وارن کي سهڻو۽ سينگاري رکڻ جو سادو نسخو؛ نوٽ؛ هي نسخو ٻنهي يعني ڀينرن ۽ ڀائرن لاءِ مفيد آهي ... ظاهر آهي جنهنکي وار هوندا ته نسخو به ڪم ايندو باقي گنجي کي ڦڻي ته نه ڏبي نه ... هي نسخو پوري برصغير جي قومن وٽ استعمال ٿئي ٿو ... هن نسخي جي استعمال سان مٿي جي خشڪي ختم ٿيندي، وار ڪرڻ بند ٿيندا بلڪه ممڪن حد تائين تازا وار پڻ ڄمندا ۽ اوهانجا وار ڪارا ۽ چمڪدار رهندا ... ڏهي 100 گرام زيتو جو تيل 1 کاڌي جو چمچو آملا (آولا) هڪ چانهن جو چمچو (سڪل آملا هجن انهن کي فرائي پان ۾ وجهي گرم ڪبو ته سڙي ڪوئلي جيئان ٿي پوندا، پائوڊر ٺاهي محفوظ ڪري رکجن ۽ حسب ضرورت يا مٿي ڄاڻايل مقدار کڻجي). ٽنهي شين جي ملائي (ڪريم) ٺاهي، وارن جي جڙن تائين هڻجي ... ڪلاڪ کن ويهي سنڌ سلامت جي جاچ جوچ ڪجي ... انکانپوءِ مٿي ۽ وارن کي شيمپوءَ سان ڌوئي ڇڏجي ... اهو عمل هڪ نه ٻي ڏينهن ورجائي، وارن کي جاندار رکجي ... جي فائدو ٿي ته هن ڀاءُ کي دعا ضرور ڪجي ...
سائين تما بهترين نسخو آهي پر سائين مون جي ڪم جو ناهي ڇو جو مون جا وار ايترا ته گهاٽا آهن جو اصلي ڦڻي ڏيندي ڏچي ۾ اچي ويندو آهيان ڪو اهڙو نسخو ٻڌايو مهرباني ڪري جيڪو وارن کي نرم ڪري سنڌ سلامت ساٿ سلامت جيئي سنڌ سدا جيئي
ادا فقير سائين، ان نسخي سان اوهانجا وار نرم پڻ رهندا ... ڇاڪاڻ ته اسانوارو ڌوئنرو يعني ڏهي & زيتون جو تيل اوهانجي وارن کي نرم رکڻ ۾ مدد ڪندا ... هڻي ڏسو & ٻڌائجو
واه سائين واه اصل منهنجي ته مشڪل حل ٿي وئي مان الاء ڪهڙا ڪهڙا شيمپو استعمال ڪندو آهيان تڏهن وڃي منهنجا وار فقير کي وڻندا آهن چوندو آهي ته ادا علي اوهان جا وار تمام خوبصورت آهن ادا علي اڄ ديدار ته ڪراء ڪيم ته لڳاء hall charihall chariپر هاڻي اوهان وارو اهو سولو ۽ ديسي نسخو ٿا استعمال ڪيون ڀوري مينهن ڀٽاري جي ڏهي استعمال ڪري ٿا ڏسون
ادا نثار ابڙا تمام بهترين نسخو آهي، مٺا توهان جي نسخن مان لڳي ٿو ته توهان ماضي ۾ حڪيم به رهي چڪا آهيو.
هائو فقير سائين مان توهان جا وار اڄ تمام سهڻي طريقي سان ڏٺا آهن، ته انهن وارن سان ڪهڙو علاج & حشر ڪجي مٺا پهريان فقير کان ته پڇ ان سان ڇا حشر هوندا آهن. ادا عظيم توهان جا وار مان ته ناهن ڏٺا پر مونکي يقين آهي ته ادا علي علي جا وار توهان کان ڪافي بهتر هوندا. suhnan saan