جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ دل تڏهن کان اداس آ جڏهن کان کنڊ مهانگي ٿي وئي آ فراز هاڻي ته ڪو دوست چانهه جي صلاح ئي ڪو نه ٿو هڻي۔۔
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ ادا عاشق مجبور۔۔۔!!!!!!!! هاڻ سمجهي به وڃ ته ادو طاهر ڇا ٿو چوڻچاهي۔۔۔ ها ها ها
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ هاهاهاهاها۔۔۔۔۔۔فراز سدائين کنڊ جهڙن شيئن تي ئي شاعري ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔کنڊ مهانگي ٿي وئي آ ته ڇا ٿيو۔۔۔۔ادا دل وڏي هجي باقي خير آ۔۔۔۔۔۔
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ عاشق مجبور ته سنگت کي ناراض پيو ڪري باقي چانهه ته ڪونه پيو ٓتيار ڪري۔۔۔ بابلا چانهه جلدي هلا عاشق۔۔۔
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ مست تون ئي سمجهائينس يار۔۔۔۔ لڳي ٿو دل فلم جي انوپم خير واري چانهه آهي۔۔۔۔ دو چا لا نه۔۔۔۔!!!!!
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ ادا پهريون تاريخون ٿين پوڏس مزا اوطاق تي صرف ڪڪڙ جو ڪڙايون ڏسندي۔۔۔۔۔ڇڏ چانھ کي۔۔۔۔۔رنجو لا هن چڪر خاص دعوت هوندي۔۔۔ڇوته ويچارو۔۔۔۔۔تمام گهڻي محنت ٿو ڪري=d> ان جي ڪري۔۔۔بس پگهار ملي۔۔۔
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ يار عاشق مجبور۔۔۔ ڪنجوسي جي حد ٿي وئي، مون کي خبر آهي ڪاڪي آچار توکي کنڊ مهانگي ٿيڻکان اڳ ۾ مڻ کنڊ وٺي ڏني هئي اوطاق لاءِ۔۔۔ ان کي ايترو جلدي ختم ڪري ڇڏيئي ڇا۔۔۔ يا وري پاڻ واري مٓٺڙي رنجيت کان پيو نٽائين ۔۔ ايئن نه ڪر يار۔۔۔۔ اوطاقي مڙس ناراض نه ٿي پوي۔۔ پوءِ ڪير پاڻ کي سيکاريندو۔۔۔ ڇا چئبو اٿس۔۔۔ ها وڌيو اَڊِيٽَنگ
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ ادا عاشق توهان جي مهرباني جو توهان ويٺي ويٺي سنڌ سلامت جي دوستن لاء ايڏي وڏي دعوت ڪري ڇڏي، آسو ۽ اميد نه لاهجي اهڙي دعوت انشاء الله ڪڏهن سچي پچي ۾ به ڪنداسين، ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي، باقي توهان اسان کي ممتاز سڏيندي به اسان جو نالو وساري ويٺو ان جو افسوس ٿيو۔ وري به توهان جي مهرباني، ۽ ٿورا
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ اوووو سائين اووو سائين۔۔۔۔۔واقعي ۾ وڏي ڳالھ آهي۔۔۔۔نالو ياد هوندي به ان ڏينهن اوهانجو نالو مون کان وسري ويو۔۔۔۔سو ادا وڏا ان جي معافي۔۔۔۔۔سائين بس ڇا ڪيون۔۔۔۔۔مون کان اوطاق جي محنتي دوستن جا نالا وسري ويا۔۔۔۔۔سوري سر سوري
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ ڪڪڙ ڪڙهايون يا وري مَڇيون مانيون۔۔۔ جي مٿئون چانهن نه پياريئي ته سمجهه ڪا خدمت نه ڪيئي ۔۔ ها۔۔
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ ها ها ها۔۔۔ ادا اونئين به پنهنجي سنڌ جي اندر ايئن ئي ٿيندو آهي ، مهمان کي ڀلي ڪڙهايون کارائجن، بريانيون کارائي کڻائجن به پر جيڪڏهن ان کي چانهه نه پياريوءَ ته اهو ايئن چوندو ته بابلا ۔۔۔ همراهن ڪا خدمت ئي ڪانه ڪئي۔۔
جواب: سڄي سٿ کي چانھ جي دعوت۔ ها....ادا پر اڃا سنڌ ۾ اهڙا به ڳوٺ آهن...جتي صبح جو ناشتو لسي...سان ڪيون ويندو آهي....انهن جو چانھ کان بائيڪاٽ آهي....اهڙي ئي هڪ ڳوٺ ۾ عاشق جو وڃڻ ٿيو.....اسان صبح جو منهن ئي پوءِ ڌوئيندا آهيون اول چانھ جي سرڪي پريندا آهيو.....انهن صبح جو لسي جڳ جڳ ۽ ڪڻڪ جي ماني مکڻ سان مکيل اچي اڳيان....رکي اصلي ائين پيو لڳي ڄڻ ڪنڌ تي لت رکي اٿون....ماري ڇڏيئون....