ثقافتي ڏهاڙي جي تقريبن لاءِ پ پ سنڌ جي ڪميٽي قائم،حڪومت

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سلمان ڪلمتي طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2010۔

  1. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪراچي (رپورٽ:ضياءَ قريشي) سنڌ حڪومت 4 ڊسمبر کي يوم ثقافت جو ڏهاڙو سڏيندي ان ڏينهن تي سموري سنڌ ۾ عام موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏهاڙي تي ثقافتي پروگرام منعقد ڪرڻ لاءِ صوبائي وزيرن سسئي پليجو، شازيا مري، سرفراز راڄڙ ۽ شرجيل ميمڻ تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ ثقافتي پروگرامن جي سلسلي ۾ ثقافت، سياحت ۽ ڪلچرل ونگ جو گڏيل تعاون هوندو. اهڙو اظهار پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ميڊيا سيل ڪراچي ۾ صوبائي وزيرن سسئي پليجو، شازيا مري، ڪلچرل ونگ جي صدر سرفراز راڄڙ، صديق ابو ڀائي، ايم پي اي شرجيل ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. تاج حيدر چيو ته ڪلچرل ونگ سنڌ جي هر ڊويزن ۾ ڪلچرل پروگرام منعقد ڪندي ۽ هر ضلعي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ثقافتي ريليون ڪڍيون وڃن. ڪارڪن سنڌي ٽوپيون، اجرڪ، پٽڪا پهري پارٽين جا جهنڊا کڻي شريڪ ٿين. تاج حيدر چيو ته اسان مفاهمت جي سياست ڪيون پيا، ان ڏس ۾ ڪلچر واري ڏهاڙي تي ٻين سياسي پارٽين، سول سوسائٽي کي به ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ آمرن ثقافت کي ڪچليو آهي. سنڌي ٻولي تي پابندي وڌي وئي. اسان پنهنجي ڌرتي جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ چاهيون ٿا. شهيد ڀٽو به اچڻ سان پي ٽي وي تي سنڌي پروگرامن کي اجاگر ڪيو. شاعرن ۽ اديبن کي موقعا فراهم ڪيا. تاج حيدر چيو ته ڪيترن ئي ادارن به سنڌ حڪومت سان گڏ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جن ۾ عبرت گروپ، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، ميٽرو ٽي وي، ڌوم ٽي وي، عوامي آواز، قومي اخبار، تعمير سنڌ، سوڀ اخبارون به شامل آهن. سڄي سنڌ مان رپورٽون آهن ته پريس ڪلبن ۾ وڏا ثقافتي پروگرام ٿي رهيا آهن. تاج حيدر سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي خصوصن حفاظتي انتظام ڪيا ويندا ۽ گهرو وزير ان ڏس ۾ رابطي ۾ آهي. هن چيو ته تعليم کاتي پڻ اسڪولن ۾ ڪلچرل پروگرام منعقد ڪرڻ جو بندوبست ڪيو آهي. صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو ته سمورا ڏينهن ڪلچر جا ملهائجن اهو گهٽ آهي. اسان جي ثقافت تمام شاهوڪار آهي. سنڌ پاڪستان جو اهم صوبو آهي. ثقافتي ڏهاڙو سنڌ کي ڌار ڪرڻ جو مقصد نه آهي. اسان هر ثقافت جي عزت ڪيون ٿا پر سنڌ جي تهذيب سڀني تهذيبن جي ماءُ آهي. اسان سڀني ثقافتن کي ياد رکنداسين. سنڌ سولائيزيشن جي مالڪ ۽ شاهوڪار آهي. صوبائي وزير شازيا مري چيو ته پاڪستان جو آئين ثقافت کي ترقي ڏيڻ جو چوي ٿو. ان سان گڏ علائقائي زبانن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. اسان صدر کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. ثقافت قومن ۽ ملڪن کي گڏ ڪري ٿي. ان موقعي تي سرفراز راڄڙ، صديق ابو ڀائي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٻئي طرف پريس ڪانفرنس ۾ تاج حيدر ۽ ٻين چيو ته 4 ڊسمبر تي هاءِ ويز تي گيٽ هنيا ويندا. شهرن ۽ هاءِ وي جا چوراها سينگاريا ويندا.
    (روزاني عبرت)
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ثقافتي ڏهاڙي جي تقريبن لاءِ پ پ سنڌ جي ڪميٽي قائم،حڪومت

    جي ادا بلڪل ................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو