• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊجيٽل شڪريه آپشن نه هجڻ جي ڪري

بشيراحمد

سينيئر رڪن
هن ٿريڊ کي ڊجيٽل شڪريه آپشن جي هڪ اضافي ڪڙي سمجهيو وڃي


دوستو شڪريي جو آپشن تمام گهڻو اهم آهي هي سهولت نه ڏيڻ جا ڪا خاص وجه نظر نه آئي
هتي آئون هن آپشن جي نه هجڻ جي ڪري سرسري طور انهن ٿريڊن جا ڏھ مثالون پيش ڪري رهيو آهيان
جن ۾ قسم جو تبصرو نه ڪيو ويو آهي جڏهن ان موضوع جو مشاهدو جو تعداد به ڏٺو وڃي اهو تمام گهڻو آهي
جيڪڏهن ڪنهن رڪن وٽ تبصري جي لاءِ لفظ نه يا وقت نه آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ۾ شڪري جي ڊجيٽل بٽڻ ڪلڪ ڪري لکڻ واري جي همٿ افزائي ڪري سگهيو ٿي يقينا ڪنهن پوسٽ کي قدر جي نگاھ سان ڏسڻ محبتن وڌائڻ جو هڪ ذريعو آهي
هيٺ سرسري طور ڪجھ اهڙن ٿريڊن جا مثال پيش ڪجن ٿا جن کي پوسٽ ڪندي هفتا يا مهينا گذري ويا پراهي ٿريڊ اڄ ڏينهن تائين تبصري جي لاءِ آتا آهن جيڪڏهن شڪريه آپشن هجي ها ايتري قدر نظراندازي يا حوصله شڪني نه ٿئي ها


مثال نمبر 1
موضوع
تقابل اديان 7 هندو مت

پوسٽ ڪرڻ جي تاريخ ۽ وقت
09-06-2010, 06:56 PM
مشاهدن جو تعداد(ڏٺو ويو): 64
ٿريڊ پوسٽر
طاهر سنڌي

مثال نمبر 2
موضوع
هندو مذهب ۽ دين اسلام جو تقابلي جائزو

پوسٽ ڪرڻ جي تاريخ ۽ وقت
10-06-2010, 07:03 AM
مشاهدن جو تعداد(ڏٺو ويو): 80
ٿريڊ پوسٽر
طاهر سنڌي

مثال نمبر 3
موضوع
محمد صلي الله عليه وسلم انجيل ۾

پوسٽ ڪرڻ جي تاريخ ۽ وقت
05-09-2010, 11:30 PM
مشاهدن جو تعداد(ڏٺو ويو): 98
ٿريڊ پوسٽر
طاهر سنڌي

مثال نمبر 4

موضوع

فائر فاڪس جو جديد ورجن۔۔۔

پوسٽ ڪرڻ جي تاريخ ۽ وقت
11-07-2010, 11:51 PM
مشاهدن جو تعداد(ڏٺو ويو): 40
رشيد سمون
منتظمِ اعلى

مثال نمبر 5
موضوع

پروسيسر

پوسٽ ڪرڻ جي تاريخ ۽ وقت
12-06-2010, 11:55 PM
مشاهدن جو تعداد(ڏٺو ويو): 60
ٿريڊ پوسٽر
مظهرعلي

مثال نمبر 6
موضوع

ڪائنات جي تخليق : بگ بينگ


پوسٽ ڪرڻ جي تاريخ ۽ وقت
29-09-2009, 04:49 PM
مشاهدن جو تعداد(ڏٺو ويو): 237
ٿريڊ پوسٽر
رشيد سمون

مثال نمبر 7

موضوع
مٺياڻي تاريخ جي آئيني ۾( مرتضيٰ مشوري)

پوسٽ ڪرڻ جي تاريخ ۽ وقت
08-11-2010, 08:37 AM
مشاهدن جو تعداد(ڏٺو ويو): 23
ٿريڊ پوسٽر
ممتاز علي وگهيو

مثال نمبر 8

موضوع
آرڪيالاجي: انساني اوسر جي ڪٿا


پوسٽ ڪرڻ جي تاريخ ۽ وقت
08-11-2010, 11:41 AM
مشاهدن جو تعداد(ڏٺو ويو): 32

ٿريڊ پوسٽر
ممتاز علي وگهيو
مثال نمبر 9
موضوع

شڪارپور جيئن ڏٺي مون


پوسٽ ڪرڻ جي تاريخ ۽ وقت
10-10-2010, 11:00 PM
مشاهدن جو تعداد(ڏٺو ويو): 41
ٿريڊ پوسٽر
ممتاز علي وگهيو

مثال نمبر 10
موضوع
ڪي بورڊنگ هنر

پوسٽ ڪرڻ جي تاريخ ۽ وقت
26-08-2010, 04:44 PM
مشاهدن جو تعداد(ڏٺو ويو): 82
ٿريڊ پوسٽر
عاشق سولنگي
اميد ٿو ڪريان انتظاميه هيءَ سهولت نه ڏيڻ واري موقف تي نظرثاني ڪندي .
 
جواب: ڊجيٽل شڪريه آپشن نه هجڻ جي ڪري

دوست بشير احمد جي راِ سان 100 سيڪڙو متفق ٿيندي، محترم رشيد سمي صاحب کي گذارش ڪندس ته هو اهڙو هڪ آپشن ضرور رکڻ طرف قدم وڌائي، جنهن سان اهڙو ليک جنهن تي تڪڙا خيال ونڊ نه ڪري سگهجن ته پسند ڪرڻ واري نقطي کي هٿ لائي ڇڏجي ته جيئن ليک کي ممڪن موٽ ملي سگهي ۔۔۔

ٻي ڳالهه ته ان نقطي جي هجڻ سان ائين نه ٿئي ته دوست پنهنجا ويچار ونڊ نه ڪن، پر تڪڙ ۾ وقت جي ڪمي سبب ائين ڪجي ۽ جيئن ئي وقت ملي ته پنهنجا تفصيلي ويچار پڻ ونڊ ڪجن ته جيئن ليک تي واڌو ڪاٽو خيال اچن ۔۔۔

هن اڱڻ کي خوب کان خوب تر ڪرڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ تي محترم بشير احمد جا لک ٿورا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ڊجيٽل شڪريه آپشن نه هجڻ جي ڪري

بلڪل مان به سائين جي ڳاله سان متفق آهيان ۽ ادا رشيد کي عرض ڪندس ته هن قدم کي تڪڙو کنيو وڃي ته بهتر ٿيندو۔ بلڪل ايئن جيئن فيس بوڪ تي لائيڪ جو بٽڻ آهي جيڪي مانهون ويچار نه ونڊي ته شڪريو ته چئي سگهي۔
 
جواب: ڊجيٽل شڪريه آپشن نه هجڻ جي ڪري

دوستو پنهنجا به هٿ مٿي آهن سنگت سان منهنجو ووٽ پڻ دوستن جي حمايت ۾ آهي.
 
جواب: ڊجيٽل شڪريه آپشن نه هجڻ جي ڪري

بلڪل مان به سائين جي ڳاله سان متفق آهيان ۽ ادا رشيد کي عرض ڪندس ته هن قدم کي تڪڙو کنيو وڃي ته بهتر ٿيندو۔ بلڪل ايئن جيئن فيس بوڪ تي لائيڪ جو بٽڻ آهي جيڪي مانهون ويچار نه ونڊي ته شڪريو ته چئي سگهي۔

ادا رشيد ،

ادا سليمان به ڳالهه سان متفق آهي ته مان وري ادا سليمان سان متفق آهيان جيڪڏهن متفق نه ٿيندس ته وري فون ڪري ڏيندو دٻڙاٺ سو ادا وارو ڪر ٻيلي اهو شڪريه جو بٽن لڳائي ڇڏ ته بهتر رهندو

سدائين گڏ
 
جواب: ڊجيٽل شڪريه آپشن نه هجڻ جي ڪري

هاڻي جڏهن سنڌ سلامت تي تحريرن ۽ موضوعن جو تعداد روزبروز وڌندو پيو وڃي ته ان حساب سان ڊجيٽل شڪريه جو آپشن لازمي ٿي پيو آهي۔۔ اسان جا هٿ به سنگت سان گڏ راءِ‌شماري ۾ مٿي آهن، پر جيڪڏهن اهو آپشن اچي وڃي ته دوستن کي گهرجي ته ٿورا گهڻا لفظ به جواب ۾‌لکندا رهن​
 
Back
Top