نثارابڙو
نائب منتظم
وڻ جي ڪهاڻي
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏو صوف جو وڻ هوندو هو ... هڪ ننڍڙو ٻار وڏي چاهه سان اچي ان وڻ جي چوڌاري کيڏندو هو ... هو وڻ جي مٿان چڙهي ويندو هو، صوف کائيندو هو ۽ وڻ جي ڇانوَ ۾ آرامي ٿيندي هو ... هو وڻ کي چاهيندو هو ۽ وڻ به کيس ڏاڍو ڀائيندو ۽ پيار ڪندو هو ...
وقت گذرندو رهيو ... ننڍڙو ٻار ڇوڪراڻي عمر ۾ داخل ٿيڻ لڳو ... ۽ وڻ سان کيڏڻ به گهٽائي ڇڏيائين ... هڪ ڏينهن اهو ڇوڪرو غمگين ۽ پريشان حال وڻ وٽ آيو ...
اچ اچي مونسان کيڏ؛ وڻ ڇوڪري کي مخاطب ٿيندي چيو ...
ڇوڪري جواب ڏنو؛ مان هاڻ ٻار ناهيان رهيو ۽ هاڻ آءُ تنهنجي چوڌاري ڦيريون پائي کيڏڻ جهڙو ناهيان ...
مونکي رانديڪا کپن، مونکي پئسا کپن ته جيئن رانديڪا وٺي سگهان ...
معاف ڪجانءِ، مون وٽ پئسا ته ڪونهن! پر تون منهنجا سڀ صوف پٽي وڃي بازار ۾ وڪڻ ته توکي پئسا ملي ويندا ... وڻ جواب ڏنو ...
ڇوڪر ڏاڍو خوش ٿيو ... ۽ سڀ صوف پٽي، خوشي خوشي هليو ويو ... صوفن کڻي وڃڻ کانپوءِ ڇوڪرو موٽي ڪونه آيو ...
وڻ ڏاڍو ڏکيارو ٿيو ...
هڪ ڏينهن اهو ڇوڪرو هاڻ نوجوان مرد جي روپ ۾ اچي وڻ آڏو بيٺو ...
وڻ ڏاڍو خوش ٿيو، اچ ته راند ڪڏون، وڻ چيو
مون وٽ وقت ڪٿي آ کيڏڻ جو، مونکي پنهنجي خاندان لاءِ ڪمائڻو آهي ... مونکي گهر ٺاهڻو آهي ... ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو ؟
افسوس، مون وٽ ڪو گهر ناهي، پر تون منهنجون شاخون ڪٽي پنهنجو گهر ٺاهي سگهين ٿو ...
نوجوان وڻ جون سڀ شاخون ڪپي خوشي خوشي هليو ويو...
نوجوان کي خوش خوش ويندو ڏسي وڻ کي ڏاڍي خوشي ٿي، پر نوجوان وري موٽي ڪونه آيو ... وڻ ويچارو اڪيلو ۽ ڏکارو رهڻ لڳو ...
هڪ گرم اونهاري جي ڏينهن ۾ اهو شخص وري موٽي آيو ۽ وڻ کيس ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ..
وڻ خوشيءَ ۾ چيو، اچ ته راند ڪڏون ...
شخص وراڻيو، هاڻ آءَ وڏي عمر جو ٿيڻ لڳو آهيان ... مان چاهيان ٿو ته ٻيڙي کڻي سمنڊ ۾ وڃي ڪي پل سڪون جا گذاريان ...
ڇا تون مونکي ڪا ٻيڙي ڏئي سگهين ٿو .. ماڻهونءَ انگل ڪيو
ڇونه، منهنجو ٿڙُُ حاضر آهي، منهنجي ٿڙ مان تون ٻيڙي ٺاهي سمنڊ ۾ وڃي ڪي پل خوشيءَ جا گذار ...
۽ پوءِ ان شخص ان وڻ جو ٿڙ ڪپيو، ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ ... ۽ هو ٻيڙي ٺاهي سمنڊ ڏانهن ويو ، ڪيتري عرصي تائين وري موٽي وڻ وٽ ڪونه آيو ...
آخر، ڪيترن سالن جي گذرڻ کانپوءِ همراه موٽي آيو ....
افسوس، منهنجا پٽ، هاڻ ته مون وٽ ڪابه شئي ناهي توکي ڏيڻ لاءِ، صوف به ڪونهن جو توکي ڏيان ... وڻ چيو
ڪا ڳالهه ناهي. مونکي ته هاڻ اهڙا ڏند به ناهن جو صوف کائي سگهان ... همراه وراڻيو ...
هاڻ ته مون وٽ شاخون به ڪونهن جو تون انهن تي چڙهي کيڏي سگهين ... وڻ چيو
آءُ هاڻ شاخن چڙهڻ جهڙو ئي نه رهيو آهيان ... همراه وراڻيو
آءُ هاڻ واقعي ڪا به شئي توکي ڏيڻ جهڙو نه رهيو آهيان ... مون وٽ هاڻ مرندڙ پاڙون وڃي بچيون آهن ... وڻ اکين مان ڳوڙها اگهندي چيو ...
مونکي هاڻ ڪنهن شئي جي ڪا خاص ضرورت به ناهي، بس صرف آرام ڪرڻ لاءِ ڪا جڳهه کپي ... هاڻ آءُ ٿڪجي پيو آهيان ... همراه جواب ڏنو
ته پوءِ اچ، ڪراڙي وڻ جي پاڙ سستائڻ ۽ آرام ڪرڻ جي سٺي جڳهه هوندي آهي ...
اچ، اچي منهنجي ڀر ۾ ويهه ۽ آرام ڪر ...
همراه وڻ جي پاڙن جي ڀر ۾ ويهي رهيو ... وڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس خوشيءَ منجهاران ڳوڙها وهڻ لڳس ...
دوستو، آرام ڪرڻ وارا آهيو ”اوهان“ ۽ اهو وڻ آهي،
” والدين“
دوستو! والدين سان محبت ڪريو ۽ اڄ اوهان جو وارو آهي ... ڦلدار وڻ ٿي ڏيکاريو ۽ کين هر اهو سک ڏيو جو هو اوهان لاءِ ڪندا يا نه ڪندا رهيا آهن ...
