نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! اڄ ۽ سڀاڻي (4 ۽ 5 ڊسمبر) اسانجي قوم سنڌ جي ثقافتي عيد ملهائي رهي آهي، ان ثقافتي عيد سبب سنڌ ۾ خوشيون اچن ٿيون، ثقافت جي واڌاري جا امڪان روشن ٿين ٿا، سنڌ اندر ايڪي ۽ اتحاد جا ڏيئا ٻرن ٿا ته اسان سڀني کي ان ڏينهن کي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي وڃايل ساک تائين پهچڻ طرف هڪ قدم اڳتي ٿجي ۔۔۔
هن ڏهاڙي تي آ سنڌ سلامت پاران سنڌ سلامت جي ڪارڪنن، مهمانن ۽ عهديدارن سميت سموري سنڌ کي سنڌ جي ثقافتي عيد جون واڌايون ڏيانٿو ۔۔۔۔
رب العالمين اسان سنڌين جي خوشي ۽ خوشحالي برقرار رکي، سنڌ جي ثقافت جا رنگ هميشه گهرا ٿيندا رهن ۽ سنڌي قوم ۾ ايڪو ۽ اتحاد ٿئي ته جيئن موجوده اونداهي ۽ ٻنڌڻن واري زماني مان پار پئجي ۔۔۔ آمين