نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو، السلام عليڪم جيئي سنڌ۔ هي خبر اڄوڪي تازه خبر ڪانهي پر ڪالهوڪِي تازه خبر آهي، خبر هي آهي ته ڪالهه بروز خميس بتاريخ 2 ڊسمبر 2010ع صُبح ساڍي يارهين وڳي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران سموري سنڌ سميت ڪاوش ڪي ٽي اين سان اظهار يڪجهتي جي سلسلي ۾ هڪڙي شاندار ريلي ڪڍي وئي، جيئن ته مونکي انهي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ لا ٻه ٻه ڪارڊ مليا هُئا، هڪڙو ڪارڊ سنڌ سلامت جي ڪارڪن جي حيثيت سان ته ٻيو ڪارڊ سنڌ ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سينيئر ميمبر جي حيثيت سان، دوستو جيئن ته ڳالهه منهنجي سنڌ جيجل جي ثقافتن کي اُجاگر ڪرڻ جي هُئي ۽ منهنجي سنڌ سلامت کي خوبصورت رنگ ڏيڻ جي هُئي، ان ڪري ٺيڪ يارهين وڳي ، سفيد وڳو پائي ڪلهي تي اصلي سنڌي اجرڪ ڦُلڙين واري اوڍي ، مٿي تي سُنهري ڪلر ٽوپي ٽڪن واري پائي شهيد هوش محمد چوڪ پهچي ويس، اتي سنڌي ادبي سنگت شاخ جا ميمبر گڏ ٿي رهيا هُئا ساڍي يارهين وڳي تقريبن 200 کان مٿي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جا ميمبر ۽ شاخ جي سڏ تي عورتون مرد ٻارڙا مختلف سياسي جماعتن جا نمائندا سنڌي اجرڪون اوڍي مٿي تي سنڌي ٽوپيون پائي گڏ ٿي ويا، انهن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر محمد رفيق آس لغاري، سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جو رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه کان علاوه انعام ٽکڙائي، تاج ٽکڙائي، عاشق ڳاهو، ڀارمل ، جيئي سنڌ متحده محاذ جو عمران لغاري ، حق سچ فلاحي تنظيم جو پير اشفاق جان سرهندي، رند اتحاد جو صدر عزيز رند سرفهرست هُئا۔ سنڌ سلامت جي جهوني نثار ناز لا اهو وڏو اعزاز هو جو هن ريلي کان پو پريس ڪلب جي پاسي ۾ روڊ گڏجاڻي جي سموري ڪاروائي اسٽيج سيڪريٽري جي حيثيت سان هلائي۔ ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو جو جهوني نثار ناز سنڌي دهل ۽ شرنائين تي قومي گيتن تي بي خود ٿي جهمريون هنيون۔ هن گڏجاڻي جي اختمام کانپو سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران ڪي ٽي اين ڪاوش جي سرواڻ محترم قاضي علي کي شاهه جو رسالو محبتن طور ڏنو ويو، اهي شاهه جو رسالو روزانه شام جي نمائندي محترم رمضان شورو، ۡۡڪي ٽي اين ضلع ٽنڊو محمد خان جي نمائندي محترم غلام نبي ڪيريو ۽ ڪي ٽي اين جي ڪئميرا مين سيد غلام علي شاهه قاضي علي جي پاران ورتو۔
هاڻ پيش آهن انهي شاندار ريلي جون تصويري جهلڪيون۔