنٽ ڪئميرا مين اسڪرپٽ پروڊيوسر يونين جي آڌار تي مقرر ٿي ويو، يعني سائين شمشيرالحيدري، عبدالقادر جوڻيجي جهڙن لکندڙن جي اسڪرپٽ کي اهو محترم ايڊٽ ڪندو هو. ان کان وڏو سنڌي پروگرامن ۽ سنڌي ماڻهن تي ڪهڙو ظلم هوندو، اڄ ڪلهه وري نوان سيکڙاٽ ڊائريڪٽر ڀرتي ڪيا ويا آهن، جن سنڌي پروگرامن کي بلڪل نه ڏسڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي ياد آهي ته هڪ ڀيرو اسٽيج شو پرک ۾ وڃڻ لاءِ سفارش سان ڪارڊ ورتا هئاسين، پر هال ۾ ايتري ته رش هئي جو اضافي ڪرسيون لڳائي ويٺاسين. ان پرک جو حال هاڻي اهو آهي ته هڪ ننڍي اسٽوڊيو ۾ پنجويهه ٽيهه ماڻهو ويٺا آهن ۽ اهي ماڻهو اهي آهن جيڪي لاڳيتو ڏهن هفتن کان اچن پيا ۽ انعام کٽي انهن کي پاوس پيا ڪن، جيڪي کين هر هفتي پروگرام ۾ ويهارين ٿا. اسلم آزاد جي ڪمپيئرنگ اڄ به اسٽيج شوز لاءِ هڪ مثال آهي. سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن جو واحد پروگرام ڪچهري جيڪو محترم سيد صالح محمد شاهه جي آواز ۽ سندس ڄاڻ ڪري مشهور هو. ان کي هاڻي عجيب غريب بڻايو ويو آهي. سٺن سگهڙن جي بجاءِ انهن کي پروگرام ۾ گهرايو ويندو آهي جيڪي پروڊيوسرن لاءِ ماکيءَ جا شيشا يا اصلي گيهه کڻي اچن. ساڳيو حال موسيقيءَ جي پروگرامن جو آهي. استاد فيروز دين، فيروز گل، ماستر غلام علي ۽ استاد محمد جمن جي لاڏاڻي کان پوءِ موسيقي ته يتيم ٿي ويئي آهي اسان جي پروڊيوسرن جي ذهن جو اندازو لڳايو ته هڪ سازندي نذير مارٽن جنهن کي سنڌي پڙهڻ ته ٺهيو سنڌي سمجهه ۾ به نٿي اچي، ان کي سنڌي موسيقار بڻايو ويو آهي ۽ اهو ۽ ٻيا دل کولي سنڌي موسيقيءَ جي مستقبل کي اونداهون ڪري رهيا آهن سنڌي سيڪشن جو اهم شعبو ڊرامو، جيڪو ناٽڪ سڀا ۽ ناٽڪ رنگ جي نالن سان ٿيندو رهيو آهي هاڻي سنڌي ڊرامن ۾ اهي اداڪار ڪم ڪري سگهن ٿا، جيڪي يا ته پروڊيوسر جا دوست هجن يا وري پروڊيوسرن کي ڪا سٺي آفر ڏين. ڇو ته هاڻي اداڪارن لاءِ باقاعدي هڪڙو پئڪيج آهي جيئن ڪنهن علائقي جو نئون ايس ايڇ او لڳندو آهي ته جلد کان جلد پنهنجا کيسا ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي خبر نه آهي ته ڪڏهن سندس ٽرانسفر آرڊر اچي وڃي. ائين ئي ڊرامي جو پروڊيوسر سيريل ڪرڻ مهل اداڪارن سان پئسن جي ڊيل ڪري وٺندو آهي خبر نه آهي ته وري ڪڏهن ڊرامو ملي. ان ڪري هاڻي ڊرامو تيزيءَ سان زوال ڏانهن وڌندو پيو وڃي. وري ڳالهه ڪجي انهن سنڌي اداڪارن جي جيڪي مشهور ته سنڌي ڊرامن مان ٿيا پر هاڻي سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ پنهنجي شان جي خلاف سمجهن ٿا. ڪو وقت هو ته اهي ئي اداڪار سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آتا هوندا هئا، سنڌي سيڪشن لاءِ رڳو دعا ئي ڪري سگهجي ٿي ڇو ته ڪٿي به ڪنهن بهتريءَ جا ڪرڻا نظر نٿا اچن. بشڪريه عوامي آواز