نثارناز
سينيئر رڪن
لک شُڪرانا مالڪ ايڪتا ڏينهن اچِي وِيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، اڄ 4 ڊسمبر 2010ع ڇنڇر جو ڏينهن آهي ۽ سڀاڻي انشاالله 5 ڊسمبر به ٿيندي، اهي ٻئي ڏينهن اسان سنڌ واسين لا انتهائي اهميت جا حامل ٿي ويا آهن، اڄ اسان سڀئي سنڌي ڀائر سنڌي اجرڪون ڪُلهن ۾ پائي، سنڌي ٽوپيون پائي ۽ سنڌي پٽڪا، پائي ۽ سنڌي ڀيڻون سنڌي ڀرت ڀريل لباس پائي، سنڌي گٍج ۽ سنڌي سوسِي سنڌي گربي جا خوبصورت رنگن ڀريا ويس پهري پنهنجي مٿي تي اجرڪون اوڍي هيج ۽ خوشي مان مسلمان آهيون ته ٻه رڪعتون نفل شڪراني جا پڙهي سنڌ ڌرتي کي سدائين شاد ۽ آباد رکڻ جون دعائون ڪريون جيڪڏهن هندو آهيون ته مندرن ۾ وڃي سنڌ جي سونهن کي سدا سلامت رکڻ جون پراٿنائون ڪريون ان کان پو سنڌ جي گُلابن جون پتيون، هڪ ٻئي مٿان نڇاور ڪري هڪ ٻئي کي مُبارڪون، هڪ ٻئي کي واڌايون ڏئي چار ڊسمبر ۽ پنج ڊسمبر پنهنجي ثقافتن جا امين بڻجي ملهايون۔
سنڌ جي غلامن جي غلام ۽ سنڌ سلامت جي خادمن جي خادم مون نثار ناز پاران به ٻنهي قومي ايڪتا ڏيهاڙن چار ڊسمبر ۽ پنج ڊسمبر جون مُبارڪون ۽ واڌايون قبول ڪندا۔ الله سائين سموري سُرهاڻ ڀريل سنڌ جو ۽ توهان سڀني سنڌين جو حامي ۽ ناصر۔(آمين ثم آمين)
[MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/shukrana.mp3[/MP3]