”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو“سڄي سنڌ ثقافتي رنگن سان سينگارجي وئي، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سلمان ڪلمتي طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2010۔

  1. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    حيدرآباد/ڪراچي(نمائندن وٽان) عبرت گروپ آف پبليڪيشن پاران سنڌي ميڊيا فورم جي پليٽ فارم تي اڄ پوري سنڌ ۾ سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪو ڏهاڙو عيد جيان اڄ ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾پيپلز پارٽي سنڌ جي اپيل تي سنڌ حڪومت پوري پرڳڻي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، ان جي پوئيواري ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ پوري پرڳڻي ۾ عدالتون بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌي عوام پنهنجو تاريخي ڏينهن ملهائڻ لاءِ گذريل 15 ڏينهن کان جشن واريون ريليون ڪڍي رهيو آهي، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، گهوٽڪي، پنوعاقل، ميرپورماٿيلو، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، راڻيپور، گمبٽ، نوابشاهه، بوزدار وڏا، شاهپور چاڪر، مٽياري، هالا، ڀٽ شاهه، ڄامشورو، ڪوٽڙي، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاهه ڪريم، ميرپور بٺورو، جاتي، ٺٽو، بدين، تلهار، ٽنڊو باگو، ماتلي، پنگريو، دادو، مورو، نوشهروفيروز، خيرپورناٿن شاهه، ڪنڊيارو، هالاڻي، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو ڄام، ڪراچي ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن کي رنگ برنگي اجرڪن سان ڪنوار وانگر سينگاريو ويو آهي، شهر جي مختلف مارڪيٽن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي. پوري شهر ۾ هر گاڏي، موٽر سائيڪل، ٽرڪن ۽ بسن تي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا گيت گونجي رهيا آهن، تين تلوار چوڪ کي اجرڪن سان ڍڪيو ويو آهي ۽ پورو علائقو عجيب و غريب منظر پيش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته گورنر هائوس واري چوڪ کي به اجرڪن سان سينگاريو ويو آهي. ڪراچي جي سمورن تفريحي ماڳن تي دهلن ۽ شرنائين سان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ڍڪيل ماڻهن جو رقص جاري آهي. ٻئي طرف پوري سنڌ ۾ پيپلز پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ متحده محاذ، ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي، سنڌ نيشنل پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سميت مذهبي، سماجي ۽ صحافتي تنظيمن جي ڪارڪنن اڄ پنهنجو تاريخي قومي ڏينهن ملهائڻ لاءِ هر شهر، واهڻ وستي ۽ ڳوٺ ۾ پنهنجن گهرن کي اجرڪن سان سينگاري سنڌي ٽوپي ۽ پٽڪو پائي پنهنجي سنڌ ڄائي هئڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن. اڄ پوري سنڌ ۾ ڪروڙين سنڌي عوام پنهنجي ان عزم کي ورجائيندو ته هو ڌرتيءَ جو مان ۽ مرتبو وڌائڻ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻائيندا. عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سرواڻ قاضي اسد عابد ان تاريخي ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته سنڌ ڌرتي هزاران سال پراڻي ثقافتي تاريخ رکي ٿي، سنڌي قوم جيڪا هر صديءَ ۾ پنهنجي دل ۽ جان سان مان ۽ مرتبو ڏئي ان جو تحفظ ڪندي پئي اچي ۽ اڄ جي جديد سنڌ ۾ به سنڌ جو عوام اڄوڪو ثقافتي ڏهاڙو ملهائي اهو ثابت ڪندو ته هو پنهنجي تهذيب کي برقرار رکڻ لاءِ وسان ڪو نه گهٽائيندا. هن چيو ته عبرت گروپ جي سڏ تي سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جنهن ساٿ جو ثبوت ڏنو آهي اهو تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيو ويندو. ٻئي طرف عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سڏ تي سنڌ حڪومت 4 ڊسمبر تي اڄ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان پوري پرڳڻي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پ پ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وزير اعليٰ هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اهڙو اعلان ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام اڄ پوري ثقافتي جوش ۽ جذبي سان اڄوڪو ڏينهن ملهائيندو. اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي عوام لاءِ وڏي اهميت وارو ڏينهن آهي، ڇو جو سنڌ جا ماڻهو، ٻار ٻچا پوڙها پنهنجي جذبي سان ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن، وڏي وزير چيو ته سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت هزارين سال پراڻي آهي، ان کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ اسان سڀني جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته دنيا جون مهذب ۽ عظيم قومون پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت تي شان ڪنديون آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن قوم يا گروهه پنهنجي تهذيب کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جي تهذيب ۽ ثقافت کي اپنايو ته اهي ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار ٿي ويا آهن، پ پ 4 ڊسمبر تي يوم ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پارٽيءَ جا ڪارڪن، عهديدار، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ڀرپور طريقي سان اهو ڏينهن ملهائيندا، وڏي وزير روزاني عبرت، عوامي آواز، هلال پاڪستان، سوڀ ۽ ٻين روزاني سنڌي اخبارن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ۽ ٻين چينلز پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ تي کين خراج تحسين پيش ڪيو، وڏي وزير اين جي اوز، سياسي سماجي مذهبي تنظيمن ۽ شاگردن، پورهيتن ۽ ٽريڊ يونين تنظيمن کي به شاباس ڏيندي چيو ته هو پنهنجو ثقافت وارو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته پوري سنڌ ۾ هاڻ منظم طريقي سان اجرڪ، ٽوپي، کيس، رلي، لونگي ۽ ٻين هنرن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. ان موقعي تي عبرت جي ڪراچيءَ واري بيورو چيف مجيد عباسي ۽ عبدالحسيب وزير اعليٰ سنڌ کي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪئي.
    (روزاني عبرت)
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو“سڄي سنڌ ثقافتي رنگن سان سينگارجي وئي، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا مهرباني ونڊڻ جي۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو“سڄي سنڌ ثقافتي رنگن سان سينگارجي وئي، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا بهترين ونڊ آهي ...........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو