نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم اڄوڪو پنج ڊسمبر 2010 آچر وارو ڏينهن سموري سنڌ جيان ٽنڊو محمد خان ۾ به ڀرپور نموني ملهايو ويو۔ مان وڌيڪ ڪجهه به ڪونه لکندس صرف توهان کي تصويرن ذريعي اهو اکين ڏٺو احوال ڏيکاريندس۔ دوستو بس مون لا صرف دعا ڪري ڇڏجو ته هن پيري ۾ الله سائين مونکي اڃا همت ڏي جو اهڙيون تصويرون جنهن ۾ سموري سنڌ رنگن سان رنگجي وڃي جنهن ۾ سموري سنڌ جا نت ۽ نرالا رنگ نکري وڃن اهي بار بار توهان سان ونڊ ڪريان ۽ سنڌ سلامت جو اڱڻ سدائين جرڪندو رهي۔ اهي سموريون تصويرون سوا هڪ اڌ تصويرون جنهن ۾ مان آهيان اها محنت ڪنهن ٻي جي آهي باقي سموريون تصويرون مون ڪڍيون آهن ۔ همت اٿو، ته ڏسو سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ايتريون تصويرون ڪنهن به ونڊ ڪونه ڪيون هونديون۔ اهو اعزاز الله سائين جي ڪرم نوازي سان هن ٽي درجي واري شاعر جي نصيب ۾ ٿي رهيو آهي۔









