ادا نثار ابڙا جُڙيو هُجين شل۔ مونکي افسوس آهي جو مان توهانجي ننڍڙين سنڌياڻي نياڻين جو استقبال ڪري نه سگهيس، سنڌي سڀيتا ۽ سنڌي لباس پهريل تصويري صورت ۾ توهان جي نياڻين کي ڏسي اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها وهي پيا، ته اسان جا سنڌي ڀائر پنهنجي سنڌي تهذيب جي لاڄ رکندا اچن ۽ سنڌي ثقافت کي دل ۾ سانڊيو اچن۔ الله سائين ادا نثار سدائين توهان کي اها سوڀ ڏي جو جيجل سنڌ ڌرتي جي شان مان ۾ ائين ئي محبتن سان چاهتن سان واڌارو آڻيندا رهو۔ انهن نياڻين جو مون مٿان هڪ قرض رهيو ڇو جو سنڌي وڏڙن جو اهو وڙ رهيو آهي ، جو جيڪا به سنڌي نياڻي ڪنهن اڱڻ تي ايندي آهي ته کيس مٿي تي هٿ رکي ڪجهه نه ڪجهه ڏبو آهي، جيئن ته فورم ۾ عمر جي حساب سان سڀ کان وڏو مان آهيان ۔ڏيڻ جي حساب سان توهان جي نياڻين کي کوڙ ساريون دُعائون ڪري ٿو ڇڏيان باقي، ذاتي طور جڏهن به اهي نياڻيون توهان جي وساطت سان ڪڏهن به مونسان مليون ته سندن خرچي مون وٽ امانت رهي۔ بس ادا نثار جڏهن به توهان سنڌ وطن واپس ورو ته انهن نياڻين سان مونکي ضرور ملائجو۔ ادا نثار دير سان جواب ڏيڻ جي معذرت ٿو وٺان۔ مُنهنجي حالات جي توکي سموري ڄاڻ آهي۔ الله سائين توکي ۽ تُنهنجي سمورن پيارن کي هميشهه خوشيون عطا ڪري آمين
ادا نثار ناز
حق موجود؛
مون واري ان حق موجود تي ڪالهه هڪ اي ميل آئي ته حق ڪٿي موجود آهي؟ ظلم ئي ظلم آهي ...
ادا سائين حق جو ته چوڻ آهي ته نه کيس ننڊ ايندي آهي ۽ نه کيس ننڊ جو ڪو جهوٽو پوءِ سائين شمشير چواڻي هي ناحق ڇو موجود؟
ادا ناز؛
اوهانجا لک ٿورا جو همٿائيندا رهو ٿا ... ڀائڙا اوهانکي منهنجيون نينگريون سٺيون لڳيون ۽ سندن ثقافتي رنگ پڻ ... منهنجو مقصد به اهو ئي هو ته سرتين جو ڪالم خالي آهي ته ڇونه ان جو فائدو وٺجي ۽ سنڌي لباس جي ڪجه تعريف به ٿي وڃي ...
سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جون مهربانيون ... خاص ادي رشيد جون جنهن پڻ انکي ساراهايو ...
ٻين سڀني دوستن جن دعائون ۽ خئير برڪت جون تمنائون، منهنجي نياڻين لاءِ ڪيون آهن، الله کين جي اولاد کي به سکيو ستابو ۽ ايمان جي دولت سان ٽمٽار رکي ...
سائين ناز!
ڇونه، جڏهن اچبو ته ميلو به ٿيندو ۽ اوهان کان خرچي به وٺبي ... ادا سائين اوهان واري خرچيءَ تي مونکي هڪ واقعو ياد اچي ويو آهي، ڇونه اوهان سان ونڊ ڪجي ...
ادا هڪ ڏينهن (ڪجهه سال اڳ) منهنجي ننڍڙي نياڻيءَ مونکا سوال ڪيو هو ته؛
بابا، اوهين هر هر سعودي ڇو ٿا وڃو؟
مون وراڻيو؛ بابا پئسه ڪمائڻ ..
نياڻيءَ سوال ڪيو، ڇو سنڌ ۾ پئسا ناهن ڇا؟
مون جواب ڏنو، بابا پئسا ته آهن پر الائجي ڇو پنهنجي نصيب ۾ ناهن؟
نياڻيءَ وڏي معصوميت سان چيو، بابا اوهان نه وڃو، مونکي جيڪا خرچي ملندي سا سموري اوهانکي ڏيندس ... پوءِ ته اوهان نه ويندا نه ...
موٽ ۾ مون، پنهنجي اکڙين مان ڳوڙها اگهي، کيس پيار جو هٿ مٿي تي ڦيرايو هو ...
الله اسان سڀني لاءِ سنڌ ۾ رزق حلال جا دروازا کولي ته جيئن ڪو مون جيئان ان مامري ۾ نه پوي ... آمين
سدائين گڏ