عرس پريو
سينيئر رڪن
دنيا جي هر قوم جي رهڻي ڪهڻي ۽ لباس جا طريقا الڳ الڳ آهن. هر قوم جي پنهنجي ثقافت ۽ لباس پائڻ جا مختلف طريقا آهن، جنهن کي قومون پنهنجو ثقافتي لباس ڪوٺين ٿيون. جيئن عرب وڏو جبو ۽ مٿي تي عربي رومال ۽ هينگر ٻڌن ٿا ۽ ان کي پنهنجي ثقافت ڪوٺين ٿا. يورپ وارا وري ٿري پيس سوٽ ۽ پينٽ شرٽ کي پنهنجو قومي لباس سمجهن ٿا. ائين ئي اسان جي ملڪ ۾ به هر قوم ۽ صوبي جا پنهنجا پنهنجا لباس ۽ پائڻ جا مختلف طريقا آهن. مثال طور: پنجاب جي اندر مٿي تي پڳڙي تکي رنگ جون قميصون ۽ سلوار جي جاءِ تي گوڏ ٻڌندا آهن.پختون خواه ۾ وري مٿي تي پٽڪو ٻڌڻ جو پنهنجو اسٽائل آهي ۽ سرحد جي ٽوپي کٿي اسٽائل ٺهيل هوندي آهي. جيڪا سياري ۾ پائڻ لاءِ فائدي مند ثابت ٿئي ٿي. سنڌ جي اندر به ثقافتي لباس جو پنهنجو طريقي ڪار آهي، جيڪو حَسين ۽ وڻندڙ آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
ٽوپي اجرڪ پٽڪو ڪهاڙي،
آهي اسان جي سڃاڻپ يار،
سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار،
پر سنڌي ماڻهو سهڻا لکن ۾
سنڌ جي ٽوپي جيڪا ڏيهان ڏيهه مشهور آهي، موهن جي دڙي مان مليل نوادارات ۾ به سنڌي ٽوپي جي شاهدي ملي ٿي ته ان دور ۾ به سنڌي ٽوپي جو وجود هو. ان ۾ ٺهيل محراب جو نقشو ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ ان وقت به ايڏو علم هو جو انهن کي اڳ ۾ ئي ڄاڻ هئي ته مستقبل ۾ هن قسم جا عبادت گاهه ٺهندا، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٽوپي جو محراب مسجد جي محراب سان مشابهت رکندڙ آهي. هتي موجوده وقت ۾ سنڌ جي اندر سنڌي ٽوپي ۾ شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد جي ٽوپي مشهور آهي. ان سان گڏ نيوسعيد آباد شهر جي پاسي ۾ امين لاکي جي ٽوپي به سنڌ جي مشهور ٽوپين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. ڳوٺ امين لاکو جيڪو سيد وڏل شاهه (سنڌ جي مشهور سائنسدان) جو پڻ اباڻو ڳوٺ آهي. هن شهر ۾ ڪيترن ئي قسمن جون ٽوپيون ٺهن ٿيون. هيرن ۽ موتين سان جڙيل ٽوپيون، ٽِڪُن سان ٺهيل ٽوپيون ۽ اصلي سنڌي ٽوپي جيڪا رومال وانگر ويڙهي کيسي ۾ به رکي سگهجي ٿي. ڳوٺ امين لاکي جون ٺهيل ٽوپيون سعيد آباد جي معيشت ۾ سٺو ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن وقت سعيدآباد شهر ۾ اٽڪل 30 کان وڌيڪ ٽوپين جا دڪان آهن. جتي عام ماڻهن سان گڏ سنڌ جا سياسي اڳواڻ ۽ امير جاگيردار ڳوٺ امين لاکي جي ٽوپي وٺڻ لاءِ شهر جي دڪانن تي ايندا آهن. ڳوٺ امين لاکي جي ٽوپين جون قيمتون به مختلف آهن. ٻه سئو کان 20 هزارن تائين قيمت واريون ٽوپيون به آهن. جنهن جي ڪري ڳوٺ امين لاکي جي غريب پورهيت عوام جو به سٺو گذر ٿئي ٿو ان ڳوٺ ۾ ٽوپيون ٺاهڻ روزگار جو پڻ ذريعو آهي.
شاهنواز پٺاڻ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔