سائين، ڀت جهڙي اهم غذا، اهم موضوع متعلق اهڙي بهترين ۽ نرالي معلومات ونڊ ڪرڻ تي، واقعي ڀت جي نسبت سان تمام گهڻا پهاڪا مشهور آهن، جيئن ڀت برادري هجڻ، ڀت تي وڃڻ، ڀت هجڻ وغيره وغيره۔۔ سنڌ ۾ ته شادي ڪاڄن جي متعلق اهو ئي مشهور آهي۔۔۔ ان کان علاوهه ڳوٓٺن ۾ جڏهن ڀت ٿيندا آهن ته رٺلن کي به پرچائي ڀت کارايو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي ڪاڄ ۾ ڪو پاڙي وارو يا ڳوٺ وارو شامل نه ٿئي ته پوءِ اها ان ڪاڄ جي هيٺانهين ۽ ان جي مالڪن جي گلا سمجهي ويندي آهي۔۔
پر جيڪڏهن هن موضوع سان گڏ سنڌي لوڪ گيت ” او جيڪو ڀت ڪري ٿو ڦڙ ڦڙ، اهو به ڀت نه“ لڳائجي ته مضمون کي اصل چار چنڊ لڳي ويندا، پر يار چوندا آهن ته ” تنهنجو ئي ڀت گهاٽو“ مقصد تو واري ڳالهه کي اڳتي ڪندي چئجي ته ڀت جو سڏ هجي ۽ سنڌ جا ڳوٺاڻا، انگوشا ڪلهن تي رکي ميلن جا ميل پنڌ ڪري وڃي ڀت کائي ايندا ۔۔۔ اسانجي ڳوٺن ۾ ڀت جي دعوت مطلب ته پڪنڪ ۔۔۔
پاڻ به ڪيترن ئي ڀت جي دعوتن ۾ شريڪ ٿيا آهيون، ڀت جو لفظ ئي اهڙو آهي جو اصل وات ۾ پاڻي اچيو وڃي ۔۔۔ هون به درياهه جي ڪپر تي رهڻ واريون قومون چانور گهڻو اپائن ۽ چانورن جي گهڻي هجڻ سبب، ڀت جا به ڪيترائي قسم ٿين ۔۔۔
ڪنهن دوست کي مٿيون لوڪ گيت هٿ اچي ته ونڊ ضرور ڪري جو منهنجي پسند جو گيت آهي ۔۔۔
انهيءَآرٽيڪل جي مناسبت سان ڪاوش 28 نومبر 2010ع آچر جي ايڊيشن ۾ هڪ آرٽيڪل ڇپيو آهي، ان جو عڪس
موقعي مهل جي حساب سان ڀت جا مختلف نالا هجن ٿا
ڇنڇر 27 نومبر تي ”ڪاوش، هائيڊ پارڪ“ ۾ سائين خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي جو خط بعنوان ”ڀَت ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ شايع ٿيو. جنهن ۾ سائين ڀَت متعلق ڏاڍي سٺي ۽ ڪارائتي ڄاڻ ڏني، پر ڀَت جي قسمن جو ذڪر ڪندي سائين شادي جي ڪاڄ واري ڀَت ۽ خيرات واري ڀَت کي گڏائي ڇڏيو آهي. جيڪو منهنجي راءِ ۾ صحيح ناهي. ڀَت ته ڀَت ئي هوندو آهي پر موقعي مهل جي حساب سان ان جا الڳ الڳ نالا مروج آهن. ڀَت گهڻو ڪري شادي جي ڀَت يا وڌ ۾ وڌ طهر واري ڀَت کي چئبو آهي. جڏهن ته خيرات جي ڀَت کي، ڀَت نه پر خيرات ئي سڏبو آهي، جيڪا ڪا به راهه خدا ۾ ڪيل خيرات ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن جي مرڻ تي، ان جي پٺيان ٿيندڙ خيرات ۽ ان ۾ رڌجندڙ ڀت کي ۽ ان جي سڏ کي ”ماني“ سڏبو آهي. جيئن فلاڻي جي ماني وغيره. اهڙي نموني ڪنهن بزرگ يا اولياءَ جي نالي پٺيان رڌجندڙ ڀَت کي لنگر ننگر سڏبو آهي. ان کان علاوه ڪنهن به ٻي خوشي، مثال طور نوڪري ملڻ، پروموشن ٿيڻ، ڪنهن وڏي يا دل گهرئي جي اچڻ مهل رڌجندڙ ڀَت کي دعوت سڏبو آهي. اهڙي نموني مختلف موقعن ۽ مهلن جي حساب سان ”ڀَت، خيرات، ماني ۽ دعوت“ جا نالا ڏنا ويندا آهن. ڀَت جو اسان جي زندگي ۾ تمام اهم ڪردار آهي. ايستائين جو اسان جي لوڪ شاعري ۾ به ان کي ڳايو ويو آهي. ڀلا ڀَت شوقين کان ڪيئن ٿو وسري سگهي. ان ڪري جڏهن اسان ”ڀَت“ کي سنڌيانا ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ٿا ڪريون ته ان کان اڳ ڀَت جي ٿوري ڇنڊ ڇاڻ ڪري وٺون ته بهتر رهندو. اميد ته ڀَت جا شوقين، هائيڊ پارڪ کي، ڀَت لاءِ وڇايل توري ۽ تڏو سمجهي، ان جو خوب استعمال ڪندا.