نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! هي نسخو اسانجي محترم اديب، شاعر ۽ حڪيم سائين شمشير الحيدري جي ٿورن سان مليو آهي، تمام ڪارائتو نسخو آهي ۔۔۔ ۽ جيڪي دوست حڪمت کان واقف آهن سي هن نسخي جي اهميت ڄاڻيندا هوندا ڇاڪاڻ ته اهو ساڳيو نسخو ٿورڙي فرق سان سموري دنيا ۾ استعمال ٿئي ٿو ۔۔۔ ان ساڳئي نسخي ۾ ٿورڙي ڦير گهير ڪبي ته دل جي بيمارين ۾ پڻ مفيد ٿيندو آهي ۔۔۔ ان ڦير گهير وارو نسخو پڻ اوهان دوستن سان جلد ونڊ ڪبو ۔۔۔
شفا ڏيڻ وارو هڪ الله آهي، باقي انسان صرف پنهنجي وس آهر پنهنجي دوا درمل جو خيال ڪري ته “ همٿ مردان مدد خدا” جي مصداق انسان جي طبيعت ۾ آرام رهي ٿو ۔۔۔
بسم الله ۔۔۔
Remedy of High Blood Pressure/Cholesterol and Evil Bacteria in Human Body
فشار دم ( رت جو مٿيون دٻاءُ)، چرٻي گهٽائڻ ۽ بيماريون پئدا ڪندڙ جيو-گهرڙن کان بچاءَ جي دوا
شين جي فهرست
مقدار ۔۔۔۔ نالو شئي جو
1 ڪوپ ۔۔۔۔ ماکي (اصل)
1 ڪوپ ۔۔۔ صوف جو سرڪو (Apple Vinegar)
8 ڳڙيون ۔۔۔ ٿوم
ٿوم جي وزن جيترو ادرڪ
ٺاهڻ جو طريقو؛
1. سڀني شين کي جوسر مشين ۾ وجهي هڪ منٽ لاءِ پيڙهجي
2. پيڙهيل شين کي صاف شيشي جي برنيءَ ۾ وجهي، ڍڪ چڱيءَ طرح بند ڪجي ته جيئن هوا بند ٿئي ... (ممڪن هجي ته ڍڪ جي مٿان ٽيپ ويڙهي ڇڏجي)
3. برنيءَ کي فرج ۾ يا ڪنهن ٿڌيءَ جاءِ تي 5 ڏينهن لاءِ رکي ڇڏجي ....
Dosage:
کائڻ جو وزن ۽ طريقو؛
روزانه 2 چانهن وارا چمچا، صبح جو نيراني (خالي پيٽ) عام پاڻيءَ(هڪ گلاس) سان کائي ڇڏجن

الله شافي الله ڪافي