• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بينظير لاڏلي....

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڄ جنهن شخصيت جي سالگره جو ڏينهن آهي ان کي دنيا مختلف لقبن سان سڃاڻي ٿي.... ڀٽو جي پنڪي هجي يا سنڌ جي نياڻي، دخترِ مشرق هجي يا شهيدِ جهموريت زبان سان نڪرندڙ هر لقب کي سنڌ جو ننڍو ٻار به سمجهي ويندو.... کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ محترم نثار ناز جي خوبصورت شاعري جيڪا ادا جهانداد سمون سنڌ سلامت تي اڳ ئي ونڊائي آهي.... هتي ٻيهر لڳائيندس گڏ سموري سنڌ سلامت ساٿ جي پسنديده گلو ڪار ”محترم جانب بلاولي “ جي سريلي آواز کي پڻ .....
دوستو سنڌ سلامت جي سونهن ۽ هر دلعزيز شاعر محترم نثار ناز جي شاعري ته توهان پڙهي ۽ سندن خوبصورت جملا لفظن جي صورت ۾ به پڙهيا... پر ڪجهه دوستن ته سنڌ سلامت تي سندن بيٺل ۽ حرڪت ڪندڙ تصويرون به سڃاڻي ورتيون هونديون ...
پر اڄ مان سندن جو آواز به توهان کي ٻڌرائيندس...
محترم جانب بلاولي جي سريلي آواز کان اڳ محفل ۾ ڪمپيئرنگ ڪندڙ سندن سريلو آواز توهان کي ڪيئن لڳو اهو ته توهان جي جوابن مان خبر پوندي....
بينظير لاڏلِي
شاعر نثاراحمد ناز
نگر نگر گَلِي گَلِي
بينظير لاڏلِي،،بينظير لاڏلِي.
شهيد تُنهنجي موت تي
آ اشڪبار هر ڪَلِي،
نگر نگر گَلِي گَلِي
بينظير لاڏلي..بينظير لاڏلي،
قاتلن جي ڪِيس تي،
ويا جِگر جيرا جَلِي،
نگر نگر گَلِي گَلِي
بينظير لاڏلي..بينظير لاڏلي،
هي سنڌ ڄائي بينظير
شهيد ڀيڻ آ ڀَلِي
نگر نگر گَلِي گَلِي
بينظير لاڏلِي.. بينظير لاڏلِي.
ظالمن تي لعنتون
وجهي ٿي سنڌ ڀرجَهلِي
نگر نگر گَلِي گَلِي
بينظير لاڏلِي.. بينظير لاڏلِي.
دشمنن جي مُنهن ۾ ها،
دُوڙ سڀ وجهو هَلِي
نگر نگر گَلِي گَلِي
بينظير لاڏلي..بينظير لاڏلي
وِڙِهي هُو هر مڪار سان
لکن ۾ ناز هيڪَلِي
نگر نگر گلي گلي
بينظير لاڏلي..بينظير لاڏلي


[MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/SirNisarBB.mp3[/MP3]​
 
تمام زبردست شيئرنگ سا به اڄوڪي ڏينهن تي جيڪو اڄ ڏهاڙو آهي بيبيي صاحبه جي سالگره جو.... مهرباني ادا رشيد جو اوهان سائين نثار احمد ناز صاحب جي شاعري ۽ سائين جانب بلاولي جي آواز ۾ ٻڌرائي.... لک قرب سائين جن جا....
 
سائين نثار ناز جي غزل، ادي جانب جي آواز ۾ & ادي رشيد جي محنتن سان لڳايل هن گيت جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي. توهان ٽنهن جا لک ٿورا.
 
تمام زبردست شيئرنگ سا به اڄوڪي ڏينهن تي جيڪو اڄ ڏهاڙو آهي بيبيي صاحبه جي سالگره جو.... مهرباني ادا رشيد جو اوهان سائين نثار احمد ناز صاحب جي شاعري ۽ سائين جانب بلاولي جي آواز ۾ ٻڌرائي.... لک قرب سائين جن جا....
ادا هيءَ پوسٽ يقين ڄاڻ ته اڄ مُنهنجي نظرن کان گُذري آهي۔ ادا رشيد سمون جون مهربانيون ته وسارڻ جهڙيون ئي ڪونه آهن۔ مُنهنجا گيت جيڪي ڪنهن پٿر جيان پنڊ پهڻ ٿيا پيا هُئا تن کي پوري دنيا جي سامهون کڻي آيو آهي۔ يقين ڄاڻ ادا زاهد سومرا ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هيءَ شاعري مُنهنجي ڪيل ئي ڪانهي، مُنهنجي لکيل ئي ڪانهي ڪو آهي جيڪو زبردستي اندر ۾ اچيو اهو سڀ ڪجهه لکرايو وڃي۔ محترمه جي شهادت واري ڏينهن اها وائي لکي هُئم توهان اندازو لڳايو ته ڪهڙي صورتحال هوندي۔ بس نيڻ ڀنل هُئا سُڏڪڻ بند ئي ڪونه ٿي ٿيو۔ مان هڪ دفعو وري به ادا رشيد سمون جو ٿورائتو آهيان جن مون ولهي تي ڀال ڪري محترم جانب بلاول جي آواز ۾ چيل هي شاعري توهان سڀني سامهون آندي
 
سائين نثار ناز جي غزل، ادي جانب جي آواز ۾ & ادي رشيد جي محنتن سان لڳايل هن گيت جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي. توهان ٽنهن جا لک ٿورا.
مهرباني ادا وهاب هيءِ پوسٽ ته وڏي ائڊمن جي موڪليل هُئي پر وڏي ائڊمن خبر ناهي ڪهڙن خفن ۾ آهي۔ شايد چنڊ تي پهتل ٿو ڏسجي ان ڪري رپلائي نه ڏئي سگهيو۔ بهر حال ادا وهاب هن شاعريءَ جو تعلق خالص مُنهنجي ذات سان آهي۔ تُنهنجي مهرباني جو توکي محترمه بينظير کي ڀيٽا ڏنل هيءَ وائي بهترين لڳي۔ لک ٿورا ادا
 
ادا وحيد ڦلپوٽا تون ته اسان جو جانِ جگر آهين توکي ڀلا اسان جي شاعري نه وڻندي ڀلا ٻي ڪنهن کي وڻندي يار معاف ڪجان هي پوسٽ سچ پڇو اڄ نظر مان گُذري آهي۔ ڦلپوٽا ٿينڪ يو ادا
 
Back
Top