وڻ جي ڪهاڻي پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏو صوف جو وڻ هوندو هو ... هڪ ننڍڙو ٻار وڏي چاهه سان اچي ان وڻ جي چوڌاري کيڏندو هو ... هو وڻ جي مٿان چڙهي ويندو هو، صوف کائيندو هو ۽ وڻ جي ڇانوَ ۾ آرامي ٿيندي هو ... هو وڻ کي چاهيندو هو ۽ وڻ به کيس ڏاڍو ڀائيندو ۽ پيار ڪندو هو ... وقت گذرندو رهيو ... ننڍڙو ٻار ڇوڪراڻي عمر ۾ داخل ٿيڻ لڳو ... ۽ وڻ سان کيڏڻ به گهٽائي ڇڏيائين ... هڪ ڏينهن اهو ڇوڪرو غمگين ۽ پريشان حال وڻ وٽ آيو ... اچ اچي مونسان کيڏ؛ وڻ ڇوڪري کي مخاطب ٿيندي چيو ... ڇوڪري جواب ڏنو؛ مان هاڻ ٻار ناهيان رهيو ۽ هاڻ آءُ تنهنجي چوڌاري ڦيريون پائي کيڏڻ جهڙو ناهيان ... مونکي رانديڪا کپن، مونکي پئسا کپن ته جيئن رانديڪا وٺي سگهان ... معاف ڪجانءِ، مون وٽ پئسا ته ڪونهن! پر تون منهنجا سڀ صوف پٽي وڃي بازار ۾ وڪڻ ته توکي پئسا ملي ويندا ... وڻ جواب ڏنو ... ڇوڪر ڏاڍو خوش ٿيو ... ۽ سڀ صوف پٽي، خوشي خوشي هليو ويو ... صوفن کڻي وڃڻ کانپوءِ ڇوڪرو موٽي ڪونه آيو ... وڻ ڏاڍو ڏکيارو ٿيو ... هڪ ڏينهن اهو ڇوڪرو هاڻ نوجوان مرد جي روپ ۾ اچي وڻ آڏو بيٺو ... وڻ ڏاڍو خوش ٿيو، اچ ته راند ڪڏون، وڻ چيو مون وٽ وقت ڪٿي آ کيڏڻ جو، مونکي پنهنجي خاندان لاءِ ڪمائڻو آهي ... مونکي گهر ٺاهڻو آهي ... ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو ؟ افسوس، مون وٽ ڪو گهر ناهي، پر تون منهنجون شاخون ڪٽي پنهنجو گهر ٺاهي سگهين ٿو ... نوجوان وڻ جون سڀ شاخون ڪپي خوشي خوشي هليو ويو... نوجوان کي خوش خوش ويندو ڏسي وڻ کي ڏاڍي خوشي ٿي، پر نوجوان وري موٽي ڪونه آيو ... وڻ ويچارو اڪيلو ۽ ڏکارو رهڻ لڳو ... هڪ گرم اونهاري جي ڏينهن ۾ اهو شخص وري موٽي آيو ۽ وڻ کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو .. وڻ خوشيءَ ۾ چيو، اچ ته راند ڪڏون ... شخص وراڻيو، هاڻ آءَ وڏي عمر جو ٿيڻ لڳو آهيان ... مان چاهيان ٿو ته ٻيڙي کڻي سمنڊ ۾ وڃي ڪي پل سڪون جا گذاريان ... ڇا تون مونکي ڪا ٻيڙي ڏئي سگهين ٿو .. ماڻهونءَ انگل ڪيو ڇونه، منهنجو ٿڙُُ حاضر آهي، منهنجي ٿڙ مان تون ٻيڙي ٺاهي سمنڊ ۾ وڃي ڪي پل خوشيءَ جا گذار ... ۽ پوءِ ان شخص ان وڻ جو ٿڙ ڪپيو، ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ ... ۽ هو ٻيڙي ٺاهي سمنڊ ڏانهن ويو ، ڪيتري عرصي تائين وري موٽي وڻ وٽ ڪونه آيو ... آخر، ڪيترن سالن جي گذرڻ کانپوءِ همراه موٽي آيو .... افسوس، منهنجا پٽ، هاڻ ته مون وٽ ڪابه شئي ناهي توکي ڏيڻ لاءِ، صوف به ڪونهن جو توکي ڏيان ... وڻ چيو ڪا ڳالهه ناهي. مونکي ته هاڻ اهڙا ڏند به ناهن جو صوف کائي سگهان ... همراه وراڻيو ... هاڻ ته مون وٽ شاخون به ڪونهن جو تون انهن تي چڙهي کيڏي سگهين ... وڻ چيو آءُ هاڻ شاخن چڙهڻ جهڙو ئي نه رهيو آهيان ... همراه وراڻيو آءُ هاڻ واقعي ڪا به شئي توکي ڏيڻ جهڙو نه رهيو آهيان ... مون وٽ هاڻ مرندڙ پاڙون وڃي بچيون آهن ... وڻ اکين مان ڳوڙها اگهندي چيو ... مونکي هاڻ ڪنهن شئي جي ڪا خاص ضرورت به ناهي، بس صرف آرام ڪرڻ لاءِ ڪا جڳهه کپي ... هاڻ آءُ ٿڪجي پيو آهيان ... همراه جواب ڏنو ته پوءِ اچ، ڪراڙي وڻ جي پاڙ سستائڻ ۽ آرام ڪرڻ جي سٺي جڳهه هوندي آهي ... اچ، اچي منهنجي ڀر ۾ ويهه ۽ آرام ڪر ... همراه وڻ جي پاڙن جي ڀر ۾ ويهي رهيو ... وڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس خوشيءَ منجهاران ڳوڙها وهڻ لڳس ... دوستو، آرام ڪرڻ وارا آهيو ”اوهان“ ۽ اهو وڻ آهي، ” والدين“ دوستو! والدين سان محبت ڪريو ۽ اڄ اوهان جو وارو آهي ... ڦلدار وڻ ٿي ڏيکاريو ۽ کين هر اهو سک ڏيو جو هو اوهان لاءِ ڪندا يا نه ڪندا رهيا آهن ...
سائين وعليڪم السلام سائين توهان بلڪل صحيح لکيو آهي. اسان به جڏهن ننڍڙا هوندا هئاسين ته انهن ڳالهين جي خبر نه پوندي هئي هاڻي جڏهن پاڻ بابا ٿياسين ته سمجه ۾ ڳاله آئي. شيئرنگ لاءِ مهرباني
ادا مگسي السلام عليڪم يار، چوندا آهن نه ته جت باه ٻري اهو هنڌ سڙي، بيشڪ اسين پاڻ جڏهن بابا ٿيندا آهيون ته خبر پوندي آهي ته گهڻي ويهين سئو ٿيندو آهي، جڏهن اولاد کي ڪو هڪ ننڍڙو ڏک به ملندو آهي ته دل وڍجي پوندي آهي ... الله تعالا اسانکي، اسانجي اولاد کي سمجه عطا ڪري ... آمين
سائين توهان جي ڪهاڻي ڏاڏي سٺي ۽ هڪ سٺي نصيحت واري پڻ آهي سمجهڻ وارن لا۽ ان ۾ گهڻو ڪجهه آهي اهڙي بهترين شيئرنگس لا۽ مان اوهان جو ٿورائتو آهيان مهرباني ادا نثار ابڙو صاحب
ادا فقير لک ٿورا، اوهانکي هي ڪهاڻي پسند آئي، دوست، اڄ جو ڏينهن بابن جو ڏينهن آهي، رات مون وارين نياڻين مونکي فون ڪري هيپي فادر ڊي چيو، خيال آيو ته ڇونه دوستن سان ڪا اهڙي ڪهاڻي ونڊ ڪجي جنهن ۾ والدين جي عظمت هجي، خاص پي جي شفقت بابت، جو ويچارو الائجي ڪهڙيون مصيبتون پنهنجي ڪلهن تي کڻي به پنهنجي اولاد کي سکيو رکندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته اولاد کي خبر ئي نه هوندي آهي ته بابو ڪهڙي پلصراط تان گذري آيو آهي ... منهنجو ئي مثال وٺو ته پرديس ۾ پنهنجن دوستن کان ڏور، پنهنجي وني کان الڳ، پنهنجي ٻولي & قوم لا سڪايل ... ادي علي علي اڄ هڪ گيت طرف اشارو ڪيو آهي جو مونکي پڻ پسند آهي سايه ڀي جب ساٿ ڇوڙ جائي ... ايسي هي تنهائي منهنجي حالت به مٿي ڏنل گيت جهڙي آهي ... دعا ڪريو ته اها حالت ختم ٿئي ... رب ذولجلال اسانجي والدين جي جيئرا آهن انهنکي پنهنجي امان ۾ رکي & جي مري ويا آهن انهنکي جنت فردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي... آمين
سائين اوهان جي ڪهاڻي نصحيت آموز آهي.. انهيءَ وڻ جي ڪردار کي پيءُ جي ڪردار سان تشڪيل ڏئي ڪري اوهان اصل نصحيت کي واضع ڪري ڇڏيو آهي... وري موقعي جي مناسبت سان اهڙي ڪهاڻي لکڻ اوهان جا ٿورائتا آهيون... مهرباني سائين.... الله عزوجل سڀنين جي والدين کي صحت ڪاملا عطا فرمائي آمين... جن جا والدين بزرگوار هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن تن جي والدين کي مولا جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائين....
جواب: دنيا جي بابن کي سلام سائين هي ڪهاڻي وڻ جي نه پر در حقيقت اسان جي پهنجي ڪهاڻي آهي ۔ چوندا آهين ته جڏنهن انسان هن دنيا ۾ قدم رکندو آهي ته ان ڏينهن کان وٺي هو ان جستجو ۾ لڳي ويندو آهي ته هو ڪجه اهڙو ڪري جنهن سان هن جي زندگي خوش رهي پوء ان ڊورڙ ۾ لڳي ويندو آهي پر اهو خيال ڪرڻ به ته لازمي آهي ته پهنجي سک کي حاصل ڪرڻ لاء ٻي ڪنهن جي سک کي خراب نه ڪري پهنجين جي قربانيين کي اهميت ڏي ۽ اسان جي زندگي ۾ والدين کان وٺي ٻيا به اهڙآ گهڻآ وڻ هوندا آهين جيڪي اسان جي هر خواهش پوري ڪندا آهين پر اسان انهن جي انهن خواهش پوري ڪرڻ کي انهن جي ذميواري قرار ڏئي ڪري اهميت نه ڏيندا آهيون ته اسان جي خوشي لاء انهن ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون ڏنيون۔۔خير اسان کي هر ڪنهن جي قرباني جو خيال رکڻ گهرجي باقي والدين جي ته اسان هڪ احسان جو به بدلو نٿا چڪائي سگهون ۽ جي چڪائڻ به چاهيون ته به اسان جي زندگي کٽثي ويندي پر انهن جي احسانن جو بدلو نه چڪائي سگهندا سي ۔۔ اهي ماء پي جن مهنجي ننڍ پڻ کان پرورش ڪئي پهنجو ننڊون فٽائي ڪري پهنجو سک چين فٽائي ڪري اسان جي هر جائز ناجائز خواهش پوري ڪئي پاڻ کي ڏکيو رکي ڪري اسان کي سکيو رکيائون پر جي اسان جا والدين پهنجي زندگي جا ڏينهن پورا ڪري اسان جي مدد جا محتاج ٿين ته اسان کي انهن جي ڪيتري مدد ڪرڻ گهرجي يا ڪهڙي نموني مدد ڪرڻ گهرجي اها ڳاله ان غيرت مند انسان کي سمجهائڻ جي ضرورت نه آهي سبق آموز بهترين ڪهاڻي ۔۔۔۔۔ تمام سٺي سمجهاڻي لک ٿورا قبله اوهان جا
جواب: دنيا جي بابن کي سلام هي حقيقت هميشه سهڻي هوندي آهي سونهن سهڻي ان لاءِ لڳندي آهي جو اها سچي هوندي آهي هي ڪهاڻي جا سائين اسان سان ونڊي آهي ان مان هر دؤر جو انسان گذرندو ۔ سائين ابڙا صاحب اوهان جا لک لائق الله اوهان جي ڇانَوَ اسان جي مٿان هميشه قائم و دائم رکي ۔ آمين۔ وسلام
جواب: دنيا جي بابن کي سلام بيشڪ بي لوث محبت والدين جي ئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ هن وڻ جي ڪهاڻي مان اسانکي به سبق حاصل ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔پر اسان ته خودغرض آهيون اسانکي انهن شين جو احساس نه آهي۔ اڄ اسان والدين جو قدر نه ڪيو ته سڀاڻي اسان جو به اولاد اسان سان اهو ئي رويو رکندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام پياري ء سبق آموز ڪهاڻي آهي ۔۔۔۔۔۔ لاجوب
هڪ ننڍڙي ڌيءَ ۽ پيءَ ڪنهن سنهڙي پل تان ٿي گذريا، پيءُ چيو ” ڌيءَ منهنجي آڱر مضبوطيءَ سان پڪڙ”ڌيءَ چيو نه بابا، اوهان منهنجي آڱر پڪڙيو،پيءُ چيو ڇو ڌيءَ؟ڌيءَ وراڻيو، ” بابا، ممڪن ڪو حادثو ٿي ته آءُ اوهانجي آڱر ڇڏي سگهانٿي پر مونکي يقين آهي ته ڇا به ٿي پوي پر اوهان منهنجي آڱر نه ڇڏيندا“
اسان جو بابا ڪجه سال اڳ اسان کان هميشه لاء موڪلائي راه رباني تي روانا ٿئي ويا۔بابا جون محبتون ،اسان سڀني ڀيڻن ۽ ڀائرن سان هڪٍجهڙو سلوڪ ڪرڻ ،پٽ ۽ ڌيئن سان هڪجهڙو ورتائو ڪرڻ،پاڻ تهوارن تي ڪپڙا نه وٺي اسان کي ڪپڙا ٺهرائي ڏيڻ،اسانجا هر انگل کلي کلي پورو ڪرڻ،اسان ۾ ڪنهن جي بيمار ٿيڻ تي هر هر ڊاڪٽر کي وٺي اچڻ،اسان جي امتحان ۾ پاس ٿيڻ تي پاڙي وارن کي مٺايون کارائڻ،امان جي ناراضگي اسان لاء کي پنهنجي محٻتن جي ذريعي ختم ڪرڻ،گهٽ پيسئي هوند به هر ٻار جي ٍجائز خواهش پوري ڪرڻ،۽ ٻيون ڪيتريون ساريون شيون جيڪي اسان جي والد مرحوم اسان لاء ڪيون،اڄ ڏينهن تائين اسان جي ذهن ۾ محفوظ آهن ۽ اهئي سڄي عمر نه وسرڻ جهڙِون آهن۔خوش نصيب آهن اهئي اولاد جن وٽ والدين نالي جي نعمت اڃا تائين موجود آهي۔والد صاحب جي وفات کانپوء هنن جي محبت ۽ شفقت جي ڪمي هميشه لاء محسوس ٿيندي آهي جيڪو خال ڪير به نه ڀري سگهندو آهي۔توهان جي ليک اسان کي بابا سائين جي ڪمي ڏاڍي شدت سان محسوس ڪريو ۽ ان نعمت کان محرومي جو تمام وڏو احساس ڏياريو۔ سڀني ڀائرن کي التجا آهي ته اسان جي بابا جي مغفرت جي دعا گهرندا۔توهان پنهنجي والد جو تمام گهڻو خيال رکو ائين نه ٿئي ته جڏهن اها نعمت اوهان وٽ نه رهي ته اوهان کي پنهنجي ڪوتاهين جو احساس ٿئي۔
دوستو! ڪالهه منهنجي نياڻيءَ جڏهن مونڏانهن هي ننڍڙو نياپو موڪليو، ته الائجي ڇو، اکيون آليون ٿي ويون ۽ ڪيترائي احساس وڪوڙي ويا ... .... رب العالمين دنيا جي سڀني پيئرن کي سالم ۽ سليم رکي ۽ سندن شفقت پنهنجي اولاد تي قائم رکي.... آمين
هڪ پُٽ جو پي ٿيڻ کان پوءِ واري حيثيت انتهائي حساس ڪيفيت واري هوندي آهي۔ ڪڏهن به پُٽ پي ٿيڻ کان پوءِ اهو ناهي سمجهي سگهندو ته هُن اوترو ڪُجهه پنهنجن ٻارن لاءِ ڪيو جيترو کيس سندس والد ڪري ڏِنو۔ نثارابڙو سان قربتن هوندي اهو چوڻ ۾ قطعي وڌا ناهي ته هو اسان لاءِ هل رول ماڊل فادر آهن۔ سندن ڀائڻ اسان کي ئي ايترو آهي جو هو پنهنجي ٻارن سان ڪيترو پيار ڪندا هوندا شياد هي ننڍڙو ذهن انهي جو اندازو ڪري ئي نه سگهي۔ اڪيلايون ۽ ميل ملاقات زندگي جي رنگن جا رنگ آهن۔ زندگي جو حصو آهن۔ نثار صاحب جڏهن جڏهن اهي ڳالهيون ڪيون آهن ته دل ڀرجي ايندي آهي۔ پر خير آهي۔ اُبتي ڳڻپ شروع آهي۔