ڀَت ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

'رڌ پچاء' فورم ۾ عاجز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2010۔

  1. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    ڀتُ انساني کاڌ خوراڪ جو هڪ مکيه وڻندڙ ۽ لذيذ کاڌو آهي، اسان جي ثقافت جو اهم طعام آهي، شادين مرادين، غمين، دعوتن، پارٽين، لوڪ ادب جي گڏجاڻين، ونگارن وغيره جي موقعن تي خاص کاڌي طور استعمال ٿيندڙ کاڌو آهي. کڻي ائين چئجي ته هيءُ ٻين کاڌن جو سردار آهي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته Rice is nice food. ڀت، رڌل چانورن کي چئبو آهي. ڀت جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن، جهڙوڪ: کچڻي، پٽڙو يا هاٿيلو ڀت (نرم ڀت)، خشڪو ڀت، (خشڪ چانور)، داڳي ڀت (بصر، ٿوم يا ڦوٽي جو داڳ ڏنل) هڏي ڀت، ڇِتو ڀت، چاشني، برياني، پلاءُ، مٺو يا تهري وغيره. محاوراً ڀت مان مراد شاديءَ جو سڏ، خيرات جي دعوت هوندو آهي. عام طرح خاص موقعن تي هي لفظ پڻ ٻڌا ويندا آهن:
    (1) ڀت ڀائي: برادريءَ وارو -راڄ وارو – شريڪ
    (2) ڀت ٿيڻ: پِسُ ٿيڻ-چانور ڳري وڃڻ- پٽڙو ٿيڻ.
    (3) ڀت جو سڏ: شاديءَ جي دعوت- خيرات
    (4) ڀت- رڇُ: ڀت تيار ڪرڻ جا ٿانوَ.
    (5) ڀت ڪرڻ: خوشي، شادي يا غميءَ جي ماني ڪرڻ.
    (6) ڀت گهاٽو ٿيڻ: وڌيڪ فائدو پوڻ.
    (7) ڀت گهاٽو ڪرڻ: بيواجبي نفعو حاصل ڪرڻ.
    (8) ڀت ٻاٽ مان ڪڍڻ: برادريءَ مان ڪڍڻ.
    (9) ڀت ۾ ڪَٻَرِ: رنڊڪ- رولو.
    (10) ڀَت ۾ ڪٻر پوڻ: ٺهيل ڪم ۾ رولو پوڻ.
    (11) ڀت ۾ ڪٻر وجهڻ: ڪم کارڻ -ڪم بگاڙڻ.
    مطلب ته ڀت کائڻ يا کارائڻ جا تمام گهڻا موقعا هوندا آهن. ڀت ۾ رسڻ، ڪاوڙجڻ، ناراض ٿيڻ يا پرچائڻ جا پڻ جتن ٿيندا آهن. اهي سڀ سماجي موقعا اسان جي ثقافت ۽ ادب جو اڻ وسرندڙ حصو آهن، افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ڀَت جهڙي مکيه عنوان کي سنڌي انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جلد 2 ۾ شامل يا داخل نه ڪيو ويو آهي!

    خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي سوهڻ (ڪاوش جي ٿورن سا)
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀَت ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

    سائين، ڀت جهڙي اهم غذا، اهم موضوع متعلق اهڙي بهترين ۽ نرالي معلومات ونڊ ڪرڻ تي، واقعي ڀت جي نسبت سان تمام گهڻا پهاڪا مشهور آهن، جيئن ڀت برادري هجڻ، ڀت تي وڃڻ، ڀت هجڻ وغيره وغيره۔۔ سنڌ ۾ ته شادي ڪاڄن جي متعلق اهو ئي مشهور آهي۔۔۔ ان کان علاوهه ڳوٓٺن ۾ جڏهن ڀت ٿيندا آهن ته رٺلن کي به پرچائي ڀت کارايو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي ڪاڄ ۾ ڪو پاڙي وارو يا ڳوٺ وارو شامل نه ٿئي ته پوءِ اها ان ڪاڄ جي هيٺانهين ۽‌ ان جي مالڪن جي گلا سمجهي ويندي آهي۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀَت ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

    پر جيڪڏهن هن موضوع سان گڏ سنڌي لوڪ گيت ” او جيڪو ڀت ڪري ٿو ڦڙ ڦڙ، اهو به ڀت نه“ لڳائجي ته مضمون کي اصل چار چنڊ لڳي ويندا، پر يار چوندا آهن ته ” تنهنجو ئي ڀت گهاٽو“ مقصد تو واري ڳالهه کي اڳتي ڪندي چئجي ته ڀت جو سڏ هجي ۽ سنڌ جا ڳوٺاڻا، انگوشا ڪلهن تي رکي ميلن جا ميل پنڌ ڪري وڃي ڀت کائي ايندا ۔۔۔ اسانجي ڳوٺن ۾ ڀت جي دعوت مطلب ته پڪنڪ ۔۔۔

    پاڻ به ڪيترن ئي ڀت جي دعوتن ۾ شريڪ ٿيا آهيون، ڀت جو لفظ ئي اهڙو آهي جو اصل وات ۾ پاڻي اچيو وڃي ۔۔۔ هون به درياهه جي ڪپر تي رهڻ واريون قومون چانور گهڻو اپائن ۽ چانورن جي گهڻي هجڻ سبب، ڀت جا به ڪيترائي قسم ٿين ۔۔۔

    ڪنهن دوست کي مٿيون لوڪ گيت هٿ اچي ته ونڊ ضرور ڪري جو منهنجي پسند جو گيت آهي ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀَت ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

    انهيءَ‌آرٽيڪل جي مناسبت سان ڪاوش 28 نومبر 2010ع آچر جي ايڊيشن ۾ هڪ آرٽيڪل ڇپيو آهي، ان جو عڪس

    موقعي مهل جي حساب سان ڀت جا مختلف نالا هجن ٿا

    ڇنڇر 27 نومبر تي ”ڪاوش، هائيڊ پارڪ“ ۾ سائين خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي جو خط بعنوان ”ڀَت ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ شايع ٿيو. جنهن ۾ سائين ڀَت متعلق ڏاڍي سٺي ۽ ڪارائتي ڄاڻ ڏني، پر ڀَت جي قسمن جو ذڪر ڪندي سائين شادي جي ڪاڄ واري ڀَت ۽ خيرات واري ڀَت کي گڏائي ڇڏيو آهي. جيڪو منهنجي راءِ ۾ صحيح ناهي. ڀَت ته ڀَت ئي هوندو آهي پر موقعي مهل جي حساب سان ان جا الڳ الڳ نالا مروج آهن. ڀَت گهڻو ڪري شادي جي ڀَت يا وڌ ۾ وڌ طهر واري ڀَت کي چئبو آهي. جڏهن ته خيرات جي ڀَت کي، ڀَت نه پر خيرات ئي سڏبو آهي، جيڪا ڪا به راهه خدا ۾ ڪيل خيرات ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن جي مرڻ تي، ان جي پٺيان ٿيندڙ خيرات ۽ ان ۾ رڌجندڙ ڀت کي ۽ ان جي سڏ کي ”ماني“ سڏبو آهي. جيئن فلاڻي جي ماني وغيره. اهڙي نموني ڪنهن بزرگ يا اولياءَ جي نالي پٺيان رڌجندڙ ڀَت کي لنگر ننگر سڏبو آهي. ان کان علاوه ڪنهن به ٻي خوشي، مثال طور نوڪري ملڻ، پروموشن ٿيڻ، ڪنهن وڏي يا دل گهرئي جي اچڻ مهل رڌجندڙ ڀَت کي دعوت سڏبو آهي. اهڙي نموني مختلف موقعن ۽ مهلن جي حساب سان ”ڀَت، خيرات، ماني ۽ دعوت“ جا نالا ڏنا ويندا آهن. ڀَت جو اسان جي زندگي ۾ تمام اهم ڪردار آهي. ايستائين جو اسان جي لوڪ شاعري ۾ به ان کي ڳايو ويو آهي. ڀلا ڀَت شوقين کان ڪيئن ٿو وسري سگهي. ان ڪري جڏهن اسان ”ڀَت“ کي سنڌيانا ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ٿا ڪريون ته ان کان اڳ ڀَت جي ٿوري ڇنڊ ڇاڻ ڪري وٺون ته بهتر رهندو. اميد ته ڀَت جا شوقين، هائيڊ پارڪ کي، ڀَت لاءِ وڇايل توري ۽ تڏو سمجهي، ان جو خوب استعمال ڪندا.

    نواز ڪنڀر/سانگهڙ
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀَت ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

    مطلب ته ڀت جا جيترا به نالا هجن ۽ ڪهڙن به موقعن تي کاڌو وڃي پر يار ڀتُ ته ڀتُ ئي آهي ۔۔۔ هاڻ جي سنڌيڪا انسائيڪلوپيڊيا ۾ ڀت جو ذڪر ناهي ته، انسائيڪلو پيڊيا ۾ ڪهڙو مزو هوندو ۔۔۔

    خئير ان ڀت جي مناسبت وارو گيت ۔۔۔ ونڊ ٿئي ته واه واهه ۔۔۔

    ماما ماما مار گدڙ کي نور نور سانڊو ۔۔۔ گدڙ مئو پيو گهٽ گهيڙ تي ۔۔۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڀَت ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

    ادا زبردست ................،،،،،،،،،،،،،،،،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو