ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي رسم الخط

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي رسم الخط​


    انيلا انور
    انگريز اسڪالر ڊاڪٽر ٽرمپ ارنيسٽ جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو ترتيب ڏنو جنهن ۾ هن پنهنجي ئي تيار ڪيل سنڌي رسم الخط استعمال ڪئي، 1939ع ۾ ترتيب ڏنل سنڌي رسم الخط۾ هن سرڳ ۽ اوسرڳ جو ڏيندڙ آواز هڪ ٻئي جي ڀر ۾ رکڻ بدران ڌار ڌار ڪري لکيا، انهن کي گهڻو ڪري مخرجن جي بنياد تي رکيو ويو جيئن ب،ٻ، پ،ڀ آوازن جو مخزن Point of articulation ٻئي چپ آهن تنهن ڪري انهن کي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ رکيو ويو هي ترتيب به گهڻو نه هلي سگهي ۽ 1960ع ۾ ٽيهر سنڌي بورڊ پاران ان ۾ تبديلي آندي وئي.
    ا،ب،ٻ،ڀ،ت،ٿ،ٽ،ٺ،ث،پ،ج،ڄ،جهه،ڃ،چ،ڇ،ح،خ،ڊ،ڌ،ڏ،ڊ،ڍ،ذ،ر،ڙ
    ،ز،س،ش،ص،ض،ط،ظ،ع،غ،ف،ڦ،ق،ڪ،ک،گ،ڳ،گهه،ڱ،ل،م،ن،ڻ،و،هه،عه،ي.
    سنڌي رسم الخط جي ابتدا: -
    خواجڪي اکرن جو سنڌي رسم الخط جي ارتقا ۽ تاريخ ۾ چڱو حصو آهي. ان جي ترقي ۽ ترويح ۾ پير صدرالدين جو گهڻو هٿ هو، پير صاحب اسماعيلي فرقي جو داعي هو. لوهاڻڪي خط ۾ پير صاحب ڪي ماترائون شامل ڪري رائج ڪيو. اهو چاليهه اکري يا خواجڪي سنڌي سڏجي ٿي. هن رسم الخط ۾ لکيل ڪتاب اڄ به دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اسماعيلي پڙهن ٿا. انهن قديم رسم الخطن کي پنهنجو پنهنجو اثر جو دائرو هو. وقت گذرڻ سان ايترو ٿيو جو هندن ۽ مسلمانن هن سلسلي ۾ مذهبي اثرن کي وڌيڪ اهيمت ڏني ۽ هندو هندي اکرن ۾ اڙجي پيا ۽ مسلمانن عربي اکر اختيار ڪئي. جيتوڻيڪ ٻئي اڻپورا هئا، تڏهن به هڪ نئون رسم الخط سامهون آيو. جنهن کي عربي سنڌو رسم الخط سڏيو ويو. ان ڪم کي مخدوم ابوالحسن ٺٽي واري وڌيڪ فعال بڻايو. هن صاحب 1700ع ۾ مقدمت الصلوات نالي ڪتاب لکيو. جنهن ۾ نون مسلمانن جي رهنمائي ڪئي وئي. اسلامي اصول ۽ نماز پڙهڻ جا طريقا سمجهايا.
    سن 1854ع ڌاري ان وقت جي انگريز سرڪار سنڌي ٻولي جي الءِ هڪ رسم الخط ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي جنهن جو اڳواڻ سربانڪ هو. هن ڪاميٽي ۾ ڪجهه هندو ۽ ڪجهه مسلمان عالم هئا. ڪافي بحث مباحثن کان پوءِ هن ڪاميٽي مخدوم ابوالحسن جي الفابيٽ کي بنياد بنائي عربي رسم الخط وانگر هڪ نئين الفابيٽ ٺاهي. جنهن ۾ (52) حرف شامل آهن.
    سنڌي ٻولي ۾ رسم الخط جي اڀياس لاءِ مواد هڪ هنڌ گڏ ٿيل نه هو ۽ ان کي پهريون ڀيرو ڊاڪٽر غلام علي الانه ڪم ڪيو.
    سن 1964ع ۾ سنڌي صورتخطي نالي ڪتاب شايع ڪيو . جڏهن ته سنڌ ۾ جيڪي ٻيا رسم الخط موجود هئا سي خاص ذاتن قبيلن ۽ شهرن تائين محدود هئا. جهڙوڪ ۽ شڪارپور ، ساکرو، ٺٽائي، ونگائي، رامائي، خواجڪو ۽ ميمڻڪو مشهور آهن.

    بشڪريه عبرت
     
  2. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي رسم الخط

    تمام بهترين معلوماتي شيئرنگ آهي ۔
     
  3. نواب خان ڪيريو

    نواب خان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    BSC PASS
    ماڳ:
    SAKRAND
    جواب: ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي رسم الخط

    ادا توهان جي مهرباني جو ايڏي قيمتي معلومات اسان تائين رسائي
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي رسم الخط

    ادا نواب صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي ونڊ ڪيل تحرير پسند ڪئي ۽ ان تي پنهنجا خيالات ظاهر ڪيا
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي رسم الخط

    ادا توهان جي مهرباني​
     
  6. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي رسم الخط

    تمام سٺي ونڊ آهي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو