جديد سنڌي شاعري جي ڏاهي ڏات ڌڻي ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ورسي تي کيس ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    25 نومبر 1999 تي اسلام آباد ۾ اسان کان هڪ ڏات ڌڻي وڇڙيو جنهن کي سنڌي جي وليم ورڊس ورٿ جي نالي سان سڃاتو ٿو وڃي۔ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ورسي جي حوالي سان اسان جي محترم دوست ، ڪالم نگار ، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر رضوان گل جو لکيل ڪالم ونڊ ڪجي ٿو۔

    [​IMG]


    مان تنوير آهيان پوان شل قبول...

    رضوان گل

    جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهم حوالو ڊاڪٽر تنوير عباسي

    سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مختلف شعبن ۾ هن ڌرتيءَ ڪيئي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي ڄڻيا آهن. هن ڀونءِ جو چپو چپوسونهن سينگار، سرت ۽ ساڃاھ سان مالا مال آهي.ادبي شعبي جو جائزو وٺبو ته سنڌي ادب ۽ خصوصًا جديد سنڌي ادب جي اوسر ۾ جن شخصيتن نهايت اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جو نالو نهايت ئي نمايان حيثيت جو حامل آهي.

    سنڌي ادب کي دؤرن ۾ ورهائبو ته هوند ڪيئي دؤر جُڙي پوندا پر فڪري حوالي سان بنيادي طور سنڌي ادب جا ٻه نمايان دؤر آهن، پهريون ڪلاسيڪي دؤر ۽ ٻيوجديد دؤر. ڪلاسيڪي دؤر ۾ اسان جي شاعرن ۽ بزرگن سنڌي ادب کي اهڙو بنياد فراهم ڪيو جنهن جي بنياد تي جديد ادب جي بهتر ارتقا ۽ اوسر ٿي سگھي.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌ جي انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جن سنڌي ادب جي عمارت سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنوير عباسي ادبي ميدان ۾ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. جو هو هڪ ئي وقت سهڻو شاعر ۽ بهترين نثر نگار هو. سندس فڪري ارتقا جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سڀ کان پهريان هڪ شاعر جي روپ ۾ ادبي ميدان ۾ آيو ۽ شاعريءَ واري ڪاڪ محل ۾ پنهنجو وجود وڃايو. هن نثر کان وڌيڪ نظم کي چاھ جي نگاھ سان ڏٺو. اهڙوئي اظهار هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته ”ننڍي هوندي ئي مونکي نثر کان وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هو، جيڪي درسي ڪتاب هوندا هئا انهن ۾ مونکي نظم وڌيڪ وڻندا هئا پوءِ چاهي انگريزيءِ ۾ هجن چاهي سنڌيءَ ۾.“

    تنوير عباسي جي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته آغاز ۾ هن روايتي شاعريءَ کي اپنايو. اهو جميعت الشعراءَ جي عروج جو زمانو هو. سڄيءَ سنڌ تي شاعريءَ جي موسم لٿل هئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ مشاعرا ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون هيون، پر ان دؤر جي گھڻن شاعرن تي فارسي شاعريءَ جو رنگ چڙهيل هيو جنهن ۾ فڪر کان وڌيڪ فن تي ڌيان ڏنو ويندو هو. تنوير عباسي انهيءَ سموري ماحول کان متاثر ٿيو ۽ جميعت الشعراء جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم خليل کان باقاعده علم عروض جي سکيا پڻ ورتي. سندس اهڙي شاعري جيڪا وزن، بحر ۽ شعري صنعتن جي گرد نظر اچي ٿي، تنهن مان مثال طور چند شعر پيش آهن:

    داغهائي دلِ ويران کي ڏسي رهنداسين
    ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين
    دوست اچ اڄ ته وٺون سمجھي مزاجِ عالم
    يار جي زلفِ پريشان کي ڏسي رهنداسين. (1)

    رهڻ ڏي دستِ جنون، تار هڪڙي دامن ۾
    بيادگارِ جنون ڪجھ ته پير هن ۾ هجي. (2)

    دل جي خلش هڪ مبهم مبهم ٿي ويندي اڄ زيست جو حاصل
    ديدؤ پونم مهر خموشي چئي ڏيندا احوالِ مفصل. (3)

    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿين قسم جي شاعري سندس شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ ۾ ملي ٿي ۽ سندس اهڙي شاعريءَ جو دؤر 1950 کان 1958 تائين يعني فقط اٺن سالن تي محيط آهي پر ساڳئي ئي دؤر ۾ ساڳئي مجموعي ۾ ”نئين مارئي“ جهڙا سندس شاهڪار نظم به شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ مطابق سندس نظم ”نئين مارئي“ بلڪل هڪ نئين انداز ۽ موجوده دؤر جي ڪردار کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ اُمنگ آهي، جوش جذبو آهي، وٽس لڙڪ نه پر چڻنگون آهن، هو سڏ ڪانه ٿي ڀري پر باھ ٿي لڳائي. هو محلن ۾ مجبور نٿي رهي پر زنجير ٽوڙي ٿي، هو مارن ڏي مدد لاءِ واجھائي نٿي پر پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿي، هو جھڪي نٿي پر جھڪائي ٿي. اهوئي آدرشي ڪردار آهي تنوير وٽ ۽ اهڙن سورمن ۽ سورمين جي ضرورت آهي ....جڏهن سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ عورتن حصو ورتو، هنن جيلن جون سختيون سهي روشن خيال فڪر کي سربلند ڪيو، ”نئين مارئي“ بلڪل اهڙي امنگ ۽ اميد کي جاڳائڻ وارو نظم آهي. (4)

    تنوير عباسي جي مذڪوره نظم جي ٿوري جھلڪ:

    جي مطمئن نه ٿياسين قرار ڪجھ ته مليو
    اٿاھ سمنڊ مان هڪ قطرو يار ڪجھ ته مليو
    اسان ته بوند گھري ٿَي اسان کي باھ ملي
    فلڪ ڏٺو جي هي برق و شرار ڪجھ ته مليو
    اوهان کان ڪجھ به ملڻ جي اميد ڪونه هئي
    لٿو جي ٿورو گھڻو دل جو بار ڪجھ ته مليو
    مليو نه صبح جي تنوير ڄاڻ جو ٿو ملي
    ويو ٿي گھٽجي فضا تان غبار ڪجھ ته مليو. (5)

    مذڪوره عرصي بعد ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس ساٿي يورپ جي مشهور ادبي تحريڪ ”ترقي پسند تحريڪ“ کان متاثر ٿيا ۽ سندن فڪر ۾ واضح تبديلي آئي. هاڻي ادب ۾ حقيقت نگاري، رومانويت ۽ جماليات جي ڳالھ ٿيڻ لڳي، ڊاڪٽر تنوير عباسي جي هن دؤر جي شاعريءَ ۾ اهڙا عڪس چٽا نظر اچن ٿا. هاڻي سندس شاعري گل و بلبل، ساغر و مينا، ساقي و ميڪده کان گھڻو ٻاهر نڪري آئي هئي. هن پنهنجي همعصر شاعر دوستن شيخ اياز، نارايڻ شيام، هري دلگير، عبدالڪريم گدائي ۽ نياز همايوني وغيره سان گڏجي شعوري طور سنڌي شاعريءَ ۾ اهي فڪري تبديليون آنديون جنهن ۾ جديد دؤر جي مدِ نظر سنڌي شاعريءَ ۾ ڌرتي، قوم ۽ عوام جي ڏکن کان وٺي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪرڻ جهڙا موضوع سمايل هئا. انهيءَ حوالي سان سندس هي شعر ڏسو:

    سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن
    منهنجي جرئت منهنجي همت تولاءِ آهي
    منهنجي قوت منهنجي طاقت تولاءِ آهي
    ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻَلُ سو تولاءِ آهي
    منهنجي رڳن ۾ آهي جو رت تو لاءِ آهي
    آءٌ نماڻو آهيان آءٌ نماڻو آهيان
    سنڌڙي جڳ جي ساري عظمت تولاءِ آهي
    هونئن ته اڙٻنگائيءَ جو انگ نه آهي مون ۾
    پوءِ به جيڪا آهي بغاوت تولاءِ آهي (6)

    هن سموري عرصي ۾ تنوير جي شاعريءَ ۾ بغاوت جي بلند نعرن جي گونج سان گڏ و گڏ سندس لفظن ۾ همت ۽ حوصلي جا هٿيار به نظر اچن ٿا. هُو انهيءَ همت ۽ بهادريءَ جي ٻل تي انڌيري کي اجالي ۾ دٻجندي ڏسي ٿو ۽ سندس مايوسي اميد ۾ مٽجي وڃي ٿي:

    هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا واچوڙا
    سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا
    هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا
    ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪونئون اڀاريندا
    هي زرد پن ڏسي مايوس ڪين ٿينداسين
    جو ڄاڻون ٿا ته اهي جلد ئي ڇڻي ويندا
    رکي اميد بهارن کي پيا سڏينداسين
    جي پنهنجي لاءِ نوان گونج گل کڻي ويندا (7)

    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي مٿئين قِسم جي شاعري سندس شعري مجموعن ”شعر“، ”هيءَ ڌرتي“ ۽ ”سجُ تِريءَ هيٺان“ ۾ شامل آهي. غلام محمد گرامي تنوير جي شاعريءَ تي ڏاڍي ڪارائتي راءِ ڏني هئي، ته؛ ”تنوير عباسي پنهنجي فن ۽ شاعريءَ جي هرهڪ صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي لاءِ فني تجربا ڪيا آهن. انهيءَ کيس ادب ۾ وڏو مقام ڏنو آهي، ان لحاظ سان سنڌي ادب ۾ چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ کيس جڳھ ملي چُڪي آهي. محبت، باهمي اُخوت، انسانيتِ عامه جو شعور ۽ حُب الوطني سندس فن جا مکيه عناصر آهن.“ (8)

    ڪتاب ”سج تريءَ هيٺان“ جي مهاڳ ۾ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي ته ”تنوير پنهنجي لفظ لفظ سان کرو ۽ سچو آهي.“ (9) تنوير عباسيءَ جي شاعري مقصديت واري شاعري آهي. هن پنهنجي سوچن کي خواھ مخواھ گُهٽيو نه آهي بلڪه هن کي جيڪا ڳالھ صحيح لڳي، کُلي عام چئي ڏنائين. امداد حسينيءَ جي انهيءَ راءِ جي شاهديءَ طور تنوير جا ڪيترائي نظم پيش ڪري سگھجن ٿا جن ۾ فقط سچ جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ ايندو، اهي نظم سندس روح جو آواز آهن، اهڙو آواز جنهن ۾ درد به آهي، صدا به آهي، تلخي به آهي ته بيباڪي به. تنوير جي اهڙن نظمن مان هڪ طويل نظم جا ڪجھ شعر ڏجن ٿا:

    هاڻي آءٌ نه سُوليءَ چڙهندس
    هاڻي تنهنجو وارو آهي
    مون هر دؤر ۾ رت هاريو آ
    مون هر دؤر ۾ ساھ ڏنو آ
    منهنجو ساھ گھٽيو ويو آ
    ۽ هر وير ڪٽيو ويو آ
    مون ئي پٿر کاڌا آهن
    ۽ زنجير به پاتا آهن
    مان ئي صليب تي لڙڪيو آهيان
    سِسي ڪپائي ڦٿڪيو آهيان
    مُرڪي مون سڀ سور سَٺا ٿي
    چُپ چُپ سڀ الزام ٻُڌا ٿي
    صدين کان خاموش رهيس مان
    ۽ ايڏو بيهوش رهيس مان
    ماڻهن جو ويساھ کڄي ويو
    ماڻهن جو ايمان ڊهي پيو
    ماڻهن سمجھيو سچ ڪانئر آ
    ماڻهن سمجھيو سچ بي طاقت آ
    جنهن ۾ ناهي ڪائي همت
    هاڻي آءٌ نه سوليءَ چڙهندس
    هاڻي تنهنجو وارو آهي. (10)

    تنوير عباسي شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، گيت، بيت ۽ وائي وغيره شامل آهن. ان سان گڏ و گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ جاپان جي مقبول صنف ”هائڪو“ کي سنڌي جو روپ ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي. مجموعي طور ڊاڪٽر تنوير جي شاعري اسان جي سماج جي ڏکن سُکن ۽ ڌرتيءَ جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي. سندس شاعريءَ جي مطالعي بعد معاشري جو هر فرد ان ۾ پنهنجي پنهنجي احساسن جو اولڙو پسي ٿو جيڪا ڊاڪٽر جي شاعريءَ جي تمام وڏي خصوصيت آهي. جڏهن به جديد سنڌي ادب جي تاريخ لکي ويندي ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعرن جي صف ۾ نهايت ئي مانائتو ۽ معتبر ليکيو ويندو.
    حوالا
    1. . تنوير عباسي تنوير چئي
    2. تنوير عباسي رڳون ٿيون رباب 1958ع ص 69
    3. تنوير عباسي رڳون ٿيون رباب 1958ع ص 80
    4. ڊاڪٽر غفور ميمڻ سنڌي ادب جو فڪري پس منظر 2002ع ص 469
    5. تنوير عباسي رڳون ٿيون رباب 1958ع ص 39
    6. تنوير عباسي تنوير چئي
    7. تنوير عباسي تنوير چئي ص 123
    8. غلام محمد گرامي (تنوير جي شاعري تي تاثر) ٽه ماهي مهراڻ جنوري - مارچ 1969ع
    9. تنوير عباسي سج تريءَ هيٺان 1977 (مهاڳ- امداد حسيني)
    10. تنوير عباسي سج تريءَ هيٺان 1977 ص 65، 66

    [​IMG]

    تنوير عباسي جي شخصيت تي لکيل منهنجي ٿريڊکي پڙ هڻ لاء هيٺ ڪلڪ ڪيو :


    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعري ۽ ضامن علي جو مٺڙو آواز :

     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جديد سنڌي شاعري جي ڏاهي ڏات ڌڻي ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ورسي تي کيس ڀيٽا

    مٺڙا سليمان، سائين مرحوم تنوير عباسيءَ جي مغفرت لاءِ اسانجا هٿ مٿي آهن، رب العالمين کيس جنت الفردوس عطا ڪري ۽ اسانکي اهڙن ڏاهن جي ڏنل راهه تي هلڻ جي سگهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

    هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا واچوڙا
    سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا
    هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا
    ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪونئون اڀاريندا
    هي زرد پن ڏسي مايوس ڪين ٿينداسين
    جو ڄاڻون ٿا ته اهي جلد ئي ڇڻي ويندا
    رکي اميد بهارن کي پيا سڏينداسين
    جي پنهنجي لاءِ نوان گونج گل کڻي ويندا (7)

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جديد سنڌي شاعري جي ڏاهي ڏات ڌڻي ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ورسي تي کيس ڀيٽا

    سائين مهرباني

    گذريل هفتي ڊاڪٽر تنوير جي گهر اڳيان گزرندي ڊاڪٽر جي بار بار ياد ايندي رهي۔

    الله کيس جنت نصيب ڪري۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي 14هين ورسيء تي سنڌ سلامت پاران کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔​
    [​IMG]
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تنوير عباسي صاحب جي ورسي تي سندس ياد​
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪيئن تصور منهنجو هن جي زلفِ پيچان کي ڇڏي
    بلبل بي آب و دانه ڪٿ ٿي زندان کي ڇڏي
    هن جو دامن ويو ڇٽي منهنجي هٿن مان ان ڪري
    ڪين ٿو دستِ جنون منهنجي ئي دامان کي ڇڏي
    ياد هوندو ڪنهن کي هاڻي محفلِ ياران ۾ هو
    ڏينهن ٿيا تنوير ويو بزمِ رفيقان کي ڇڏي
    [​IMG]
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاٿري جو ڪتاب۔۔۔ تنوير چئي عنوان مٿان ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔


    تنوير عباسي جي شاعري ۾ وطن دوستي، قومپرستي ۽ انسانيت جا پهلو :ابراهيم جويو


    سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن چيو آهي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي شاعري ذريعي سنڌي ماڻهن ۾ جدوجهد، محبت جو درس ڏئي اتساهه پيدا ڪيو آهي، اهڙو اظهار ڪالهه هتي سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران سنڌ جي جديد نامياري شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ورسي جي حوالي سان منعقد ڪيل ادبي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو، سنڌ جي برک ڏاهي محمد ابراهيم جويي خطاب ڪندي چيو ته تنوير عباسي هڪ ڊاڪٽر کان وڌيڪ سٺو شاعر هو، سندس شاعري ۾ وطن دوستي، قومپرستي ۽ انسانيت جا پهلو شامل آهن، ٻولي ماهر غلام علي الانا تنوير عباسي جي فنون لطيفه واري پهلو تي مقالو پڙهندي تنوير عباسي جي شاعري ۾ قدرت جا سڀئي رنگ ۽ ٻولي جي حسناڪي شامل آهي پر هو هڪ شاعر کان وڌيڪ فنون لطيفه جو وڏو آرٽسٽ هو، هن چيو ته تنوير عباسي سنڌ جي علم، ادب ۽ تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو، نامياري اديب ۽ شيخ اياز چيئر جي ڊاڪٽر ادل سومرو خطاب ڪندي چيو ته تنوير عباسي جا ادب ۾ ڪيترائي رخ آهن، هو شاعر سان گڏ لطيف شنائي، تحقيق ۽ سفر نامه به سندس سڃاڻپ آهن، سنڌ جي نامياري شاعر امداد حسيني تنوير عباسي جي شاعري ۾ انسانيت کي بچائڻ جو درست ڏنل آهي، هو نئين نسل مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، هن پنهنجي شاعري ذريعي تعليم جي بدحالي بابت سرڪار، ڪامورن ۽ وڏيرن جي پت وائکي ڪئي، سنڌ يونيورسٽي جي آرٽ فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر نور افروز خواجا خطاب ڪندي چيو ته تنوير عباسي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ماڻهن جو علاج ڪرڻ سان ايڪتا جي ذريعي سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي، نامياري اديب اياز گل چيو ته تنوير عباسي هڪ وڏو شاعري انساني هو، سندس وڇوڙي کانپوءِ اسان سڀ نڌڻڪا ٿي ويا آهيون، ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر محمد علي مانجهي خطاب ڪندي چيو ته تنوير عباسي جا رهيل ڪتاب جلد ڇپرايا ويندا، ريڊيو حيدرآباد جي ڊائريڪٽر نصير مرزا چيو ته تنوير عباسي سنڌ جي ثقافت ۽ روايتن جو وڏو شاعر هو، کيس ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو چيو ته تنوير عباسي خيرپور جو نه پر سڄي سنڌ جو هو، هن سنڌ جي علم ۽ ادب زندگي وقف ڪئي، تنوير عباسي جي ڀيڻ ڊاڪٽر نسيم عباسي خطاب ڪندي چيو ته تنوير عباسي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ڀاءُ سان گڏ استاد به هو، هن اپيل ڪئي ته حڪومت تنوير عباسي جي گهر هيريٽيج قرار ڏئي ان ۾ لائبريري ۽ چيئر قائم ڪرائي، اٿارٽي جي سيڪريٽري ۽ اديب تاج جويي پڻ تنوير عباسي جي زندگي تي روشني وڌي.هوڏانهن خيرپور ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي جي 12 هين ورسي مٺڙي حيدري هائوس ۾ ملهائي وئي، تقريب جي صدارت سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ممتاز رڏ ڪئي، ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري غلام حيدر ڦلپوٽو، نور حسين چانڊيو، فيروز سنڌي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ وڏو شاعر هو، جنهن پنهنجي شاعري وسيلي انقلابي آواز اٿاريو، ان موقعي تي محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ فنڪارن تنوير عباسي جي شاعري ڳائي داد حاصل ڪيو.


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تڏهن شعر تنوير لکبو آ پاڻهي
    جڏهن گهاءُ دل تي ڪوئي کائبو آ


    سنڌي ٻوليء جي ناليواري شاعر ۽ اديب
    ڊاڪٽر تنوير عباسي
    جي ورسيء تي کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي


    [​IMG]


    [​IMG]


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو