سنڌي ٽوپي

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [​IMG]
    دنيا جي هر قوم جي رهڻي ڪهڻي ۽ لباس جا طريقا الڳ الڳ آهن. هر قوم جي پنهنجي ثقافت ۽ لباس پائڻ جا مختلف طريقا آهن، جنهن کي قومون پنهنجو ثقافتي لباس ڪوٺين ٿيون. جيئن عرب وڏو جبو ۽ مٿي تي عربي رومال ۽ هينگر ٻڌن ٿا ۽ ان کي پنهنجي ثقافت ڪوٺين ٿا. يورپ وارا وري ٿري پيس سوٽ ۽ پينٽ شرٽ کي پنهنجو قومي لباس سمجهن ٿا. ائين ئي اسان جي ملڪ ۾ به هر قوم ۽ صوبي جا پنهنجا پنهنجا لباس ۽ پائڻ جا مختلف طريقا آهن. مثال طور: پنجاب جي اندر مٿي تي پڳڙي تکي رنگ جون قميصون ۽ سلوار جي جاءِ تي گوڏ ٻڌندا آهن.پختون خواه ۾ وري مٿي تي پٽڪو ٻڌڻ جو پنهنجو اسٽائل آهي ۽ سرحد جي ٽوپي کٿي اسٽائل ٺهيل هوندي آهي. جيڪا سياري ۾ پائڻ لاءِ فائدي مند ثابت ٿئي ٿي. سنڌ جي اندر به ثقافتي لباس جو پنهنجو طريقي ڪار آهي، جيڪو حَسين ۽ وڻندڙ آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
    ٽوپي اجرڪ پٽڪو ڪهاڙي،
    آهي اسان جي سڃاڻپ يار،
    سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار،
    پر سنڌي ماڻهو سهڻا لکن ۾
    سنڌ جي ٽوپي جيڪا ڏيهان ڏيهه مشهور آهي، موهن جي دڙي مان مليل نوادارات ۾ به سنڌي ٽوپي جي شاهدي ملي ٿي ته ان دور ۾ به سنڌي ٽوپي جو وجود هو. ان ۾ ٺهيل محراب جو نقشو ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ ان وقت به ايڏو علم هو جو انهن کي اڳ ۾ ئي ڄاڻ هئي ته مستقبل ۾ هن قسم جا عبادت گاهه ٺهندا، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٽوپي جو محراب مسجد جي محراب سان مشابهت رکندڙ آهي. هتي موجوده وقت ۾ سنڌ جي اندر سنڌي ٽوپي ۾ شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد جي ٽوپي مشهور آهي. ان سان گڏ نيوسعيد آباد شهر جي پاسي ۾ امين لاکي جي ٽوپي به سنڌ جي مشهور ٽوپين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. ڳوٺ امين لاکو جيڪو سيد وڏل شاهه (سنڌ جي مشهور سائنسدان) جو پڻ اباڻو ڳوٺ آهي. هن شهر ۾ ڪيترن ئي قسمن جون ٽوپيون ٺهن ٿيون. هيرن ۽ موتين سان جڙيل ٽوپيون، ٽِڪُن سان ٺهيل ٽوپيون ۽ اصلي سنڌي ٽوپي جيڪا رومال وانگر ويڙهي کيسي ۾ به رکي سگهجي ٿي. ڳوٺ امين لاکي جون ٺهيل ٽوپيون سعيد آباد جي معيشت ۾ سٺو ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن وقت سعيدآباد شهر ۾ اٽڪل 30 کان وڌيڪ ٽوپين جا دڪان آهن. جتي عام ماڻهن سان گڏ سنڌ جا سياسي اڳواڻ ۽ امير جاگيردار ڳوٺ امين لاکي جي ٽوپي وٺڻ لاءِ شهر جي دڪانن تي ايندا آهن. ڳوٺ امين لاکي جي ٽوپين جون قيمتون به مختلف آهن. ٻه سئو کان 20 هزارن تائين قيمت واريون ٽوپيون به آهن. جنهن جي ڪري ڳوٺ امين لاکي جي غريب پورهيت عوام جو به سٺو گذر ٿئي ٿو ان ڳوٺ ۾ ٽوپيون ٺاهڻ روزگار جو پڻ ذريعو آهي.

    شاهنواز پٺاڻ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ادا عرس بهترين ونڊ آهي

    سنڌي اجرڪ ، سنڌي ٽوپي ،پٽڪو ، سنڌي رلهي ، سنڌي ڀرت سڀ اسان جي سڃاڻ آهن جيڪي اسان کي ٻين کان نرالو ٿا ڪن۔ سنڌي هڪ قوم آهي ۽ رهندي۔ سنڌين کي پاڪستاني قوم ۾ ضم ڪرڻ‌5000 سال پراڻي تهذيب تي وار ڪرڻ آهي۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ادا مهرباني ڪري پاڪستان خلاف نه ڳالهايو۔
    پاڪستان پهريون هيو يا نه هيو، پر هاڻ ديس پرديس ۾ اسان جي شناخت آهي۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ادا وساڻ صاحب توهان سو سيڪڙو ڳالهه درست چئي آهي ته اسان جي هڪ پنهنجي 5000 پراڻي الڳ سڃاڻپ آهي ۽ ان سڃاڻپ کي الڳ ئي رکيو وڃي ته بهتر آهي، ۽ اسان ڪنهن جي به سڃاڻپ يا ثقافت ۾ ضم ٿيڻ لاء تيار نه آهيون، سنڌي ٽوپي سنڌ جي سرزمين جي سڃاڻپ آهي جنهن جون موجود سرحدون ڪراچي کان ڪشمور تائين آهن، جڏهن پهريون ڀيرو ڊاڪٽر شاهد مسحود جيڪو جيو ٽيليويزن جوخاص سازشي نمائندو آهي، آصف علي زرداري جي سنڌي ٽوپي پائڻ تي اعتراض واريو ته سنڌي قوم محترم علي قاضي جي سرواڻي ۾ هر سال 6ڊسمبر تي سنڌي ٽوپي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو پهريون دفعو 2009 تي ڀرپور نموني ڏينهن ملهائي پاڻ ۾ ٻڌي جو ثبوت ڏئي سازشي عنصرن جون اکيون کولي ڇڏيون.....سنڌي ٽوپي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن، جهڙوڪ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد خانپور، ڪنڌڪوٽ ۽ هالن ۾ ٺهندي آهي. اسان جي سنڌي ٽوپي سنڌين کانسواء هر قوم جا ماڻهون پسند ڪن ٿا ۽ پهرين ٿا، سنڌي ٽوپي اسان جي جيلن ۾ پڻ تمام سهڻي نموني سان جيل جي اندر قيدي ٺاهن ٿا جيڪو سندن خرچ پکي جو پڻ بهترين نمونو آهي، استاد محمد يوسف مرحوم جو ڳايل ”سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار، سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾“، ڪلام ڪنهن زماني ۾ ڳوٺن ۾ شاديءَ جي شهرن ۾ به ڳايو ويندو هو. هن گيت ۾ سنڌي ماڻهن جي ثقافتي نشانين جو ذڪر ٿيل آهي ”ٽوپي اجرڪ پٽڪو ڪهاڙي، آهي اسان جي سُڃاڻپ يار“،. ان کان اڳ عابده پروين ۽ جيجي زرينا بلوچ جا قومي گيت عروج تي رهيا.
    جنهن جون جهلڪيون توهان هيٺ وڊيوز ۾ پڻ ملنديون۔


    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]

    http://www.youtube.com/watch?v=WQgROfByrx0&playnext=1&list=PLA146CD3064A1CA0C&index=15
    http://www.youtube.com/watch?v=DTQBgTkVksQ
    http://www.youtube.com/watch?v=UR21Qfjq9zA
    http://www.youtube.com/watch?v=ebQ-soGh1aQ
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ادا طاهر اسان توهان جي پاڪستان کي ڪونه پيا ڳالهايون پر ڪنهن قوم جي 5000 سال پراڻي تهذيب کي ختم ڪرڻ يا ان کي نظر انداز ڪرڻ اوهان جي پاڪستان کي جُڳائي ؟؟؟؟ اهو پاڪستان منهنجو به آهي پر جتي اردو اڪيڊمي ٺهي ٿي ۽ ان جي بجيٽ ڪروڙن ۾ ۽ سنڌي لئنگيوئيج اٿارٽي جي لَکن ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ؟؟؟

    پي ٽي وي تي 5000 ساله ٻولي کي اڌ ڪلاڪ ۽ 150 ساله ٻولي اردو کي ساڍا ٽيويه ڪلاڪ ۔۔۔۔۔۔۔۔ ؟؟؟

    پوء به اسان اوهان جي پاڪستان کي ڪجه به نه ٿا چئون ۔۔۔ پر اسان پنهنجي تهذيب ۽ ٻولي جي ڳاله پيا ڪريون۔

    مونکي هڪ سوال جو جواب ته ڏيو ۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جي پاڪستان جي قومي ڊريس ۾ جيڪا شيرواني ٿا پائن ان جي ڪهڙي اسلامي حيثيت آهي... ڇا اها سنڌي پهراڻ ، سنڌي ٽوپي ، سنڌي اجرڪ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ مرتبي واري آهي ؟؟؟؟

    پاڪستان اوهان جي سڃاڻ نه خواري بڻجي ويو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ معافي سان ۔۔۔۔۔ اهو اوهان سعودي عرب يا ٻين ڌارين ملڪن ۾ وڃڻ وقت ضرور محسوس ڪيو هوندو ته پاڪستانين کي اتي ڪيئن ٿا سمجهن ۔۔۔ انهن سان ڪهڙو رويو اٿن ۔۔۔۔

    سڀ معذرت سان
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٽوپي


    بيشڪ اسين سنڌي پاڪستان ۾ اسلام جي جذبي تحت شامل ٿيا هياسون، جڏهن ته سنڌي مسلمانن سان هندن جو ڪو خاص ظلم ڪون هو پر تنهن هوندي به اسلام ۽ دين جي سچائيءَ خاطر اسان مسلمان قومن سان گڏجي وياسون، پر گذريل 65 ساله تاريخ ٻڌائي ٿي ته پاڪستان اسلام جي لاءِ نه پر عالمي سامراج جي طاقت ٿي اڀريو آهي ۔۔۔ پاڪستان جي فوج جيترا مسلمان ماريا آهن 1400 سالن ۾ ايترا مسلمان نه يهودين ماريا آهن نه عيسائين ماريا آهن ۔۔۔

    پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي اقتصاديات تي قبضو ڪيو ويو اهي، سنڌ جي ثقافت کي مليا ميٽ ڪيو ويو آهي، سنڌ جي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪامياب ٿي رهيون آهن، سنڌين کي تعليم کان محروم رکڻ جا جتن ڪيا وڃن ٿا، سنڌين جا شهر سنڌين جي هٿن ۾ نه رهيا آهن ۔۔۔


    پاڪستان دنيا جو ڪرپٽ ترين ملڪ آهي، پاڪستان ۾ رشوت ائين ورتي ويندي آهي جيئن ڪو پنهنجو حق وٺندو هجي، پاڪستان ۾ عدل ۽ انصاف جي حالت ڪوٺي تي ويٺل رنڊيءَ جهڙي آهي، پاڪستان ۾ نقالي، چور بازاري ۽ اقربه پروري ائين ڪئي ويندي آهي جيئن پاڪستان جو مطلب ئي اهو هجي، پاڪستان ۾ شراب جا اڏا، جوئا جا اڏا ۽ جسم فروشيءَ جا اڏا پاڪستان جي حڪمرانن جي زيرنظر هلندا آهن ۔۔۔ مطلب ته پاڪستان ۾ ڪهڙي اهڙي برائي آهي جيڪا نٿي ٿئي،

    ههڙا هاڃا ٿين هن پاڪستان ۾ پوءِ به اسين پاڪستاني آهيون اها ڳالهه اسانجي پاسپورٽ تي لکيل آهي دلين تي لکيل ناهي، اوهين جيڪي دوست انهن سڀين براين جي باوجود به پاڪستان سان چاهه رکو ٿا انجو ڪو ته سبب هوندو اهو ٻڌايو ۔۔۔۔ يا وري اوهان دوستن کي مستقبل قريب ۾ پاڪستان ۾ ڪنهن چڱائيءَ جي اميد آهي ته اها واضح ڪريو ته ممڪن اسين به پاڪستان کي دل ۾ جايون ڏئي سگهون ۔۔۔ ۽ جي اوهانجي ذهن ۾ به مونجهارا آهن ته معاف ڪجو، اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني ۔۔۔ اها ڪهاوت ته سون لاءِ آهي پاڪستان ته هن وقت ڪٽيل لوهه کان به بڇڙو ٿي چڪو آهي ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي معاملن جي سمجهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ٽوپي

    اسان سنڌي آهيون تقريبان 5000 سالن کان ۽ پاڪستاني آهيون 67 سالن کان سو اسان ڪيئن ٿا ڇڏي سگهون پنهنجي تهذيب روايت ثقافت صرف 67 سالن جي مختصر عرصي ۾ ڪيئن ٿا وساري سگهون اسان سنڌي آهيون ، مان سنڌي آهيان ۽ سنڌي رهندس .

    عظيم سنڌ

    جيئي سنڌ

    اچو ته گڏجي ڪري 5 ڊسمبر کي ايڪتا جو ڏينهن ڪري ملهايون

    ٽوپي اجرڪ ڏينهن


    سدائين گڏ
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ادا طاهر! هي پاڪستان جي خلاف ڳالهائڻ‌نه آهي، پر هڪ حقيقت کي بيان ڪرڻ آهي، جيڪا لڪي ڪانه ٿي سگهي
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ڪـــــريو مُهـــــــــاڙِ مَلِيــــــــرَ ڏي، روءِ اُڀِي چـــــوءِ،
    سُهِـــــجُ سُـــــــورِي ڀانئِيــــــان، سُومِـــــرا! سَنـــــدوءِ،
    مِلــــــڪَ مارُوءَ جِي آهِيـــــان، جورِ نه ٿيــان جوءِ،
    سو قَلَبُ ڪوٽ نه هوءِ، جو هُتيجَنِ هَٿِ ڪيو.
    شاه لطيف​
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٽوپي

    [justify]دوستو!
    منهنجي خيال ۾ طيش ۾ اچڻ جي ضرورت نه آهي، اوهان ڪاوڙ وارو رويو ڇڏي
    مونکي پيار محبت سان سمجهايو ۽ قائل ڪريو ته بهتر ٿيندو، ڪالهه سائين نثار ابڙو
    صاحب خود ادي بشير کي اها ڳالهه ڪري رهيو هو ته سخت لهجي ۾ نه ڳالهايو ته
    اڄ سائين پاڻ پنهنجي ڳالهه تي عمل ڇو نه ٿا ڪن؟
    سائين ابڙا صاحب گهڻو پري نه ٿا وڃون اوهان سعودي عرب جي مڪي پاڪ شهر ۾ رهيل آهيو.
    اتي عرب پاڻ ۾ ڪيتري محبت رکن ٿا اهو آءُ 1987 کان سعودي عرب ۾ رهندي
    ڏسان پيو.
    انهن ۾ جيڪي قبائلي جهيڙا ۽ دشمني آهي جهڙي سنڌ جي ڪنهن به قبيلي ۾ نه هوندي
    توهان مڪي پاڪ کان علاوه ٻين شهرن ۾ به ويا هوندا.
    توهان عربن جو پاڻ ۾ وڙهڻ متان ڏٺو هجي.
    اوهان قبيلن جو پاڻي تي وڙهڻ ڪونه ڏٺو هوندو.
    سعودي عرب جي ڪيترن علائقن ۾ فصلن ۾ پاڻي لاءِ قبيلن جو پاڻ ۾ جهيڙو ۽ دشمني آهي.
    مٿين علائقن وارا هيٺين کي ته هيٺين علائقن وارا مٿين کي، حجاز وارا شرقيه وارن کي ته شرقيه وارا جنوب کي ڪٿي ڀائيندا آهن سهڻا سائين؟
    سعودي عرب جي مشرقي ۽ جنوب پٽي ۾ اڪثريت شيعه مسلڪ سان تعلق رکندڙ سعودين
    جي آهي، انهن ۽ حڪومت وچ ۾ ڪهڙا معاملا هلن ٿا اوهان کي به متان ڪجهه خبر هجي.
    حجازين ۽ نجد وارن جو پاڻ ۾ تڪرار هر ڪو چوي ته هنن کي حڪومت نوڪريون گهڻيون ٿي ڏي.
    پاڻ ۾ ڪيترا خون ٿيل اٿن جو سعودي حڪومت به اهي حل ڪين ڪري سگهي ٿي.
    مون عرض ڪيو ته گهڻو پري وڃڻ جي ضرورت نه آهي.
    ۽ ڪاوڙ جي به ضرورت نه آهي، مون ادي سليمان جيان ڪمنٽس ڏئي معذرت به نه ڪئي آهي.
    توهان مونکي ٻڌايو ته ڇا سعودي وارن اهڙين نا انصافين باوجود ڪڏهن ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي؟
    جڏهن ته هو هر شيءِ ۾ اسان کان وڌيڪ آهن پيسي ۾ سون ۾ تيل ۾ ...
    سائين مونکي اهو ٻڌايو ته ڇا قومي جاڳرتا ڪو گناه آهي؟
    ڇا ايڪو ٻڌي اسلام جي خلاف آهي؟
    اسلام ته سڀ کان پهرين ايڪي ٻڌي جو سبق ڏنو آهي قرآن مجيد جي باقاعده هڪ آيت آهي:
    (واعتصموا بحبل الله جميعا ولا تفرقوا) ۽ الله جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙيو (۽ پاڻ ۾ تفرقو نه ڪيو)
    تفرقي جو ضد ٻڌي آهي يعني پاڻ ۾ ٻڌي رکو.
    خود رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن ٻڌي جو سبق ڏنو آهي نه ڪي مسلمان ڀائرن ۽ امت کي تفريق ڪرڻ جي.
    سائين اوهان مونکي ٻڌايو: 5 يا 6 يا 4 ڊسمبر!
    ڇا اسان ٻڌي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون يا پاڪستان کان جدا ٿيڻ جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون.
    آءُ ڪنهن اداري يا ايجنسي جو شخص نه آهيان هڪ سڌو سادو شخص آهيان هت ڳالهائڻ کان علاوه ذاتي ملاقات ۾ پڻ اوهان مونکي ضرور ڪجهه نه ڪجهه سمجهيو هوندو.
    مونکي اوهان ڳالهين ذريعي قائل ڪريو، ڪاوڙ ذريعي پري نه ڪريو.
    صرف اوهان پنهنجي ڀڙاس ڪڍڻ سان مونکي مطمئن ته نه ڪري سگهندا نه؟
    اسان اڄ جي نيو جنريشن آهيون، اڄ جي تعليم آئي ٽي اڄ جو نوجوان سيٽسفائي ٿيڻ گهرجي ٿو.
    اسان جي وڏڙن جيڪي قدم کنيا ۽ پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ڪري ڪانفرنسون ڪرائي اسمبلين ۾ ويهي ڇا انهن غلط ڪيو؟
    ايڏو وڏو قدم کڻڻ يعني ڀارت کان عليحده ٿي هڪ نئون ملڪ ٺاهڻ ڇا اهو غلط هو؟ جيڪڏهن غلط هو ته انهن حمايت ڇو ڪئي؟ جي حمايت نه ڪئي ته ڇا انهن ۾ ايتري نه هئي جو انهن جي هٿ ۾ استعمال ٿي ويا؟ يا اسان سياڻان سڏبا سين جي چئون ته اها انهن جي بيوقوفي هئي!!
    اوهان اسان کان وڏا آهيو، ڏاها به آهيو، مڃيون ٿا.
    اسان کي جواب گهربل آهن.
    باقي اوهان سڀ دوستن جن مسئلن ڏانهن اشارو ڪيو آهي اهي مسئلا تقريبا هر ملڪ ۾ آهن
    ياد رهي ته ملڪ ڊاهي ٻيو ٺاهڻ ايترو آسان نه آهي جيترو گهر ڊاهي وري ٺاهڻ.
    [/justify]
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ادا مان ته صرف ايترو چوندس ته
    بات تو سچ هي، مگر بات هي رسوائي ڪي۔​
     
  12. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ادا عرس تمام سٺو
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ادا طاهر مهرباني

    پر حقيقتون ته حقيقتون آهن نه ۔ پاڪستان کي ٻاهران ڪوبه خطرو ڪونهي پر بم ڌماڪا ۽ ملڪ تي قبضي جون ڳالهيون ڪير پيو ڪري ؟؟؟ سڀني کي خبر آهي۔ ڪابه ڍڪيل ڳاله ڪانهي۔

    بلوچستان سان ٿيل ويساه گهاتين جي انهن کان پڇو جتي باه لڳي پئي آهي۔ باقي جيڪڏهن ڪو حقيقت بيان ڪري ته اها پاڪستان جي خلاف ته ڪونهي۔ سچائي کان منهن موڙي نٿو سگهجي۔

    بنگلاديش کي پاڪستان کان ڇو ٽوڙيو ويو ؟؟ ون يونٽ جو مقصد ڇا هو ؟؟ سنڌ جا اثاثا جيڪي تيل ۽ گئس جي صورت ۾ آهن اهي ڪٿي ٿا استعمال ٿين ؟؟ جاگ پنجابي جاگ جو نعرو ڪنهن هنيو ؟؟ مارشلائون ڪنهن ۽ ڇو هنيون ؟؟ هميشه مذهبي تنظيمن مارشلا جو ساٿ ڇو ڏنو ؟؟؟

    مان سمجهان ٿو اوهان سمجهو ته سڀ ڪجه ٿا باقي صرف دوستن جي جذبات ۽ گهرائي ڏسڻ ٿا چاهيو۔

    قومون ڪڏهن به مذهب جي نالي تي قائم ناهن ٿينديون۔ ملڪ ڪڏهن به مذهبي بنيادن تي ناهن ٺهندا۔ اهو صرف پاڪستان ۽ اسرائيل ئي آهن جيڪي مذهب جي بنياد تي قائم ٿيا۔

    ٻيو ته ادا طاهر اسان ڪڏهن به اسلام جي خلاف ناهيون۔ اسلام ته ماڊرن مذهب آهي جيڪو هر ڪنهن جي حقن جي ڳاله ٿو ڪري۔ جيڪو عالمگير مذهب آهي۔

    باقي اسان جي وڏڙن کان غلطيون ٿيون يا نه اهو هڪ الڳ بحث آهي۔ ان لاء ٿي سگهي ته سائين جي ايم سيد جو ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي ضرور پڙهجو۔ پوء ڏسو ته اسان سان ڪيل واعدن جو اسلامي ملڪ ڇا حشر ڪيو آهي۔ قرارداد لاهور جيڪا قرارداد پاڪستان جي نالي سان مشهور آهي ان ۾ صوبن جي آزادي جي ڪهڙي سٺي ڳاله ٿيل آهي ۽ ڪيئن ننڍين ٻولين کي قومي ٻولي جو رتبو ڏيڻ جو ذڪر آهي پر ان جو حشر ڪهڙو ۽ ڪنهن ۽ ڇو ڪيو ؟۔

    مان مڃان ٿو اسان کان به گهڻيون ڪوتاهيون ٿيون آهن پر اسان کي ڪڏهن به حقيقي آزادي ناهي ڏني وئي۔ نه ئي هاڻي ان جي اميد رکڻ گهرجي ڇو ته اهو وقت وڃائجي چڪو آهي۔ ٽرسٽ ختم ٿي چڪو آهي۔

    پر پوء به اميد جو دامن ناهي ڇڏڻو۔ ڇو ته مايوسي ڪفر آهي۔ ادا طاهر اسان جون ته اکيون ٿڌيون ٿين جي هر ڪنهن کي پنهنجو حق ملي۔

    هر چئنل تي جيڪو ڪجه ڳالهايو وڃي ٿو اهو پاڪستان جي خلاف هوندو آهي۔ اوهان مهرباني ڪري ڪو هڪ ڏينهن ڪڍي پاڪستاني چئنل ڏسجو۔

    اوهان جي وري به مهرباني
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٽوپي

    منهنجا دوست، سهڻا سائين، نه ته ڪاوڙ جي ڳالهه آهي ۽ نه ئي وري اوهان سان ڪا رنجش، ڳالهه اها آهي ته جيڪي اوهان ڳالهيون لکيون آهن، انهن جا تفصيلي جواب انشاء الله اوهان تائين پهتا ڪنداسون، في الحال سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ۽ ايڪتا جو ڏينهن ملهايو ۽ دل کولي ملهايو ۔۔

    باقي اسلام ڇا آهي ۔۔۔؟ پاڪستان ڇا آهي ۔۔؟ سنڌ پاڪستان سان ڇو شامل ٿي ۽ شامل ٿيڻ کانپوءِ نتيجو ڇا نڪتو ۔۔؟ وڏڙا غلط به ٿيندا آهن يا نه؟ سعودي عرب ۾ گهڻ قومي جهيڙو آهي يا سندن اندروني مسئلو آهي ۔۔۔؟ اهي اهڙا ٻيا به ڪئي سوال آهن جن جا جواب به آهن ته انهن تي بحث به ٿي سگهي ٿو ۔۔۔ ۽ ڳالهيون نڪرنديون ته انهن ۾ ڪجهه تلخ ته ڪجهه اڻوندڙ به هونديون، انڪري اسانکي انهن ڳالهين کي حضم ڪرڻو پوندو ۔۔۔ حاضر تفصيل سان ويهي ڳالهائبو ۔۔۔

    اوهانجي هڪ ڳالهه جيڪا تمام سٺي آهي سا آهي ” پڇڻا نه منجهڻا“ جڏهن ماڻهون پاڻ ڪٿي اٽڪي پوي ته رجوع ڪرڻ ضروري هوندو آهي ۔۔۔

    ٻيو اوهانجا ڪهڙا حال آهن، لڳي ٿو ته امتحان ختم ٿيا آهن ۔۔۔؟ رب اوهانکي ڪاميابيون عطا ڪري ۔۔۔ آمين

    دعائن ۾ گڏ ۔۔۔​
     
  15. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ادا تمام لاجواب ونڊ آهي ادا ...........................
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٽوپي

    ادا انڊر لائين پٽي جو جواب اوهان کي ان شاءَ الله جلد ڏيندس۔


    ادا اسان سنڌ کان ته فارغ ٿيون يا سنڌ کي الڳ ڪيون پاڪستان کان، بلوچستان وارا پاڻ آزادي ماڻيندا پاڪستان کان؟ يا انهن کي به اسان آزادي وٺرائي ڏيندا سين؟ پوءِ ڇا هو اسان سنڌ سان ته ڪڏ ملڪ ٺاهڻ جو نه سوچي رهيا آهن؟
    يا وري في الحال صرف سنڌ تي ڳالهايون ته بهتر ٿيندو۔




    اڄ وڪيلڪس اوهان جي انهن مان ڪافي سوال جا جواب ڏئي چڪي آهي۔


    ادا وڏن ڏانهن رجوع ڪرڻ ڏوهه ته نه آهي؟

    بلڪل ادا
    عرب ڪيترا ملڪ آهن هڪ ٻولي ڳالهائڻ وارا انهن ۾ اتحاد ڇو نه آهي؟


    ادا اها ته سٺي ڳالهه آهي ۔

    ماڊرن مان ڇا مراد آهي؟




    ادا اهو ڪتاب اوهان مونکي تحفو ڪري ڏيو ته مهرباني۔



    ڪتاب پڙهون پوءِ رائي ڏيندس ادا۔



    ادا پاڪستان ۾ ته ڪافي چينل آهن؟!! ڪهڙو ڏسون؟



    پيارا اوهان جي به مهرباني۔
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٽوپي

    اسان ايڪي جو ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ان شاءَ الله اهڙي ڌوم ڌام سان ملهائيندا سين جنهن جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ سڀ انتظام ٿي چڪا آهن۔
    رب سائين جي در تي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ دعاڳو ٿيندا سين۔
    اوهان سان ان ٽاپڪ تي تفصيل سان ڳالهائڻ اوهان جي واعدي مطابق جو انتظار رهندو۔
    مانَ وارا امتحان ڪجهه ڏينهن پوئتي ٿي ويا آهن سائين۔
    هااااا ادا سمجهي ويس۔۔۔
    اوهان امتحان جي ڳالهه ڪرائي مونکي ڀڄائي ته نه رهيا آهيو نه؟ (مذاق ۾)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو