عنوان جي حساب سان موضوع کي حيران ڪن هجڻ گهرجي پر اڄ جي دور ۾ جيتري تيزي سان نيون نيون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن۔۔۔ ڪا به ڳالهه حيران ڪن نه ٿي رهي۔۔۔
اڪثر اسان کي پنهنجي ڳالهه خاص طور ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ متعلق ڄاڻ ڪنهن ٻئي تائين پهچائڻ لاءِ ڏکيائون اينديون آهن۔۔۔ ڪجهه دوست ڳالهه واضح ڪرڻ لاءِ سڪرين شاٽس موڪليندا ته ڪجهه وڊيوز لڳائيندا آهن۔۔۔ پر پنهنجي مطلوبا وڊيو يا تصويرن کي گوگل يا يوٽيوب تي جانچڻ ڪجهه دوستن لاءِ ايترو آسان به نه آهي ان ڪري درويش جهڙا قابل دوست پنهنجي وڊيوز بڻائي ونڊ ڪندا آهن۔۔
پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هرڪو دوست لفظن سان گڏو گڏ وڊيوز ذريعي به پنهنجي ڳالهه سمجهائي سگهي جنهن لاءِ ڪنهن به پيچيده سافٽويئر کي انسٽال ڪرڻ کانسواءِ ئي اهو ڪم ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
اهڙو لاجواب ڪم ڪيو آهي screencastle۔۔۔ جن جاوا جي مدد سان هڪ اهڙي سائيٽ تيار ڪئي آهي۔۔ جنهن تي وڃي توهان آساني سان سڪرين وڊيو بڻائي سگهو ٿا۔۔ جيڪا توهان جي نيٽ جي اسپيڊ مطابق اپلوڊ به پاڻمرادو ٿي وڃي ٿي۔۔۔
چاهيو ته پهريان پيش منظر ڏسي وڊيو جو مشاهدو ڪريو ۽ پاڻمرادو اپلوڊ ٿيڻ کان پوءِ يوٽيوب تي شيئر ڪريو ۽ لنڪ سنڌ سلامت تي لڳائي سڀني دوستن کي ڏيکاريو۔۔۔ هن سائيٽ کي بهتر طور سمجهڻ لاءِ هتي هڪ وڊيو پڻ لڳائي رهيو آهيان۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=dMJbR06W5yM
ياد رهي ته آن لائين وڊيو ريڪارڊنگ لاءِ توهان جي ڪمپيوٽر ۾ جاوا جو انسٽال هجڻ ضروري آهي۔۔ سائيٽ تي وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔