پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

'ويب سائيٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هوئن ته سنڌ سلامت فورم تي ڪا به تصوير ڳنڍڻ لاءِ يا وري پنهنجيون تصويرون ڪنهن سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ لاءِ توهان اميج شيڪ يا ٽني پڪچر استعمال ڪندا هوندا۔۔۔ پر وقت اچي ويو ته انٽرنيٽ جي تيز رفتاري مان فائدو وٺجي۔۔
    اڄ مان توهان کي هڪ اهڙي سائيٽ ڏسي رهيو آهيان جنهن تي اچي ڪري بس توهان تصوير کي مائوس جي مدد سان ڊريگ سائيٽ تي آڻيو ۽ اک ڇنڀ ۾ توهان جي تصوير اپلوڊ ٿي ويندي ۔۔۔۔ نه صرف ايترو پر ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ تصوير جو يو آر ايل ظاهر ٿي پوندو۔۔۔

    [​IMG]

    چاهيو ته پنهنجي گيلري بڻايو ۽ تصويرون محفوظ ڪندا وڃو۔۔۔ جي ڪاوڙ اچي ته هڪڙي ئي وقت گيلري تي ڪلڪ ڪري پوري جو پوري گيلري ڊيليٽ ڪري وٺو۔۔۔
    ان کانسواءِ نه صرف تصويرن پر ميوزڪ فائيلز ۽ ڊاڪومينٽ فائيل کان علاوه پنهنجي وڊيو تائين اهڙي تڪڙي انداز سان اپلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ پر ياد رهي ته هي ويب سائيٽ في الوقت 7 ميگا بائيٽ في فائيل اپلوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي۔۔۔

    هڪ چڪر آزمايو توهان کي هن Min us نالي سائيٽ تي ڪم ڪندي لطف ايندو۔۔۔
    سائيٽ تي وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    ادا رشيد۔۔ توهان جي هر ونڊ وانگر هي به زبردست ونڊ آهي، اميد ته اسان جي علم ۾ اڳتي به اهڙي طرح ئي اضافو ڪندا رهندا۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    چوندا آهن ته وڏا اڪثر ننڍن لا جيڪو ڪجهه ڪندا آهن سو ڀلي لا هوندو آهي، هي سائيٽ به بلڪل اسانجي ڀلي لا ئي آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔

    هڪ سوال جيڪو شايد اوهان به پنهنجو پاڻ سان ڪندا هوندا ته اهي پرايون جڳهئون (سائيٽون) جيڪڏهن بند ٿي ويون ته ڇا اسانجا اهي قيمتي فائيل جيڪي اسين پنهنجن لکتن سان ڳنڍيون ٿا سي حفاظت ۾ هوندا ؟ ۔۔۔ ”ها“ ته پو واه واه پر جي ”نه“ ته پو فڪر ڪرڻو پوندو ته جيئن اسانجا اهي ونڊ محفوظ رهن ۔۔۔ ڪيئن ۔۔۔؟

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    سائين ڳالهه ته توهان جي سوچڻ جهڙي آهي۔۔۔ پر ڇا ڪجي جو ڪجهه مجبوريون ان جو مڪمل حل نه ٿيون ڪڍڻ ڏين۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سنڌ سلامت کي اپڊيٽ ڪرڻ جو پروگرام رکيو هيو ته ان وقت اها سوچ آئي هئي ته فورم تي ونڊيل سمورين تصويرن کي پاڻ وٽ ئي محفوظ رکجي ۔۔ جڏهن ان تي عمل جو وقت آيو ۽ ڊيٽا بيس کي آزمايو ويو ته اهو سَوَن ميگابائيٽ تائين وڌي ويو ۔۔ ۽ جڏهن تصويرن کي ڊيٽا بيس کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪافي ايرر سامهون آيا مجبورن ڪجهه دوستن جهڙوڪ ادا ابوزين ۽ ادا ڦلپوٽو کي گذارش ڪئي وئي جن فورم تي موجود تصويرن کي ڌارين سائيٽس تي اپلوڊڪري ڊيٽابيس کي هلڪو ڪيو جنهن کان پوءِ فورم کي اپڊيٽ ڪيو ويو۔۔ هاڻي ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ هڪ دفعو وري ڪوشش ڪري فورم کي اپڊيٽ ڪندي 6۔8۔3 تي آڻبو جنهن کانپوءِ تصويرن ڳنڍڻ جي عمل کي سهل بڻائيندي تصويرون سڌو سئون فورم تي لڳائڻ جي عمل کي بحال ڪيو ويندو۔۔۔ تيسيتائين دوستن کي گذارش آهي ته فورم تي مواد موڪليندي ان جو بيڪ اپ پاڻ وٽ محفوظ رکن۔۔۔
    ڪم جي ڳالهه طرف اشارو ڪرڻ لاءِ توهان جي مهرباني۔۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    سائين تصويرن کي اپلوڊ‌ ڪرڻ لاءِ جيتري قدر مون کي گوگل پڪاسا سافٽ ويئر ۽ ويب سائيٽ‌ ڪم جي لڳي آهي اوترو ڪو ٻيو سافٽ‌ويئر يا ويب سائيٽ‌ڪم جي نه آهي۔۔ هن ۾ هڪ گيگا تائين تصويرون اپلوڊ‌ڪري سگهجن ٿيون ۽ ان کان وڌيڪ ڪا ڀروسي واري ويب سائيٽ ٿي نه ٿي سگهي، ان ۾‌بيچ فائل اپلوڊنگ جي سهولت پڻ‌آهي۔۔ مان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بلاگ تيار ڪري ان تي تصويرون اپلوڊ‌ڪرڻ جو تجربو ڪيو هو جيڪو سئو سيڪڙو ڪامياب رهيو۔۔۔ جيڪڏهن پنهنجي ڪم جي سمورين تصويرن کي اهڙي ويب سائيٽن تي اپلوڊ‌ڪجي ته بهتر ٿيندو۔۔
     
  6. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    5 حجامت جي فائيل کي ڊريگ ڪيم ۽ اک ڇنڀ ۾ تصوير اپ لوڊ .... ڪمال ٿي ويو... پر هي ڇا تصوير جو يو آر ايل لنڪ ظاهر نه ٿيو... لنڪ حاصل ڪيم ته هارڊ ڊرائيو جو پاٿ ظاهر ٿيو...

    شايد اوپيرا برائوزر جو مسئلو هجي... انهيءَ ڪري انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ ساڳيو عمل دهرايم... هن ڀيري به لنڪ ظاهر نه ٿيو ۽ آخر ۾ جڏهن مينوئلي اپ لوڊ ڪيم ته لنڪ ته ظاهر ٿيو، پر ڪافي دير کان پوءِ يعني اهائي ساڳي اسپيڊ جيڪا ٻين اسٽوريج سائيٽن تي مهيا ڪئي ويندي آهي.



    [​IMG]

    ۽ آخر ۾ جڏهن هن پٽيءَ تي نظر پئي ته محسوس ٿيو ته اها سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو برائوزر (فائر فاڪس يا گوگل ڪروم) ڊائونلوڊ ڪرڻو پوندو.

    جس هجي توهان کي دوستن جي آسانيءَ لاءِ اهڙيون شيون آڻيو ٿا.... وڏي مهرباني.
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    ادا رشيد مهرباني

    هميشه وانگر هڪ بهترين ونڊ، جنهن ونڊ مان وري سنڌ سلامت جي اپڊيشن جي ڳاله نڪتي آهي۔ جنهن لاء مان سمجهان ٿو اسان واري انٽرنيشنل فقير علي علي کي ڳوليو ۽ ها ڇا تصويرون سڌو سنئون ڏيکارڻ سان بئنڊ وڊٿ جو مسئلو ته نه ٿيندو ؟؟؟
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    سائين تصوير ته اپلوڊ ٿي وئي پر اها خبر نه ٿي پئي ته ان کي هاڻ فورم تي شيئر ڪيئن ڪجي؟!!

    ۽ ادا مست کي گذارش آهي ته گوگل واري ڳالهه جي ٿوري وضاحت ڪن ته مهرباني ٿيندي۔
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    تمام بهترين سائيٽ آهي بلڪل آساني سان تصوير اپ لوڊ ٿئي وئي ۽ لنڪ به ظاهر ٿئي پئي

    لاجواب سائيٽ ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي ادا

    سدائين گڏ
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    سائين ابو زين جي ڳالهه درست آهي ته ڊريگ ڪرڻ سان فقط تصوير شو ٿئي ٿي باقي اپلود نارمل طريقي سان ئي ٿئي ٿي هڪ تصوير اپلوڊ ڪري تجربو ڪيو آهي ڏسون ڪيتري ڪاميابي ٿي آهي.

    [​IMG]
     
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    سائين سڀ کان پهريان عرض ته هن سائيٽ تي هيٺان لکيل آهي ته هي سائيٽ فائر فوڪس Fire Fox گوگل ڪروم Chrome ۽ سفاري Safari برائوزرس کي سپورٽ ڪري ٿي ان ڪري بهتر آهي ته توهان فائر فوڪس ذريعي تصوير اپلوڊ ڪيو اپلوڊ ڊريگ ذريعي نه ڪيو بلڪ Add files بٽڻ تي ڪلڪ ڪري تصوير جو پاٿ ڏيو پوء Start upload بٽڻ کي ڪلڪ ڪيو جڏهن تصوير اپلوڊ ٿي ٿي وڃي ته شيئر Sahre بٽڻ تي ڪلڪ ڪندا ان طرح سان توهان کي هيٺيان چار ڪوڊ نظر ايندا.

    Gallery Link
    Image Link
    HTML Code
    Forum Code

    هي آخر ۾ جيڪو ڪوڊ آهي سو تصوير ۾ 3 نمبر تي هوندو اهو ڪاپي ڪري فورم تي پيسٽ ڪيو پوء توهان جي تصوير فورم تي ظاهر ٿي ويندي.
    دعائن ۾ ياد ڪندا.
    الله نگهبان.
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن سان ملاقات دوران ڪجهه ٻيون تصويرون جيڪي منهنجي ڪيمرا ۾ آيون سي هي آهن.

    سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر اسانجو پيارو مانَ وارو دوست سائين محمد سليمان وساڻ صاحب

    [​IMG]

    سنڌسلامت جو ايڊ مين جناب سائين عبدالرشيد ۽ سنڌ سلامت جو ٽيڪنيڪل معاون سائين عامر ضياء چارڻ

    [​IMG]





    هن تصوير ۾ سائين عامر سائين عبدالرشيد ۽ هي عاجز به شامل آهي.
    [​IMG]
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    گوگل ڪروم جو استعمال ڪندي مون هن ويب پيج جهڙو سولو ۽ تمام تيز پيج ٻيو نه ڏٺو آهي۔

    اهي دوست جيڪي هڪ ئي وقت گهڻيون تصويرون اپلوڊ ڪن ٿا انهن لاء تمام آساني ۔ صرف ڊريگ ڪيو ۽ سڀ تصويرون ڪجه ئي سيڪنڊن ۾ اپلوڊ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وا واه
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پنهنجيون تصويرون تڪڙي طريقي سان شيئر ڪريو۔۔۔

    واهه سائين واهه لاجواب ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو