نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا عظيم سنڌي دوستو السلام عليڪم، جيئن ته اڄ ڪنهن هڪ اڌ ڪامينٽس ۾ اها ڳالهه واضح طور لکي چڪو آهيان ته اڄ سمورو ڏينهن سنڌ سلامت لا ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان سنڌ جي جوڌن سوڍن، سنڌ جي سپوتن، سنڌ جي نياڻين سان گڏ سمورو ڏينهن گڏ هُئس، بغير ڪجهه کاڌي پيتي بغير ناشتي ڪرڻ جي هيڊي کاڌِي واري قميص، سفيد شلوار، مٿي تي گهري ناسي رنگ جي ٽوپي ڪُلهي ۾ ڀلي ڦُلڙين واري اجرڪ اوڍي پيرن ۾ ڪاري رنگ جو سليپر جيئي جيئي سنڌ نعره نعره سنڌ جا نعرا هڻندي گهر کان صُبح جو ساڍي نوين نڪري پيس، چارئي طرف سنڌي جوڌن کي پهريل اجرڪن جا رنگ هُئا، هر طرف گهٽي گهٽي ۾ سنڌي ٽوپيون ٽڪن واريون تجلا ڏئي رهيون هيون ڪٿان وڏيون وڏيون موٽر سائيڪل ريليون پي نڪتيون وري ڪٿان سنڌ ماڻهن جا ٽولا، وڏا وڏا ٽهڪڙا ڏيندي گُذري رهيا هُئاسين، انهن ريلين جو هر رنگ پنهنجي ڪئميرا جي رنگ ۾ سنڌ سلامت لا ڀريندو ويس، اچانگ اڳيان آواز ٽي وي جو نمائندو محترم امتياز مڱرئي اڳيان ٽڪرائجي ويو، سائين نثار آواز ٽي وي جيڪو اڄوڪو ڏينهن ملهائي رهي آهي ان سلسلي ۾ تون پنهنجي ادبي را ڪهڙي ڏيڻ ٿو چاهين، اتي ڪجهه لفظ مڃتا جا ڳالهائي آواز ٽي وي جي ساري سٿ کي واڌايون ڏيندي اڳتي نڪري ويس، اڳتي ترقي پسند هائوس وارا گرلز پبلڪ اسڪول جي پاسي ۾ هڪ وڏو اسٽيج سجايو روڊبلاڪ ڪريو بيٺا هُئا اتي دُعا سلام ٿي چيائون ته سنڌ مشهور فنڪاره ثريا سومرو اتي قومي گيت ڳائيندي، في الحال اتي ماسٽر علي حسن سولنگي جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن ٽوپي اجرڪ وارا جيئن ڳائي رهيو هو سارو مجموعو تمام دلچسپي سان اتي بيٺو هو اڳيان ماسٽر جانب علي بلاولي سان ملاقات ٿي جنهن مونکي واڌايون ڏيندي چيو ته سائين توهان کي ڊبل ڊبل مُبارڪ هُجي هڪڙي قومي ايڪتا ڏينهن جي ۽ ٻي وري توهان جي لکيل نئين وائي لک شڪرانا مالڪ ، ايڪتا ڏينهن اچي ويو ساري ٽنڊو محمد خان ۾ ڌوم مچائي ڇڏي آهي، توهان دوستن کي سُڌ هُجي ته انهي شاعري کي مون اڃان تخليق ڪيو پي ته جانب علي بلاولي گهر دروازي تي آيو چيائين ته سائين هن ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ڪو گيت مونکي ڏيو مون چيوته هڪڙو گيت تخليق ٿئي پيو باقي ٻيو آزاد نظم عظيم سنڌ جو عظيم ڏينهڙو اچو ملهايون مون وٽ تيار آهي، جانب علي بلاولي چيو ته سائين مونکي اهي ٻئي گيت کپن ، پو اتي گهر جي دروازي تي ايڪتا ڏينهن اچي ويو ڪمپليٽ ڪري کيس ڏنم، هر هنڌ کيس انهي گيت ڳائڻ تي ڪافي مڃتا ملي آهي۔ مون کيس ڪافي ساريون دعائون ڏنيون ته کيس چيو ته جانب اسان درويشن جو خير آهي کيس کان کلي موڪلائي اڳتي وڌيس، ته اڳتي سنڌ ٽي وي جو نمائندو پوري ٽيم سان مليو سائين مون توهان کي آسمان تي ڳوليو پي توهان مونکي زمين تي ملي ويا، چيم ته جي بابو حڪم ڪر چيائين ته سائين ڪجهه ڪامينٽس ڏيو سنڌي چينل جو ڪردار خاص ڪري سنڌ ٽي وي جو ڪردار ڪهڙو رهيو آهي هن قومي ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ، چند ڪوڙيون سچيون ڳالهيون کيس ٻُڌائي اڳتي هليس، اڳيان حق سچ فلاحي تنظيم جنهن جو سرواڻ سرهندي خاندان جو چشم وچراغ پير سجاد جان سرهندي آهي، جي ساون جهنڊن سان گڏ ايڪتا ريلي اچي رهي هُئي چنهن کي مڪمل طور تي ليڊنگ ضلع ڪائونسل ٽنڊو محمد خان جو نائب ناظم محترم جناب پير اشفاق جان سرهندي ڪري رهيو هو ان ريلي جي تصويري ڪوريج ڪيم، وري ٿورو اڳيان مهراڻ چوڪ تي آيس ته شهيد ذوالفقار ڀٽو وارن جي ريلي جيئي جيئي مرتضى نعره نعره مرتضى جيئي سنڌ نعره سنڌ جا نعرا هڻندا هن ايڪتا جي ڏينهن کي ملهائيندا آيا، هُونئن ته شهيد مرتضى ڀٽو وارا وقت جي هن حڪومت سان ڪونه ٺهندا آهن پر چلو ايڪتا واري قومي ڏيهاڙي جي حوالي سان اهو ڏينهن ملهائڻ ۾ حڪومت ۽ هي ٻئي گڏ ٿِي ويا اها ٻي ڳالهه آهي ته قومي ايڪتا جي نالي تي ڪجهه اهڙا نعره به ٻُڌڻ ۾ آيا جو حڪومت وقت جي مخصوص ماڻهن جا هنن اتا پتا پئي ڪڍيا۔ اهڙي طرح عوامي تحريڪ پليجو گروپ، سنڌ نيشنل پارٽي، سنڌي ادبي سنگت وارن جون ريليون ڏسندو آيس، انهن ريلين ۾ عام سنڌي ماڻهن جي شرڪت ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ آسمان مان چنڊ هتي لهي آيا هُجن، پر جڏهن سياسي پارٽين جي چڱن مڙسن کي ڏٺوسين ٿي انهن جي ڳالهين کي ٻڌوسين پي ته ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ اهي پوري سنڌ کي پنهنجي ڪُلهن تي کڻيو بيٺا هُجن۔ اڳيان دهلن شرنائين سان ڀلا ڀائي پاڪستان پ پ جي ريلي اچي رهي هُئي قدم بڙهائو زرداري هم تمهاري ساٿ هين جا ڳاٽي ڀڳا نعرا هڻندا آيا، دهلن تي جهمريون هڻندا جيئي سنڌ جيئي اجرڪ جيئي سنڌي ٽوپي جي ٿاپ تي نچندا آيا ايتري ۾ ڏينهن جا ساڍا ٽي وڳي چُڪا هُئا، جيئن ته صُبح جو ناشتي کان بغير ايڪتا ڏينهن ملهائڻ ۽ سنڌ سلامت لاءِ تصويري فُٽيج حاصل ڪرڻ جي خوشي ۾ نڪتو هُئس بُک به ڏاڍي لڳي رهي سوچيم تي رستي تان جُڙئي پڪوڙائي کان 10 روپين جا پڪوڙا ۽ پنجين روپين جي ڊبل روٽي وٺي مڙئي ڪجهه پنهنجي بُک کي ڪنٽرول ڪريان کيسي ۾ نظر ڊوڙايم ته ڪاري وارا ڪک لڳا پيا هُئا اڙي تڪڙ ۾ گهران نڪتس مولائڻ ماسات سڳوري کان جيب خرچ ورتم ئي ڪونه ، هل ڙي سنڌ سلامت جا سرپرست مٿي تي ڀلي سنڌي ٽوپي ڪُلهن ۾ ڀلوڙ سنڌي اجرڪ هٿ ۾ اٺن نون هزارن وارِي ڪئميرا، کيسي ۾ ٽن چئن هزارن وارو موبائل سيٽ پر کيسي بابو قائد اعظم آهي ئي ڪونه هاڻي اچي ڊپ ورايم ته ڪو اهڙو دوست دل وارو ملي وڃي جنهن کي لازمي چانهه پيارڻ پئجي وڃي يا ٻه ٽي دوست ٽڪرائجي وڃن جيڪي هروڀرون چون ته سائين روٽي پڪوڙا به کائينداسين سو چانهه به پيئنداسين سو نتيجا ساري اوچتو مين روڊ کان ريورس گيئر هڻي سڌو شهر جي اندروني ۽ سوڙهين گهٽين جو رُخ رکيم، ته جيئن لوڪ لڪاءُ کان لڪي گهر پهچان، ٽنڊو محمد خان جي پريس ڪلب کان منهنجي گهر جو پنڌ مفاصلو تقريبن ويهه منٽن جو آهي نه پڇو ته اهو ويهه منٽن جو مفاصلو منهنجي لاءِ تمام وڏو مفاصلو لڳي رهيو هو انهن سوڙهين گهٽين مان گذرندي ڪجهه اهڙا دوست به مليا جن کي هٿ جي اشارن سان ڊبل شين واري مجبوري ڏيکاري اچي گهر ڀيڙو ٿيس، مولائڻ کي چيم ته اڄ ته تو مارايو هو تون منهنجي کيسن مان صدين واري ريت پارڻ لاءِ رات جو منهنجي کيسي جي صفائي ڪريو ڇڏين پوءِ ڏينهن جو نثار ناز بُک ۾ ڀلي پيو بي حال ٿئي ۔ماسات سڳوري ڳالهه سمجهي وئي چيائين ته جهونا تون به پيري ۾ اچي کريو آهين۔ ايترو بي هوش بندو ٿيو وڃين ته کيسي ۾ بنا قائد اعظم وجهڻ جي جيڏانهن ڪنڌ تيڏانهن پند اصل چرين وانگر هليو وڃين ، ڀيسان ڳالهه ته سچ ٿِي چوين۔ ائين چئي مولائڻ کي چيم ته ڪجهه ڳُندڻ لپو هُجي ته کڻي اچ، مذاق ڪري چوڻ لڳي ته محمد علي جا پيءَ اسان ته تنهنجي لاءِ ڪجهه رکيو ئي ڪونهي، اسان سمجهو ته شاعر ماڻهو آهين ان ڪري تنهنجي رلي ڪُلهي تي هوندي ۽ ماني راڄن تي هوندي، ڪئين هن ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان تقريبون ٿيون هونديون ڪجهه نه ڪجهه کائڻ لاءِ يقينن مليو هوندئي ، چيومانس مولائڻ ائين نه چئو قسم سان ڪجهه به ڪين کاڌو اٿم هڪڙو گلاس پاڻي جو به نه صُبح جو ناشتو به ڪونه ڪيو هُئم ٻيلي ساهه ٿو وڃي۔ ايتري ۾ منهنجي نُونهن ويچاري منهنجي لاءِ گرم گرم ماني جا ڦُلڪا ۽ سائي ڀڄي جو ٻوڙ ٻٽالون سميت کڻي آئي چيائين ته بابا اچي ماني کائو۔ تنهنجو الله ڀلو ڪري شل سدائين ورائتي هُجين ڌئِيءَ ائين چئي بسم الله ڪري ماني کائي الله سائين جا لک شڪرانا ادا ڪيم دوستو اهو هو ايڪتا ڏينهن 4 ڊسمبرجو اکين ڏٺو احوال اميد ته توهان کي پسند آيو هوندو۔