ڪجهه وقت اڳ مون ياهو ميسينجر جو 10 نمبر ورجن متعارف ڪرايو هو۔۔۔ پر اڄ ڪلهه وقت گهٽ ۽ مقابلو سخت واري پاليسي هر ڪمپني رکي آهي۔۔ ان ڪري مختلف انسٽنٽ ميسينجرس جي لامحالا اچڻ ۽ اپڊيٽ ورجن جي دوڙ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مشهور ڪمپني ياهو پڻ پنهنجو ميسينجر جو تازو 11 بيٽا ورجن لانچ ڪيو آهي۔۔۔
جنهن ۾ ڪيترن ئي نون فيچرس کي شامل ڪيو ويو آهي۔۔۔ جهڙوڪ:

جنهن ۾ ڪيترن ئي نون فيچرس کي شامل ڪيو ويو آهي۔۔۔ جهڙوڪ:
- دوستن سان هر وقت رابطي ۾ رهڻ، انهن جا خيال، ڪمينٽ، پسنديدگيون ۽ سرگرميون جيڪي هو Yahoo! Pulse, Flickr, Facebook, Twitter ۽ ڪجهه ٻين سائيٽ تي ڪري رهيا آهن۔۔۔ ياهو ميسينجر تي رهي ڪري معلوم ڪري سگهو ٿا۔۔۔
- چاهيو ته پنهنجو هڪ ئي status ڪيترن ئي سوشل نيٽ ورڪس تي پوسٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
- جيئن اڳ ۾ هاٽميل دوستن سان چيٽ ڪرڻ جي سهولت هئي ۔۔ هاڻي توهان ياهو ميسينجر 11 تي رهي ڪري فيس بوڪ دوستن سان چيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
- مفت ۾ ڪال ڪرڻ کان سواءِ تصويرون ۽ وڊيوز پڻ شيئر ڪرڻ جي جديد طريقي سان مزو وٺي سگهو ٿا۔۔۔
- هڪ کان وڌيڪ ڪمپيوٽرس تي هڪ ئي وقت آن لائين رهڻ جي پڻ سهولت۔۔۔
- دوستن سان ٿيل ڪچهري کي محفوظ ۽ ياد رکڻ جو جديد طريقو۔۔۔