نثارابڙو
نائب منتظم
وارن کي سهڻو۽ سينگاري رکڻ جو سادو نسخو؛
نوٽ؛
هي نسخو ٻنهي يعني ڀينرن ۽ ڀائرن لاءِ مفيد آهي ... ظاهر آهي جنهنکي وار هوندا ته نسخو به ڪم ايندو باقي گنجي کي ڦڻي ته نه ڏبي نه ...
هي نسخو پوري برصغير جي قومن وٽ استعمال ٿئي ٿو ...
هن نسخي جي استعمال سان مٿي جي خشڪي ختم ٿيندي، وار ڪرڻ بند ٿيندا بلڪه ممڪن حد تائين تازا وار پڻ ڄمندا ۽ اوهانجا وار ڪارا ۽ چمڪدار رهندا ...
ڏهي
100 گرام
زيتو جو تيل
1 کاڌي جو چمچو
آملا (آولا)
هڪ چانهن جو چمچو
(سڪل آملا هجن انهن کي فرائي پان ۾ وجهي گرم ڪبو ته سڙي ڪوئلي جيئان ٿي پوندا، پائوڊر ٺاهي محفوظ ڪري رکجن ۽ حسب ضرورت يا مٿي ڄاڻايل مقدار کڻجي).
ٽنهي شين جي ملائي (ڪريم) ٺاهي، وارن جي جڙن تائين هڻجي ...
ڪلاڪ کن ويهي سنڌ سلامت جي جاچ جوچ ڪجي ...
انکانپوءِ مٿي ۽ وارن کي شيمپوءَ سان ڌوئي ڇڏجي ...
اهو عمل هڪ نه ٻي ڏينهن ورجائي، وارن کي جاندار رکجي ...
جي فائدو ٿي ته هن ڀاءُ کي دعا ضرور ڪجي ...