ادا هر خبر تي نظر وارو جملو جناب دوست اسد ميرجت ( مست ) صاحب لاء بلڪل فٽ ٿو بيهي، مون ڏٺو آهي ته مست صاحب پنهنجي ڪم ۾ به هميشه مست ۽ سچا آهن، مست صاحب جا اهي وڏا وڙ چئبا جو منهنجي هر تحرير تي نه صرف نظر رکندا آهن پر انهيء تحرير تي پنهنجا قيمتي خيال به پيش ڪندا آهن، ان کان علاوه توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته جڏهن ته مون کي پاڻ پنهنجي رڪارڊ جي خبر ناهي هوندي مگر مست صاحب ته منهنجي تحريرن جي رڪارڊ جي به پوري پوري جاچ پڙتال رکن ٿا، ۽ جڏهن ڪو منهنجو ٽارگيٽ پورو ٿيندو ڏسن ٿا ته مبارڪ ڏيڻ ۾ به ٻين دوستن کان اڳرائي پڻ ڪن ٿا، جنهن لاء مان سندس ٿورائتو آهيان۔