سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾
شام جو 3 بجي مان ادا رشيد سمون سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ اسان جي دوست عرس پريو کي ساڻ ڪري پروگرام م پهتاسون. جتي سنڌ ڌرتيء جا ننڍڙا ٻار ، نوجوان ۽ بزرگ گهڻي تعداد ۾ موجود هئا. مان پاڻ به سگا جي ميمبر هئڻ ناتي ميزبان هيس ۽ مونسان گڏ سنڌ سلامت جو ميمبر غلام مرتضي وساڻ به گڏ هيو. تقريب ۾ سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻ ٽوپي جي هڪ وڏي تصوير آويزان هئي ۽ ان سان گڏ اجرڪ ، سنڌي ڀرت ، سنڌي ڏاند گاڏي جي خوبصورت نمائش به ڏسن وٽان هئي. ادا طاهر سنڌي به تيستائين اچي اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيو. اسٽيج تي موهن جي دڙي ۽ سنڌي ثقافت جو ڏيک هيو .
ٻي اهم ڳاله ته منهنجي ننڍڙي گذارش تي پي پي پي سچل ڳوٺ جي جنرل سيڪريٽري ابراهيم ڀٽي صاحب سنڌ سلامت جا به بينر ٺهرائي اسٽيج جي ٻنهي پاسي لڳرائي ڇڏيا هيا.
سنڌ سلامت جي ٽيم طاهر سنڌي، عبدالرشيد سمون ، سليمان وساڻ ۽ عرس پريو
سنڌي ثقافت جي ڏينهن جي مناسبت سان پاڪستان پيپلز پارٽي سچل ڳوٺ يونٽ ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ ، سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي پاران سچل ڳوٺ ۾ 4 ڊسمبر تي رنگ برنگي تقريب جي دعوت ڏني وئي هئي. سنڌ سلامت کي به خصوصي دعوت ڏني وئي ۽ زور ڀريو ويو ته هن تقريب ۾ شرڪت ڪريو. مون ٻه ڏينهن اڳ ئي ادا رشيد سمون کي عرض ڪيو جنهن يقين ڏياريو ته هو اچي ويندو. هڪ ڏينهن اڳ ادا طاهر سنڌي فون ڪيو ته هو ڪراچي م آهي ۽ مون کيس عرض ڪيو ته اوهان به سڀاڻي اسان سان گڏ هجو.
4 ڊسمبر جو مونکي آفيس به وڃڻو پيو پر ان کان اڳ جڏهن مان سچل ڳوٺ جي گهٽين ۾ نڪتس ته اجرڪ ۽ ٽوپيون پئي نظر آيون. اسڪولي ٻارن ريليون ڪڍي نعرا پئي لڳايا. ڪجه تصويرون انهن ٻارڙن جون ۽ استادن جون :
4 ڊسمبر جو مونکي آفيس به وڃڻو پيو پر ان کان اڳ جڏهن مان سچل ڳوٺ جي گهٽين ۾ نڪتس ته اجرڪ ۽ ٽوپيون پئي نظر آيون. اسڪولي ٻارن ريليون ڪڍي نعرا پئي لڳايا. ڪجه تصويرون انهن ٻارڙن جون ۽ استادن جون :

شام جو 3 بجي مان ادا رشيد سمون سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ اسان جي دوست عرس پريو کي ساڻ ڪري پروگرام م پهتاسون. جتي سنڌ ڌرتيء جا ننڍڙا ٻار ، نوجوان ۽ بزرگ گهڻي تعداد ۾ موجود هئا. مان پاڻ به سگا جي ميمبر هئڻ ناتي ميزبان هيس ۽ مونسان گڏ سنڌ سلامت جو ميمبر غلام مرتضي وساڻ به گڏ هيو. تقريب ۾ سنڌ جي ثقافتي اهڃاڻ ٽوپي جي هڪ وڏي تصوير آويزان هئي ۽ ان سان گڏ اجرڪ ، سنڌي ڀرت ، سنڌي ڏاند گاڏي جي خوبصورت نمائش به ڏسن وٽان هئي. ادا طاهر سنڌي به تيستائين اچي اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيو. اسٽيج تي موهن جي دڙي ۽ سنڌي ثقافت جو ڏيک هيو .
ٻي اهم ڳاله ته منهنجي ننڍڙي گذارش تي پي پي پي سچل ڳوٺ جي جنرل سيڪريٽري ابراهيم ڀٽي صاحب سنڌ سلامت جا به بينر ٺهرائي اسٽيج جي ٻنهي پاسي لڳرائي ڇڏيا هيا.

سنڌ سلامت جي ٽيم طاهر سنڌي، عبدالرشيد سمون ، سليمان وساڻ ۽ عرس پريو

پروگرام جي خاص مهمانن ۾ سنڌ جو سماج سڌارڪ جناب نثار حسن علي آفندي ، سابق صوبائي وزير ۽ پي پي پي جو اڳواڻ عبدالحڪيم بلوچ ، عبرت گروپ آف پبليڪيشن جو سرواڻ جناب قاضي اسد عابد ۽ ٻين سماجي ۽ سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ٿي ان کانپوء روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي ٻارڙن قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا. ان کانپوء سگا جي جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنه ، روشن تارا اسڪول جي وائس چيئرمين الهداد گوپانگ ، سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين غلام رسول ٻٻر ، سچل پبلڪ اسڪول جي سرپرست پروفيسر علي انور بالادي ، سپاف سکر ضلعي جي سابقه صدر امداد ڏهر سنڌي ثقافت ۽ ان جي تاريخي حيثيت تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
تقريب جي دوران سنڌ سلامت جي سرواڻ عبدالرشيد سمون ۽ سنڌ سلامت جي آيل ساٿين جي اسٽيج تان تاڙين جي گونج ۾ آجيان ڪئي وئي ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ڪيل خدمتن کي پڻ واکاڻيو ويو.
سائين عبدالحڪيم بلوچ سنڌي جي ثقافت تي ڪيل چٿرن تي تنقيد ۽ صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي همت کي سلام پيش ڪيو جنهن سنڌي ٽوپي جي شان ۾ واڌارو آندو.
سائين نثار حسن علي آفندي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ثقافت سان گڏ پنهنجي قدرن ۽ علمي ڄاڻ ۾ اضافو آڻي تعليمي انقلاب آڻڻ جي ضرورت آهي.
سائين قاضي اسد عابد سنڌ جي ثقافت ۽ ان جي اهميت تي ڳالهائيندي سنڌي قوم کي سلام پيش ڪيو جنهن هن ڏينهن تي هڪ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏنو آهي. آخر ۾ پي پي پي جي اڳواڻ تاج محمد وساڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا