• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

کاڻ ۾ ايڪتا جو ڏهاڙو ملهايو ويو

نجم الدين ڪنڀر

سينيئر رڪن
کاڻ ۾ ايڪتا ۽ ثقافت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي ريلي ڪڍي وئي.
بزم ادب کاڻ (باک) جي تعاون سان گورنمنٽ پرائمري اسڪول کاڻ ۾ اڄ پروقار جلسي ۽ پڄاڻي تي شاندار ريلي ڪڍي وئي . جيڪا گورنمنٽ پرائمري اسڪول کاڻ کان شروع ٿي پريس ڪلب ميرپورخاص تائين پڄاڻي تي پهتي. سنڌ جي ثقافت ۽ ايڪتا جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيل هن جلسي کي هن اسڪول جي استاد امتياز وساڻ، معروف سماجي ڪارڪن، اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان قائم ڪنڀر رئيس قيصر خان مري، ۽ استاد علي حسن دل خطاب ڪيو، جڏهن ته هن جلسي ۾ علائقي جي بهترين سگهڙن ۽ شاعرن جن ۾ استاد ذوالفقار علي ڪنڀار،ٻيڙو خان ڪالرو، رئيس دريا خان مري ، ۽ ڪرشن ڀڳت موقعي جي مناسبت سان نئين نڪور شاعري پيش ڪئي. هن جلسي جي ڪمپيرنگ هن عاجز نجم الدين ڪنڀر ڪئي. آخر ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ پنجاهه کن موٽر سائيڪلن ڪارن ۽ ڊاٽسنن تي مشتمل سوين ماڻهن وڏي جوش جذبي سان هن ريلي کي پريس ڪلب ميرپورخاص تائين پهچايو . ان موقعي تي تڌهن هي ۽ هن سميت ٻيون ڪيتريون ئي ريليون خوشي جي بدران غم ۾ تبديل ٿي ويون جڏهن ميرپورخاص جي معزز صحافي ۽ پياري دوست حاجي سلطان محمود چانڊيو کي هن ڌرتي دشمنن اڄ منجھند جو بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ان موقعي تي سمورو ميرپورخاص شهر سراپا احتجاج بڻجي ويو.
رپورٽ ؛
نجم الدين ڪنڀر پوسٽ باڪس نمبر 67 ميرپورخاص سنڌ پاڪستان 69000
فون 9203013282565
Email: najmudin_mps@yahoo.com
 
جواب: کاڻ ۾ ايڪتا جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ادا سموري سنڌ جو جوش ۽ جذبو هن ايڪتا جي ڏينهن تي ڏسڻ وٽان آهي۔

اوهان کي به جس هجي جو ڪلهو ڪلهي سان ملائي سنڌ جي ڳاله پياڪريو۔

دعا آهي ته سڀ سنڌي سنڌ جي مسئلن ۽ حقن جي حاصلات لاء هڪ ٿي وڃن
 
Back
Top