سنڌيت جا عيد ڏهاڙا،ڊسمبر4 تي ثقافت ڏهاڙو ،5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو،6 ڊسمبر تي اجرڪ ٽوپي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌيت جا عيد ڏهاڙا،ڊسمبر4 تي ثقافت ڏهاڙو ،5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو،6 ڊسمبر تي اجرڪ ٽوپي ڏهاڙو ۽ 1 کان 31 ڊسمبر پورو (سنڌ ڪارڊ) مهنو پنهنجي ثقافتي لباس ٽوپي، پٽڪو، اجرڪ، لونگي، رلي ، سڳيون، ۽ ڀرت پائي سنڌ کي رنگي ڇڏيو هي سنڌين کي مُتحد رکڻ جو سبب بڻجن ٿا.،صوفيت جي راڻي،سنڌ جو سرمايو سانئڻ عابده پروين لاءِ وڌ کان وڌ دعائون گهرو، سانئڻ دل جي تڪليف سبب هن وقت اسپتال ۾ داخل ٿيل آهي.
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌيت جا عيد ڏهاڙا،ڊسمبر4 تي ثقافت ڏهاڙو ،5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو،6 ڊسمبر تي اجر

    واه ادا واه
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: سنڌيت جا عيد ڏهاڙا،ڊسمبر4 تي ثقافت ڏهاڙو ،5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو،6 ڊسمبر تي اجر

    (سنڌيت) عيديت جا ڏهاڙا (ڪو به هڪ نه) ڊسمبر ۴، ڊسمبر ۵، يا ڊسمبر ۶، يا پري پورو مهنو ڊسمبر ۱ کان ۳۱ ڏينهن (سنڌ ڪارڊ، سنڌ ڪاڄ)، ڀلي هر جڳهه تي ڌار ڌار، هُجن پر ملهائبا ٽي ڏينهن ئي آهن. تنهنڪري ڏيهاڙن جي مُقرري تي بحث نه ڪريو ۽ نه ئي اختلاف ، سڀ سنڌ جو ڪاەەڄ آهي . اجرڪ، ٽوپي، لوئي، پٽڪو، سڳيون، ڀرت، لونگي، سُگهڙن جي ڪچهري ، مهمان نوازي، باه جي مچ تي، سيلابي آفتزده جي پرگهور لهڻ، مزدورن جي واگارن کان جان ڇڏائڻ ، غريب سامن جي حفاظت ڪرڻ، راشي ڪامورن کي ٻُنجو ڏيڻ، وغيره .

    اهڙيءَ طرح جيئن چنڊ ڏسڻي ڪميٽي (سرڪار) هڪ انائونس ڪندي آهي، سرحد ۽ فاٽا، عرب مُلڪن ۾ ٻيا ڏينهن، پر مهائبا سڀئي آهن ۽ ٽئي ڏينهن ساڳي جوش جذبي سان. سنڌ ته وري به تهذيب، تمدن، ثقافت، مهمان نوازيءَ، ۽ روايتن سان مالامال آهي، جي هر روز هڪ ڏينهن به ملهائجي ته ڊسمبر جا ۳۱ ڏينهن ملهائي سگهبا آهن. اچو ته نيتون ڏسون نه ڪي ڏينهن جي جوڙ جُڪ.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌيت جا عيد ڏهاڙا،ڊسمبر4 تي ثقافت ڏهاڙو ،5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو،6 ڊسمبر تي اجر

    مان سمجهان ٿو جيئن گذريل سال سڀ گڏ هئا هن سال به 4 ، 5 ۽ 6 ڊسمبر تي سموري سنڌ گڏ هوندي۔

    سنڌي ثقافت کي ڪو به ختم نٿو ڪري سگهي پر هن قسم جا ڏينهن ملهائڻ سان هڪ جذبو هڪ امنگ هڪ اميد ۽ ايڪتا پيدا ٿئي ٿي۔ انشاءالله سمورا دوست ۽ سڄي سنڌ ان ڏهاڙن تي گڏ هوندا
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌيت جا عيد ڏهاڙا،ڊسمبر4 تي ثقافت ڏهاڙو ،5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو،6 ڊسمبر تي اجر

    هن ثقافتي عيد تي اميد ته سنڌ واسي پاڻ ملهائيندا ۽ پنهنجن شهرن، ڳوٺن، گهرن ۽ تن کي سنڌ جي ثقافت سان ست رنگي ٺاهي ڇڏيندا ۔۔۔ اميد ته انهن ڏهاڙن تي سنڌ ثقافتي رنگن سان انڊلٺ جا رنگ پيش ڪندي ۔۔۔ سنڌي گڏ ٿين ته دنيا جي ڪا سگهه کين مات ڪري نه ٿي سگهي ۔۔۔ انشاء الله

    قوي اميد آهي ته سنڌي هر ميدان ۾ ايڪتا ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪري سنڌ جو وڃايل مان ۽ شان وري قائم ڪري وٺندا ۔۔۔ نه فقط ثقافتي پر مالي ڦرلٽ کي پڻ پنهنجي ايڪي ۽ ٻڌي سان روڪي وٺندا ۔۔۔ مالي خوشحالي قومن جي جسم ۾ پٺي جي ڪنڊي واري حيثيت رکي ٿي ۔۔۔ اچو ته سنڌ جي مالڪي ڪريون ۔۔۔

    رب سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو