جي توهانجي جسم جي مٽيءَ ۾ پاڪ ۽ سُهڻي سنڌ سڳوريءَ جي مٽي سمايل ۽ شامل آهي ته

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏22 نومبر 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جي توهانجي جسم جي مٽيءَ ۾ پاڪ ۽ سُهڻي سنڌ سڳوريءَ جي مٽي سمايل ۽ شامل آهي ته

    نظرياتي نعرا ڇا به هُجن،پر جي توهانجي جسم جي مٽيءَ ۾ پاڪ ۽ سُهڻي سنڌ سڳوريءَ جي مٽي سمايل ۽ شامل آهي،جي توهان ست هزارسالن جي سولائيزڊ قوم جا حقيقي دعويدار آهيو، ۽ فخر ڪرو ٿا ته ٿابت ڪريو ۽ ڊسمبر جو مهنو اڇڻ سان ئي، پهرين ڊسمبر کان ئي گهر ،گهٽي،محلو،...آفيس،هر جڳه تي توهانجو اتحاد ڏسڻ ۾ اچي،پنهنجي سنڌ ڪارڊ کي فخر سان استعمال ڪريو۽ ڊسمبر جو مهنو پاڻ کي سنڌي ٽوپي،اجرڪ ۽ پٽڪي سان اوڙهي نروار ڪريو ۽ متحد ٿي سنڌ ۽ سنڌي دُشمنن کي اهو پيغام ڏيو ته هي قوم هر حالت، هر مُصيبت ۾ مُتحد آهي ۽ يقين ڪري ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو ماري به اُس ۾ ڦٽو ڪري نه هليو ويندوSee More



    What Ever You are! Where Ever You Are! Which is Your Creed, Community! Political Affiliation; If you Claim most Civilized 7000 Years an ancient Cultural NATION (Sindhi) Play Your SINDH CARD proudly & be United, Celebrating Sindhi Culture Month Every DECEMBER, Wearing AJRAK & TOPI; No matter which date of DECEMBER you have choose, Be proud Say SINDHI NATION. Come on Grounds in the Globe With Sindhi Colors (Ajrak, Topi & Patko)

    توهان ڇا به آهيو، ڪير آهيو، ڪٿي جا آهيو، توهانجو عقيدو ڇا به کڻي هُجي، توهانجي قوم ڪهڙي به هُجي، توهان جا سياسي ۽ نظرياتي نعرا ڇا به هُجن، پر جي توهانجي جسم جي مٽيءَ ۾ سنڌ جي مٽي سمايل آهي، جي توهان ست هزارسالن جي سولائيزڊ قوم جا حقيقي دعويدار آهيو، ته ڊسمبر جو مهنو اڇڻ سان ئي، گهر گهت، گهٽي گهٽي، محلو ، آفيس، هر جڳه تي توهانجو اتحاد ڏسڻ ۾ اچي، پنهنجي سنڌ ڪارڊ کي فخر سان استعمال ڪريو ۽ پاڻ کي هي پورو ڊسمبر جو مهنو سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪي سان نروار ڪريو ۽ متحد ٿي ڏيکاريو ته سنڌي قوم ئي دنيا جي واحد جهموريت ۽ عوام دوست نيشن آهي، ڪو مسئلو ناهي جو اسان ڊسمبر جي ڪابه تاريخ ايڪتا يا ڪلچر ڊي لاءِ ڳوليون، مقصد هڪ هُئڻ گهرجي

    क्या कभी आप कर रहे हैं! जहां कभी तुम हो! जो अपने पंथ, समुदाय है! राजनीतिक संबद्धता, यदि आप ज्यादातर सभ्य 7000 साल का दावा एक प्राचीन सांस्कृतिक (सिन्धी) आपका सिंध कार्ड गर्व से चलायें और यूनाइटेड, मनाना सिन्धी संस्कृति महीना हर दिसम्बर हो सकता है, और टोपी पहने हुए AJRAK राष्ट्र, कोई फर्क नहीं पड़ता दिसंबर की तारीख जो आप चुनते हैं, पर गर्व है सिन्धी राष्ट्र कहो. सिन्धी रंग के साथ
    ग्लोब (Ajrak, टोपी और Patko) के मैदान पर आओ

    جهڙيءَ طرح سج جي روشني انسان لاءِ لازمي هوندي آهي پر اُها پنهنجي ڪارائڻ ۽ نشان به چهري تي ڇڏي ويندي آهي، اهو عمل ته لمحن جو هوندو آهي پر اهي شيڊ يا ڪارائڻ لاهڻ لاءِ وڏي جدوجهد ۽ وقت لڳندو آهي ۽ طرح طرح جو وينشنگ ڪريمون استعمال ڪبيون اهن. اهڙيءَ ئي طرح ۷۰۰۰ سالن کان جيڪي اُڌماءَ ۽ اڻانگيون سنڌي قوم مٿان آيون ۽ رهيل سهيل ڪثر سنڌي وڏيرن، جاگيردارن ۽ اُنهن جي ڇاڙتن پوري ڪري ڇڏي، اها دلين تان ڪٽ لاهڻ آسان ڪونهين ها ممڪن ضرور آهي پر وقت ضرور لڳندو اها حقيقت ۽ سچائي آهي. ڇا پڙهيل سنڌي طبقو، ڇا جاهل ۽ اٻوجهه سنڌي قوم ۾ انا پرستي٫ جو مرض تمام جسم ۾ گهر ڪري ويو آهي جيسين اهو نه لهندو تيسين هي قوم اڳتي نه وڌندي، ڏسو نه ٽوپي اجرڪ جي هڪ ڏينهن ته ڪو به متفق ناهي، تڏنهن ته چئون ٿا ته هنن کي وڌيڪ ڏينهن ڏيو ته پورو سمورو ڊسمبر سنڌ رنگن سان رچجي اچي متان سنن جي دل جو ميل لاهي وجهي. توهان پرواه نه ڪريو انشا الله اهو ڏينهن ضرور ايندو ۽ سنڌي قوم هڪ پليٽ فارم تي هوندي ۽ اُهو آهي سنڌ ڪارڊ.

    أي وقت مضى ما أنت! أي وقت مضى حيث أنت! الذي هو عقيدتكم ، والجماعة! الانتماء السياسي ، وإذا كنت المطالبة الأكثر تحضرا 7000 سنة أمة الثقافية القديمة (السندية) عبك السند بطاقة بفخر ويكون المتحدة ، الاحتفال السندية شهر ديسمبر من كل ثقافة ، وارتداء AJRAK وتوبي ، وبغض النظر عن تاريخ ديسمبر عليك ان تختار ، كونوا فخورين يقول الأمة السندية. هيا مبررات في العالم مع ألوان السندية (Ajrak ، توبي وPatko)

    توهان ڪير آهيو، ڪٿي آهيو، هند ۾ يا سنڌ ۾، امريڪا ۾ ڪئناڊا ۾، يورپ ۾ يا پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾، پر جي توهان جي جسم جي مٽيءِ م سنڌ جي مٽي شامل آهي ۽ توهان سنڌوءَ جي ٻنهين ڪنارن تي رهندڙ قومون آهيو ته توهان يقينن سنڌي آهيو ، واديءَ مهراڻ جا پُراڻا باشندا ۽ پنهنجي ستن هزاي سالن کان پُراڻي تهذيب جا دعويدار، پوءِ ڇو نه پنهنجو سنڌ ڪارڊ فخر سان استعمال ڪري، اسٽيبلشمينٽ ۽ اُنهن جي ڇاڙتن، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ازلي دُشمنن ، بشمول پيلي صحافت ۽ بليڪ ميلر ۾يڊيا ،جنگ ، جيو ۽ نيشن ،کي اهو کُلو پيغام ڏيو جيڪي هر دئور ۾ هر ڊسمبر جي مهني جي ڪهڙي به تاريخ جيڪا اوهان چُوز ڪئي آهي، پنهنجن ڪاروباري اختلافن يا نظرياتي اختلافن جي ڪري، سڀ ڀُلائي هڪ سنڌي سپوت ٿيڻ جو مثال بڻجو، پوري قوم توهان سان گڏ آهي، پاڻ ۾ سچي ليڊر شپ پئدا ڪريو، مُتحد ٿيو، انا ۽ ايگو جو مسئلو نه بڻايو، قوم توهان سان هر تاريخ تي گڏ هوندي،پوءِ ڀلي توهان اُن جا ووٽ وٺي به غير سنڌين کي فوقيت ڏيو، ادان ۾ اُنهن جون ترقيون ڪريو، انهن کي بيروزگار ڪريو، اُنهن جي نالي تي نوڪريون پنهنجن ڇاڙتن هٿان وڪو، قوم کي سموري ڄاڻ اهي، پر قوم ڀُتو شهيدن جي قربانين کي نٿي وساري، اھي به توهان جي اوسيئڙي ۾ آهي ته ، ڪئمپن ۾ وڃي، سيلاب زدگان جي خير خبر لهو، بي گهر سنڏين ۽
    http://www.facebook.com/profile.php?id=1648187548#!/note.php?note_id=10150092409895100&id=1257445178
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جي توهانجي جسم جي مٽيءَ ۾ پاڪ ۽ سُهڻي سنڌ سڳوريءَ جي مٽي سمايل ۽ شامل آهي ته

    عبدالرزاق صاحب اسين اوهانجي انهن ڳالهين سان سهمت ٿيندي، دنيا جي سڀني سنڌين کي گذارش ڪنداسون ته هو سنڌ جو ڏهاڙو شان ۽ شوڪت سان ملهائي پنهنجي قومي ثقافت سان ايڪي جو ثبوت ڏين ۽ سنڌ دشمن طاقتن کي ٻڌائن ته سنڌي هڪ آهن ۽ هڪ مٺ ٿيا ته سندن خئير ناهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جي توهانجي جسم جي مٽيءَ ۾ پاڪ ۽ سُهڻي سنڌ سڳوريءَ جي مٽي سمايل ۽ شامل آهي ته

    جي سائين بلڪل ..............
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: جي توهانجي جسم جي مٽيءَ ۾ پاڪ ۽ سُهڻي سنڌ سڳوريءَ جي مٽي سمايل ۽ شامل آهي ته

    بلڪل صحيح آهي، پڙهيل لکيل سنڌين ۾ به انا پرستي آهي، جنهن ڪري سنڌي قوم کي صحيح ليڊر شپ ملي نٿي، هر سنڌي پنهنجي پنهنجي هڪ انچ جي مسجد ٺاهي ويڄو آهي، مقصد مڙني جو هڪ، پوءِ به.
    توهانجو عقيدو ڇا به کڻي هُجي،توهانجي قوم ڪهڙي به هُجي،توهان جا سياسي ۽ نظرياتي نعرا ڇا به هُجن،پر جي توهانجي جسم جي مٽيءَ ۾ پاڪ ۽ سُهڻي سنڌ سڳوريءَ جي مٽي سمايل ۽ شامل آهي،جي توهان ست هزارسالن جي سولائيزڊ قوم جا حقيقي دعويدار آهيو، ۽ فخر ڪرو ٿا ته ٿابت ڪريو ۽ ڊسمبر جو مهنو اڇڻ سان ئي، پهرين ڊسمبر کان ئي گهر ،گهٽي،محلو،آفيس،هر جڳه تي توهانجو اتحاد ڏسڻ ۾ اچي،پنهنجي سنڌ ڪارڊ کي فخر سان استعمال ڪريو۽ پورو ڊسمبر جو مهنو پاڻ کي سنڌي ٽوپي،اجرڪ ۽ پٽڪي سان اوڙهي نروار ڪريو ۽ متحد ٿي سنڌ ۽ سنڌي دُشمنن کي اهو پيغام ڏيو ته هي قوم هر حالت، هر مُصيبت ۾ مُتحد آهي ۽ يقين ڪري ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو ماري به اُس ۾ ڦٽو ڪري نه هليو ويندو. رهي ڏينهن جي ڳاله ته اهو ئي هن قوم ۾ پرابلم آهي ايگو ۽ انا پرستيءَ جو جياهو نه هُجي ته سنڌيءَ جي هر ڇت علحده نه هُجي ها. الله ساڇه ڏيندن، توهان هر ڏينهن هر طرفان ملهايو ۽ سنڏ رنگن سان رنگي ڇڏيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو