جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔
سائين نثار ناز اوهان جي هن رپورٽنگ ۽ ڦوٽوگرافي جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي ڇو ته هي توهان جي پنهنجي ذاتي محنت آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان لفظن جي ذريعي اها ڀيٽا نه ٿا ڏئي سگهون، جيڪو توهان جي هن محنت جو حق آهي۔۔ زبردست ۔۔۔ اهڙي طرح ئي سنڌ سلامت لاءِ نوان نڪور ونڊ ڪندا رهو ۽ سنڌ جي ثقافتي ڏيهاڙي جي رپورٽنگ اسان سان ونڊڪندا رهو۔۔۔

پيارا مست شال جُڙيو هُجين توکي هزار بار چيو اٿم ته سڀ تعريفون منهنجي مٺي پاڪ پروردگار جون آهن، پنهنجي سنڌ ڌرتي لا پنهنجي سنڌ سلامت لا محنتون اسان جي فرضن ۾ شمار ٿين ٿيون۔ توهان کي پاڻ هزار ڀيرا جس هُجي جو اسان اڀاڳن کي حوصلو ڏيو ٿا۔ هي ڪجهه تصويرون انهي فنڪشن جون اڃان به رهيل آهن سوچيان پيو ته محترما راحيلا کي ارپي ڇڏيان۔
مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ملهايل ايڪتا ڏيهاڙي جا وڌيڪ خوبصورت رنگ سنڌ جون سنڌياڻيون ۔
سائين نثار ناز اوهان جي هن رپورٽنگ ۽ ڦوٽوگرافي جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي ڇو ته هي توهان جي پنهنجي ذاتي محنت آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان لفظن جي ذريعي اها ڀيٽا نه ٿا ڏئي سگهون، جيڪو توهان جي هن محنت جو حق آهي۔۔ زبردست ۔۔۔ اهڙي طرح ئي سنڌ سلامت لاءِ نوان نڪور ونڊ ڪندا رهو ۽ سنڌ جي ثقافتي ڏيهاڙي جي رپورٽنگ اسان سان ونڊڪندا رهو۔۔۔
ادا مست تنهنجون مهربانيون ان کان علاوه مومل ڊيولپمينٽ وارن جون به مهربانيون، جو هُنن سنڌ جي قومي ايڪتا جي پر مسرت موقعي تي سنڌ سلامت وارن کي به ياد رکيو باقي اسان جي محنت سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ اڳيان ڪا شي ئي ڪانهي توهان جون همت افزايون اسان جا حوصلا اڃان به بلند رکنديون اچن۔
ادا توهان جون مهربانيون جو اسان جي هن ننڍڙي محنت کي توهان مان ڏنو، ادا اسان جو سنڌ سلامت ڪنهن به چئنل کان گهٽ ڪونهي، ڪنهن به اخبار کان گهٽ ڪونهي چينل ۾ ڪجهه گليمبر زياده هوندو آهي اسان وٽ نه چينل جي رپورٽنگ جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لا ماڻهو ڏسڻلا پريشان هوندو آهي، پر اسان جون هي تصويرن ڀريون رپورٽون چويهه ڪلا ڪ حاضر ، اخبار جي زندگي صرف هڪڙو ڏينهن هوندي آهي ان ۾ ڪنهن به فنڪشن جون تصويرون ايتريون ته ڌندليون هونديون آهن جو فور پلس جي چشمي تي به نظر ڪونه اينديون آهن پر پنهنجي سنڌ سلامت جهڙو شاداب اڱڻ هاڻي ڪٿي به ڪونهي۔ باقي رهي هن ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان بينر واري توهان جي تجويز لک جي آهي پر رپورٽنگ ادبي گڏجاڻيون، پنهنجي شاعري، انهي ڳالهين جي ڪري مونکي ٽائم ڪونه ملي سگهيو پر منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان وارا مونکي ڀلي ريت سُڃاڻن ٿا هرڪو باقائده هاڻي مونکي سنڌ سلامت جي ڪارڪن جي حيثيت سان ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا۔ توهان جا ٿورا جو سدائين پنهنجي حوصلن سان اسان جا ڀروسا قائم رکو ٿا۔
جي ادا توهان اها ڳالهه هڪ ڪروڙ کان وڌ ڪئي آهي ته علم هر پُٽ توڻي نياڻي لا تمام ضروري آهي، ادا علم سان گڏ ان تي عمل به ضروري آهي، اسان جي سنڌ ۾ اڃان تائين اهڙا ڪٺور سنڌي خاندان آهن جيڪي نياڻين جي تعليم ته ڇا پر پنهنجي پُٽن کي به تعليم ڏيارڻ کي عيب ٿا سمجهن۔ اسان جا سڀئي سنڌي خاندان، سمورو سنڌي معاشرو فقط علم وارو دڳ وٺي ته توهان پڪ ڪري ڇڏجو ته هاڻي اسان جي مٺي سنڌ جو آجپو تمام ويجهو آهي۔ لک لائق توهان دعائون ڪيون۔
جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔
سنڌ جي سڀني ڀينرن، مائرن، مومل، سومل، مارئي، ٻاگهي، سسئي ۽ نوري کي دل جي گهراين سان سنڌ جي ثقافتي عيد جون واڌايون قبول پون ۔۔۔ نثار ناز کي سلام جو هو نه فقط نوجوانن جو ترجمان آهي بلڪ پوڙهن، ٻارن ۽ نياڻين جي ترجماني ڪري ٿو ۽ سنڌ سلامت جي اڱڻ کي باغ بهار ڪندو رهي ٿو ۔۔۔
رب العالمين سنڌ جي ڀينرن، امڙين، زالن ۽ ڌيئرن کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ سندن عزت ۽ علم جو پاسدار بڻائي ۔۔۔ آمين

ادا نثار ابڙا ؛تنهنجا سلام ۽ ثقافتي عيد جون واڌايون سنڌ جي سڀني مومل سومل مارئي ٻاگهي سسئي ۽ نوري کي هتان کان موڪليا پيا وڃن اميد ته سنڌ جي راجه ابڙو جا سڏ ۽ سلام ضرور ورنائينديون ۔پاڻ تعليم جي اُجالا طرف ضرور اينديون۔
ادا امين سمان ڏاڍي پيو ٻُڌائين يار 16 سال ته صفا ننڍڙو جيتامڙو ٿِي ويندس نِي پاڪستاني قانون مطابق 16 سال جي عمر واري جو ته شناختي ڪارڊ ئي ڪونه ٺهي ملندو، مطلب ته اسان کي تو اڃان ٻار سمجهيو آهي، ٻيلي ڏاهو ٿِي يا ته اسان جي عمر ۾ ٻه ٽي سال ڪجهه وڌائي يا ته ماڳهون اسان کي تنجڻن ۾ ڏيکاري ڇڏ۔ باقي تنهنجون مهربانيون جو مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان وارن جي ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ڪيل ڪوريج توکي پسند آئي۔ لک لائق۔
جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔
توهان سڀني سنڌ سلامت جي ڀائرن جي مهرباني خصوصي طور تي ادا نثار ناز جي مهرباني جو اسان جي مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي ملهايل ايڪتا ڏينهن واري تقريب کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ونڊ ڪري ساري دنيا جي سنڌين کي آگاهي ڏني ته اسان ٽنڊو محمد خان جون ڀينرون به ساري دنيا جي سنڌين سان گڏ آهن، پنهنجون خوشيون به سنڌين سان گڏ شيئر ڪنديون آهن۔

مهرباني ادي راحيلا، اهو منهنجي فرضن ۾ شمار آهي ته سنڌ سلامت تي اسان جون خوشيون اسان جون غميون به شيئر ڪريان، توهان سنڌي ڀيڻ جي حيثيت سان سنڌ جو ايڪتا ڏينهن ملهايو ۽ مون هڪ سنڌي ڀا جي حيثيت سان سان اهو ايڪتا جو ڏينهڙو ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيو حساب برابر، ادي سنڌ سلامت سان اسان سڀني سنڌ سلامت جي ميمبرن جو نينهن جو ناتو آهي، الله جو شڪر جو توهان سنڌ سلامت جا ميمبر ٿيا آهيو اسان اميد ٿا ڪريون ته پنهنجي سنڌ سان ناتو سدائين نڀائيندا رهندا۔ لک لائق راحيلا۔
جواب: مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهايو ويو۔
مونکي ته خبر ئي ڪانه ٿِي پوي ته ادا نثار ناز پنهنجو ايترو وقت ڪٿان ٿا ڪڍن، سندن ذاتي زندگي جي باري ۾ مان ڀلي ريت ڄاڻان ٿِي ته هو، ڪهڙن ڪهڙن پريشانين ۾ گهيريل هوندو آهي پر ايتري مصروفيات جي باوجود نه صرف سنڌ سلامت پر هر ادبي ميڙاڪو هُجي، سياسي گڏجاڻيون هُجن، يا فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ڪا به تقريب هوندي آهي ته اتي ادا نثار ناز کي ضرور موجود ڏسندي آهيان، فوٽو گرافي کان وٺي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرائض۔ مٿان شاعري ۽ ڪڏهن به کيس کي مون ڪنهنجي جواب ڏيندي نه ڏٺو آهي۔ هي مومل ڊيولپمينٽ واري تقريب به محترم نثار ناز جي اڪيلي سر هڪڙي محنت جو اکين ڏٺو ثبوت آهي مونکي به انهي گڏجاڻي جي دعوت هُئي پر ڪن مجبورين سبب ان تقريب ۾ شرڪت ڪري نه سگهي هُيس۔ پر محترم نثار ناز جي هن تقريب جو اکين ڏٺو احوال ۽ تصويرون ڏسي بلڪل ائين محسوس پيو ٿئي ته جهڙوڪر آئون خود انهي تقريب ۾ موجود هُجان۔ ادا نثار ناز ۽ سنڌ سلامت وارن کي جس هُجي جو ساري دنيا جي سنڌين سان منهنجي شهر ٽنڊو محمد خان جون ادبي ، سياسي ۽ سماجي تقريبون ونڊ ڪن ٿا۔ توهان جي مهرباني

مهرباني شبانه جو منهنجي هن غريباڻي ونڊ تي ڪجهه پنهنجا ڪامينٽس ونڊيا، بس سمون صاحبه زندگي هڪ جدوجهد جو نالو آهي، سدائين ڪوشش ڪندو آهيان ته محبتن جو اهڙو سڏ ڏيان جنهن سان سنڌڙي سدائين هڪڙي نئين رنگ ۾ نظر اچي ۔ محترما راحيلا علي به سنڌ سلامت جي ميمبر ٿي آهي پر الائي هو ڀيرو ڪانه پئي ڀري، ٻه ته ٻارهن ٻه سنڌي ڀينرون راحيلا ۽ شبانه توهان ٻنهي جو تعلق منهنجي شهر سان آهي، اسان جي سنڌ سلامت تي سنڌي ڀينرن جي اڳواڻي جي تمام کوٽ هُئي مونکي خبر آهي ته توهان ٻنهي سنڌي ڀينرن ۾ اُهي صلاحيتون آهن جو اسان جي سموري سنڌي ڀينرن کي توهان سُڄاڳي جو سڏ ڏئي سگهو ٿيون، سنڌ سلامت اڱڻ تي اهي پنهنجي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري سگهن ٿيون ان کان علاوه وڏي ڳالهه ته سنڌ سلامت تي سنڌي ڪمپوزنگ سکي سگهن ٿيون جنهن جو وڏو مثال توهان کي سنڌي ٻولي جو هڪڙو اکر به ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جو ڪونه لکڻ ايندو هو هاڻي ماشاالله توهان گهڻو ڪجهه سنڌي ڪمپوزنگ لکي سگهو ٿيون۔ توهان جي مهرباني توهان جي هنن همت افزائين جو انتهائي ٿورائتو آهيان۔