مٿي جو سور

'صحت سرير جي' فورم ۾ حڪيم محمد يوسف کتري طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2009۔

  1. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مٿي جو سور صداع دردسر Head ache sr ka drd
    تما م گھٽ ماڻهن کي خبر آهي ته مٿي جو سور مرض نه آهي . حقيقت ۾ هي الڳ الڳ مرضن جي علامت آهي خاص ڪري هي مٿي جي بيمارين جي علامت آهي تڏهن به هي سور ٻين عضون جي ڪري به ٿي سگھي ٿو .هن جي ٿيڻ جا ڪافي ڪارڻ هوندا آهن .جيڪي ماڻهو صحت جي نيمن جو خيال نه ڪندا آهن انهن کي هي مرض ٿي ويندو آهي خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي جھجھو کائيندا آهن شراب ڪباب جا عادي هوندا آهن .وقت تي آرام نه ڪندا آهن .اڌوري ننڍ مان اٿي ڪري ڪم ڪار کي لڳي ويندا آهن تمام گھڻي دماغي محنت ڪندا آهن غم غصه جا عادي هوندا آهن .زري ڀيري ڪاوڙ جي ڀري هوندا آهن اهي هن تڪليف ۾ مبتلا هوندا آهن .ڳتيل آبادي ۾ رهندر ماڻهو به اڪثر مٿي جي سور ۾ مبتلا ڏٺا ويا آهن .خاص ڪري بخار ۾ ته مٿي جو سور هودوئي آهي پر اهو عارضي هوندو آهي جيڪو بخار سان منسلڪ هوندو اهي جيئن ئي بخار ويو ته مٿي جو سور به ٽپڙ ٻڏي ويندو آهي ياد رهي ته اڪثر جراثيمي بيمارين ۾ به بخار هڳدو آهي انهيءَ ڪري اهڙين صورتن ۾ به مٿي جو سور ضرور هوندو آهي .ڪڏه ڪڏهن ته رت جي خرابي جي ڪري به مٿي جو سور ٿي ويندو آهي جيڪو لازمي نه هوندو آهي اهو ماڻهو جي مزاجي ڪيفيت سان تعلق رکندو آهي .اهڙيءَ طرح سنڌن جي سور نقرس بعض جديد بيمارين ۾ به مٿي جو سور مشاهدي ۾ آيو آهي .عام حالتن ۾ هي مرض ننڍن جي نسبت جوانن کي طاقتور جي مقابلي ۾ ڪمزورن کي ،غريبن جي نسبت اميرن کي ،ٻهراڙي جي نسبت شهرين کي زياده ٿيندو آهي .انهيءَ کان علاوه به ڪافي ٻيا قسم هوندا آهن مثلاۡ ڪنهن کي ڌڪ لڳي وڃي ته اهڙي ماڻهو کي مستقل مٿي جو سور ٿي ويندو آهي جيڪو ڪافي شديد هوندو آهي . ڪنن جون بيماريون ،ڏندن جو خرابيون ،نزلو زڪام وغيره ۾ به مٿي جوو سور ٿي سگھي ٿو .بهرحال هي ته مون سرسري ذڪر ڪيو آهي نه ته قديم طبيبن ايترا ته قسم لکيا آهن جو انهن جو ذڪر ڪندي ئي مٿي ۾ سور پئجي وڃي ٿو. جيئن ته طبيبن کي خبر آهي ته اسان وٽ خلطي نظام آهي جنهن ڪري اسين هر مرض يا تڪليف کي خلطن سان جوڙيندا آهيو ن ۽ اهوئي بهتر طريقو آهي .انهيءڪري مٿي جي سور کي به چئن خلطن سان منسوب ڪري ڪري علاج ڪجي ها پر اطباءِ قديم سوءِ مزاج بارد ،سوءِ مزاج يابس ،سوءِ مزاج حار ،سوءِ مزاج خشڪ جي ڪري به مرض تسليم ڪيو . انهيءَ سان گڏ مختلف اسبابن جي عنوانن سان به مٿي جي سور جا نالا لکيا ويا جنهن جو اهو نتيجو نڪتو جو ايترا ته مٿي جي سور جا قسم طبي ڪتابن ۾ لکيا ويا جو انهن کي سمجھڻ ۽ تشخيص ڪرڻ به هڪ مسئلو بنجي ويو هتي ڪليات طب جي حوالي سان بحث ڪرڻ جو موقعو نه آهي انهيءَ ڪري آئون اطباءِ قديم جي سوءِ مزاج جي ڪري ٿيندڙ مٿي جي سور جو انڪار ٿو ڪريان انهيءَ لاءِته بدن ۾ هڪ ڪيفيت جو هجڻ ممڪن ئي نه آهي .خود جديد سائنس به خلط جي نظريي جي خلاف آهي ته صرف تري يا گرمي يا خشڪي جي ڪري مٿي جو سور تسليم ڪرڻ درست نه ٿيندو، اهڙيءَ طرح اسبابي قسمن جو تفصيلي ذڪر به فضول آهي.انهيءَ سان گڏ جديد سائنس ڪن خاص قسمن جي مٿي جي سور جو ذڪر ڪيو آهي جن کي مرض چئي سگھجي ٿو ۽ قديم طبيبن به انهن جو ذڪر ڪيو آهي مثال طور درد شقيقه جنهن کي انگريزي ۾ Migrin ۽ درد عصابه جنهن کي انگريزي ۾ نيورلجيا چيو وڃي ٿو.انهنجو تفصيلي ذڪر ڪيو ويندو انهيءَ کان سواءِ ڪي اهڙا مٿي جا سور جيڪي عام جام آهن جن جو علامت طور به ذڪر ڪرڻ سود مند ثابت ٿيندو انهن جو ذڪر ڪيو ويندو البته جن لاءِ تعداد مٿي جي سورن جو قديم طبيبن ذڪر ڪيو آهي انهن جا نالا به لکيا ويندا.معمولي اسبابي مٿي جا سور جيڪي سبب ختم ٿيڻ سان ختم ٿيو وڃن مثال طور ٿڪاوٽي مٿي جو سور ، شمسي مٿي جو سور،اوجاڳي جو مٿي جو سور،بحراني مٿي جو سور ، شمي يعني سنگھڻ جو مٿي جو سور،اهڙا مريض ته اسان وٽ ته ڇا پر ڊاڪٽرن وٽ به نه ايندا آهن.ثڪاوٽي مٿي جو سور آرام سان صحيح ٿي ويندو آهي .هاڻ جديد دوائن جي عام دستيابي جي ڪري ٿورو به مٿي جو سور ٿيو ته همراه کي دسپرين يا پيراسٽامول .پونستان گوري خريد ڪري سور مان جان ڇڊائيندو ،عورتون ته ريزڪي دڪان تان به خريد ڪري لاڳيتو کائينديون رهنديون آهن. جنهن جو اهو نتيجو نڪرندو آهي جو اصل سبب جي خبر ئي نه پوندي آهي .جڏهن مرض خطرناڪ حد تي پهچندو آهي ته پوءِ ڊاڪٽر يا حڪيم سان مشورو ڪيو ويندو تيستائين عورتن کي اينلجيسڪ دوائن کائڻ ڪري السر ته ٿي چڪو هوندو آهي.جنهن سبب ڪري مٿي جو سور ٿيندو آهي اهو لاعلاج حد تائين پهچي چڪو هوندو آهي.انهيءَ ڪري حد کان وڌيڪ پريشاني جو منهن ڏسڻو پوندو آهي بد قسمتيءَ سان اسان وٽ خطرناڪ دوائون به بغير ڊاڪٽر جي پرچي جي دستياب آهن .ايستائين جو اهڙا مريض به ڏٺا ويا آهن جيڪي دماغي ٽيومر ۾ مبتلا هئا.اهي به مٿي جي سور جو گوريون کائيندا رهندا آهن.مون کي هڪ اهڙي مريض جي علاج جو موقعو مليو جيڪا ٽن سالن کان مسلسل پونسٽان کائي رهي هئي مون کي ان وقت طلب ڪيو ويو جڏهن هن تي ڪابه مٿي جي سور جي گوري يا سئي اثر ڪري نه رهي هئي.مون کي ته نه رڪجندڙ الٽي جي علاج لاءِ گھرايو ويوجيڪا الحمد الله حڪيم جليل احمد جي نسخي سان رڪجي وئي.معائني مهل خبر پئي ته سندس هٿ جون ٽي آنڱريون ڪم ڪري نه رهيون هيون مون چيو ته مائي کي دماغ ۾ ڳوڙهي آهي جيڪا ڪافي وڌي چڪي آهي .سندن فيملي ڊاڪٽر متفق نه ٿيو.تعجب آهي ته بعد ۾ ان عورت کي الٽي نه ٿي پر نظر ختم ٿي وئي.يڪدم ڪراچي جو رخ ڪيائون جتي دماغي ٽيومر تشخيص ٿي خطرناڪ حد تائين وڌڻ ڪري لاعلاج قرار ڏئي اسپتال مان خارج ڪيو ويو.ڊاڪٽر حيران هئا ته هن عورت کي اٻڙڪو يا الٽي ڇو نه آهي .لاچار ٻيهر مون سان رابطو ڪيو ويو .ان وقت مريض جي نبض ذوالفترة هئي جيڪا انتهائي منظم طريقي سان هلي رهي هئي انهيءَڪري مون علاج نه ڪيو لواحقين کي چيم ته مريضه ڏينهن اڌ جي مهمان آهي مسلسل پونسٽان کائڻ واري هي نوجوان عورت پنهنجي زندگي جي بازي وڃائي ويٺي انهيءَ ڪري آئون هت صرف انهن مٿي جي سورن جو تفصيلي ذڪر ڪندس .جيڪي عام طور تي طبيبن وٽ علاج لاءِ ايندا آهن ۽ انهن جي علاج ۾ سستي ڪرڻ هاڃيڪار هوندي آهي يا ايئن کڻي چئجي ته انهنجو صحيح علاج نه ڪرائڻ سان ڪا نه ڪا خطرناڪ بيماري جنم وٺي سگھي ٿي
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    واه سائين حڪيم صاحب واه مٿي جو سور ۽ ان جا ڪارڻ تمام بهترين سائين اوهان جي تمام لاجواب شيئرنگ آهي سائين هر ماڻهون مٿي جي سور جي دانهن ڪندو آهي پر اڄ خبر پئي ته هر ڪنهن جي مٿي جي سور جو ڪارڻ الڳ هوندو آهي مهرباني سائين
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين معلومات آهي سائين حڪيم محمد يوسف صاحب اهڙي معلومات ونڊڻ لا۽ مهرباني
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    حڪيم صاحب مونکي به اڪٽر ڪري اڌ مٿي جو سور پوندو رهندو آهي، پر شديد تڪليف سان، ڪڏهن ڪڏهن ته ماني به ناهي وڻندي &اکيون به ناهن کلنديون.
    منهنجو ڪم به تمام گهڻو آهي، بجيٽ & اڪائونٽنگ جو، ننڊ به تمام گهٽ ايندي آهي، سائين مونکي هينئر خبر پئي آهي ته مٿي جو سور ڪيترو هاڃيڪار هوندو آهي، سائين مهرباني ڪري ڪوئي دوا درمل ڏسيو نه پوءِ اسان جا ست خير
     
  5. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا وهاب قمبراڻي
    السلام عليڪم اوهان مضمون پڙهيو ۽ پسند ڪيو ان جي مهرباني اوهان علاج بابت پڇيو .ان لاءِ عرض ته نثار احمد ناز کي به شديد مٿي جو سور پوندو هو .ڪافي علاج جي باوجود فائدو نه ٿيو حيدرآباد جي اسپيشلسٽ سيد عرفان شاه کان به علاج ڪرايو پر چري ڪيئن جو ويران وير وڌ ، چوندا آهن ته گھر جو پير چلهه جو مارنگ سونثار ته مونکي کنگھيو ئي ڪين ٿي نيٺ مون چيو مانس ته مونکي به کڻي آزمائي۽ گڏ اها به رعايت ڪرڻي پئي جودوا جا پئسا به نه ورتا ويا .خير ڳالهه کٽائڻي همراه ٻه مهينا دوا کاڌي هاڻ ٺينگ ٽپا ڏئي رهيو آهي .خير نثار جو مرض ته ايلوپيٿڪ ۾ لا علاج آهي پر مٿي جي سور جو اسان وٽ بهترين علاج آهي . اوهان پري آهيو ان ڪري اوهان هيٺيون دوائون وٺي کائيندا انشاءَ الله جلد فائدو ٿي ويندو ۽ بار بار سور نه ٿيندو
    سومينا هي همدرد دواخاني جي دواآهي ٻه چمچ صبح ٻه چمچ شام جو کائيندا
    اطريفل اسطوخدوس هڪ چمچ رات جو سمهڻ مهل کائيندا
    هڪ مهينو دوا کائڻ سان ٻيهر سور نه پوندو
     
  6. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا علي علي سنڌ سلامت جا نائب منتظم
    سدائين سرها هجو
    ادا مضمون پسند ڪرڻ جي مهرباني ، ماڻهو مٿي سور جو علاج صحيح نه ڪرائيندا آهن ان ڪري اهو مضمون روانو ڪيم جيئن اڄڪلهه جو هر لکيو پڙهيو ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگھي ۔
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سڇ پيا چئو سائين مون به اوهان واري انهي مضمون کي پڙهيو، پر اسان به لاپرواهي سمجهي ڪري واقعي هڪڙي اڌ پونسٽان تي گذارو ڪندا آهيون۔۔ پر سائين الله جي فضل سان مونکي مٿي ۾ سور ڪونه پوندو آهي ۽ ڪڏهن پيوبه ته هيڪڙ ٻيڪڙ معني ته سال ۾ ڪو 1 يا 2 دفعا، ۔۔۔۔ اوهان جو هر مضمون تمام پيارو ۽ لاڀ ڏيندڙ مضمون هوندو آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين توهان جي مهرباني اڄ کان ئي اها دوا شروع ٿو ڪريان،
    سائين رک ڀلا ڇا ڪريان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو