عرس پريو
سينيئر رڪن
حملو شديد عشق ڪيو، اوچتو نه هو۔
پر دل کي توڙي ديد کي پورو پتو نه هو۔
تو اشتياق منهنجو هميشه بکيو رکيو،
ڄڻ ڀيم ڪنهن کي قيد ۾ ملندو ڀتو نه هو۔
ڳل حسن جو هو، نرڙهو هن جو،ڇهان ته ڪيئن،
گل ڪون هو ڪنول جو، پپر جو پتو نه هو۔
آيو ته سخت تڙپندو، ڪوڪون ڪندو، ڏٺو،
ڪيئن ٿا چئو ته آدمي توڙئون تتو ته هو۔
ڪو دور پنهنجي ڦند ۾ ڦاسي ته ٿو سگهي،
درياهه پنهنجي ڪنب جي گپ ۾ گتو نه هو۔
محشر جي ڀيڙ پيڙ مان گذريس، سڄڻ پڇيو،
مرڪي چيم ته هيل هي ميلو متو نه هو۔
شهبازجي اڏام پٺيان دام ڇا پوي،
آواز منهنجو واء وڪوڙي وتو نه هو۔
ٿي ٿو سگهي پٿر ڪي ترازي ۾ تورجن،
بازار ۾ کيرٿر ته بخاري کتو نه هو۔
پر دل کي توڙي ديد کي پورو پتو نه هو۔
تو اشتياق منهنجو هميشه بکيو رکيو،
ڄڻ ڀيم ڪنهن کي قيد ۾ ملندو ڀتو نه هو۔
ڳل حسن جو هو، نرڙهو هن جو،ڇهان ته ڪيئن،
گل ڪون هو ڪنول جو، پپر جو پتو نه هو۔
آيو ته سخت تڙپندو، ڪوڪون ڪندو، ڏٺو،
ڪيئن ٿا چئو ته آدمي توڙئون تتو ته هو۔
ڪو دور پنهنجي ڦند ۾ ڦاسي ته ٿو سگهي،
درياهه پنهنجي ڪنب جي گپ ۾ گتو نه هو۔
محشر جي ڀيڙ پيڙ مان گذريس، سڄڻ پڇيو،
مرڪي چيم ته هيل هي ميلو متو نه هو۔
شهبازجي اڏام پٺيان دام ڇا پوي،
آواز منهنجو واء وڪوڙي وتو نه هو۔
ٿي ٿو سگهي پٿر ڪي ترازي ۾ تورجن،
بازار ۾ کيرٿر ته بخاري کتو نه هو۔