سنڌ جي ثقافت

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [​IMG]
    سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ رڳو ڪجهه ڏينهن يا سالن تي ٻڌل ناهي ، سنڌ جي ثقافت ، هتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي ۽ تهذيب جو تسلسل موئن جي دڙي جي 5 هزار سال پراڻي تاريخ، ڪوٽ ڏيجي ، رني ڪوٽ ۽ نيرون ڪوٽ جي آثارن سان ملي ٿو. سوئي ۽ سڳي وسيلي ٺهندڙ ٽوپيون ۽ مختلف مرحلن دوران تيار ٿيندڙ اجرڪ ئي رڳو سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ ناهن پر اسان جي گهرن ۾ رلين، اڳٺن، قميصن ، چادرن ۽ ٻين شين تي ٿيندڙ ڀرت جو ڪم، سيم تي ٺهندڙ جتيون، کسا، ڪاشي ، جنڊي ۽ مٽيءَ مان ٺهندڙ ٿانو اسان جي سهڻي ثقافت جا سندر نمونا آهن.جهڙيءَ ريت سنڌي ٻولي جي الفابيٽ شاهوڪار آهي تهڙيءَ ريت هن ڌرتي واسين جي ثقافت به وشال آهي .سنڌ ڌرتي جو ماڻهو اڄ کان 5 هزار سال اڳ به ڪيترو تهذيب يافته هو ، هن جي اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪرڻي ڪيتري مهذب هئي ان جو اندازو اسان کي موئن جي دڙي جي موجوده آثارن مان آساني سان ٿئي ٿو . دنيا ۾ گهٽ قومون اهڙيون آهن جن وٽ پنهنجي شاهوڪار ٻولي، ثقافت ۽ قدرتي وسيلا آهن .سنڌي اها خوشنصيب قوم آهي ، جنهن کي قدرت پنهنجي مڙني خوبصورتين سان مالا مالا ڪيو آهي. سنڌ جا ماڻهو اڄ به پنهنجي وشال ثقافت ۽ سنڌوندي جيان دليون به ڪشاديون رکن ٿا . سندن مهمان نوازي کي اڄ به سڄي دنيا ساراهي ٿي . سنڌ ڌرتيءَ جو ڄائو توڙي جو حيثيت ۾ڪيترو به گهٽ ڇونه هجي پر هو پاڻ وٽ آيل مهمان جو آڌرڀاءُ ۽ خدمت پنهنجو بنيادي فرض سمجهي ادا ڪري ٿو . ڌرتيءَ جي هن گولي تي هونئن ته خبر ناهي ته الائي ڪيترين قومن پنهنجي ٻولي ۽ مٽيءَ سان پاڻ ملهايو آهي پر سنڌ ڌرتيءَ جي خمير ۾ اها شيءِ شامل رهي آهي ته هن ڌرتيءَ جو ڄائو پنهنجي وني ۽ ٻنيءَ لاءِ سر به گهوري ڇڏيندو آهي ۽ اهڙن ئي جوڌن جوانن، هوشو، هيمو، دودي ،مخدوم بلاول ۽ ٻين ڪونڌرن جي قصن سان سنڌي ادب جي تاريخ جا صفحا سٿيل آهن .سنڌي شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سڄو رسالو ۽ ان جا ٽيهه ئي سر اهڙن جوڌن ۽ مارئي، سسئي، سهڻي، مومل ۽ ٻاگهل جهڙين سورمين جي ڪردارن سان ڀريل آهن.سنڌي قوم جتي ٻين سڀني معاملن ۾ اڳڀري رهي آهي اتي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پڻ ان جو ڪردار ڪو معمولي ناهي رهيو .عربن ، سومرن، سمن،ڪلهوڙن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور کان وٺي هيل تائين هن ڌرتيءَ هزارين اهڙا عالم ، فاضل، اديب، شاعر ، ڏاها ۽ دانشور پيدا ڪيا آهن جن تي اڄ به هن قوم کي ناز آهي .قاضي قادن، شاهه عبداللڪريم بلڙيءَ وارو، سچل سرمست، ڀائي چين راءِ عرف سامي، بيدل بيڪس، ٻڍل فقير، صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ ٻيا ڪيترائي اڻ ڳڻيا صوفي شاعر هن ڌرتيءَ جا ڄاوا آهن جن پنهنجي پيار، محبت ۽ امن واري پيغام وسيلي ماڻهن کي ڇنڻ بدران رڳو ڳنڍڻ جو درس ڏنو .انهن جون مزارون ۽ درگاهون اڄ به پيار،محبت ۽ امن آشتي جو پيغام ڏيڻ جو وڏو وسيلو بڻيل آهن .سندن مزارن تي اچي ماڻهو اهو چين ۽ سڪون حاصل ڪن ٿا جيڪو دنيا ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري به حاصل ڪونه ٿو ڪري سگهجي.سنڌ جو اوائلي ادب ته شاهڪار آهي ئي پر هن قوم جديد ادب ۾ پڻ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي .مرزا قليچ بيگ، علامه دائود پوٽو، علامه آءَ آءَ قاضي ، پير حسام الدين راشدي، شيخ اياز، اياز قادري، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سراج الحق ميمڻ، آغا سليم، ڊاڪٽر تنوير عباسي، استاد بخاري، تاجل بيوس، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، يوسف شاهين، ادل سومرو، اياز گل، منشي ابراهيم، سرويچ سجاولي، ثميرا زرين، مهتاب محبوب ۽ نورالهدا شاهه سميت بي شمار نالا آهن جن جي محنت کي اڄ به دنيا موٽ ۽ مان ڏئي رهي آهي.سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت سان گڏوگڏ موسيقي جي فن ۾ پڻ سنڌي فنڪارن دنيا اندر پنهنجي سڃاڻ برقرار رکي آهي.اوائلي دور جا راڳي ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر، استاد بيبو خان، جيوڻي ٻائي، استاد منظور علي خان، استاد گلزار علي خان، ڍول فقير،فقير عبدالغفور، محمد جمن، محمد يوسف، علڻ فقير، سيد سليمان شاهه، وحيد علي سميت جيجي زرينا بلوچ، سهراب فقير، عابده پروين، منظور سخيراڻي ، شمن علي ميرالي، فوزيا سومرو، شازيا خشڪ، تعمير حسين، ديبا سحر ، سجاد يوسف، صنم ماروي ۽ ٻيا سوين اهڙا سريلا آواز آهن جيڪي پنهنجي سرن جا موتي وکيريندي اڄ به سنڌي ٻولي کي سهڻو بڻايون بيٺا آهن. سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب جا رڳو ايترا نه پر اڃا به سوين اهڙا پهلو آهن جن کي اجاگر ڪرڻ هڪ تمام وڏو ڪم آهي.اسان ثقافت جي ڏهاڙي تي دنيا کي اهو ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي ڌرتي ۽ ان جي ثقافت رڳو ٽوپي ، اجرڪ ۽ پٽڪي تائين محدود ناهي پر اسين هڪ تمام وڏي تاريخي ثقافت رکندڙ قوم آهيون جنهن کي سمجهڻ لاءِ اوتروئي وسيع هجڻ ضروري آهي.


    علي عابد سومرو(عوامي آواز)
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جي ثقافت

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي ثقافت

    ادا سنڌ جي ثقافت جي رڳو ناچ گاني جي حوالي سان ترجماني ڪرڻ ڪيئن آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو