• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

ماشاالله ادا سليمان وساڻ صاحب

اسان جي ته اها دعا آهي ته اهي ميلا مچندا رهن دوست ملندا رهن
توهان کي اسان جي پاران سنڌي ٽوپي اجرڪ ڏينهن مبارڪ هجي

تمام بهترين ڪوشش آهي توهان جي ان بهاني اسان عرس پريو صاحب . طاهر سنڌي صاحب ۽ توهان جو درشن ڪيو

الله توهان کي خوش رکي پنهنجي پيارن سان

سدائين گڏ

ادا توهان جا لک لائڪ جو اسانجي لاء ايترو پيار ء محبت رکو ٿا،
ڪروڙين قرب ادي سليمان وساڻ جا جو ان لائڪ سمجهيو
دل سان دعوت ڏني ادا رشيد ء مان وڃي پهتاسين
اسانجي خوشنصيبي جو ادي طاهر جو ديدار به ٿي ويو

ڪالهه 5 ڊسمبر تي انجي آستاني تي وڃي پهتاسين
پاڻ ته دل و جان سان گهور ويو۔۔۔۔ سڀ کان ڀلي ڳالهه
اهاٿي جو ڪافي دير ڪچهري ٿي سنڌ سلامت بابت ڳالهيون ٿينديون رهيون
يقين ڪريو ته ڏاڍو مزو آيو

لاٽ ٻرندي رهي جوت جلندي رهي
اهڙا ميلا شل هميشه مچندا رهن ء ملاقاتون ٿينديون رهن ۔۔
 
ادا عرس يقين ڪريو ته اها اسان جي به خوشنصيبي هئي جو مولا اوهان جهڙن دوستن سان چند گهڙيون نصيب ڪيون۔
اوهان منهنجي غريب خاني تي ڪهي آيا ته اها منهنجي اڱڻ جي عزت افزائي آهي۔
اوهان دوست قرب جا پير پائي آيا، دل چوي ٿي اوهان وري وري منهنجي اڱڻ تي اچو ته دل باغ وبهار ٿي وڃي، ۽ ڪجهه سڪ به لاهجي۔

ڀٽائي سرڪار جو بيت اوهان لاءِ لفظن ۾ غلطي هجي ته نشاندهي ڪندا صحيح ياد نه ٿو اچي:

جي ايندي چوني آءُ ويندي چوني ويهه
ڇڏي سارو ڏيهه اچ اڱڻ انهن جي
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

سائين هن پروگرام جو مختصر حال پڙهي ۽‌ تصويرون ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔۔ اهڙي طرح ئي سنڌي دوستن جا ميلا ٿيندا رهن،​

ادا اسد ڀاءُ سليمان جو ٿريڊ هاڻ ڏسو!
هاڻ اوهان کي مختصر نه بلڪِ هڪ تفصيلي احوال ملندو ادا۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

سائين نثار اوهان جا ٿورا۔۔۔۔۔۔۔

بلڪل سچل ڳوٺ جي فزا مهڪندڙ پئي لڳي۔ اسان سان گڏ به سنڌ سلامت جا مهڪندڙ گل جو گڏ هيا۔ اوهان ۽ اسان جي گهر سامهون گهٽيء ۾ هي تقريب شروع ٿي ته سنڌ سلامت جي ذڪر ڪري دوستن نثار ابڙي کي بار بار پي ياد ڪيو۔

سائين نثار صاحب ۔۔۔۔۔۔!!!

تاج محمد وساڻ يا اسان جو گهراڻو اڪيلو ڪجه به ناهي اسين جيڪو ڪجه آهيون سموري سچل ڳوٺ جي دوستن جي ساٿ ڪري آهيون۔ مان سوچيندو آهيان جيڪڏهن سموري سنڌ سچل ڳوٺ وارن پنهنجي پنهنجي وستين ۽ واهڻن جي سار لهي ته جيڪر سنڌ سون ٿي پوي۔

مان سنڌ سلامت جي دوستن جي پيار ۽ موٽ لاء شڪر گذار آهيان

بلڪل ادا سليمان يقين ڪريو ته سائين ابڙو صاحب تمام گهڻو ياد پئي آيا۔
بلڪِ جڏهن به ڪا ڌمال يا رقص پئي ٿيو ته دل چوي پئي ته اجهو ته نثار ابڙو اچي ان ڌمال ۾ رقص ڪندي شريڪ ٿئي۔
الله سائين سندن کي پنهنجي امان ۾ رکي۔
اوهان جي ۽ سائين تاج محمد صاحب جن جي محبت وسارڻ جوڳي نه آهي، هڪ سادگي جو اعلي مثال پيش ڪري رهيا هئا سائين تاج محمد صاحب۔
الله تعالي سڀ دوستن ڏانهن خير ڪري۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

مان ادا رشيد سمون ، ادا طاهر سنڌي ۽ ڀاء عرس پريي جو ٿورائتو آهيان جن خاص مهرباني ڪري منهنجي سڏ کي موٽ ڏني غ پروگرام کي چار چند لڳائي ڇڏيا۔ پاڻ پوري تقريب ۾ آخر تائين ويٺا رهيا۔

ادا سليمان اسان جو مان مٿاهون ٿيو سنڌ جي هن بهترين پروگرام ۾ شريڪ ٿي۔
ادا سنڌ اسان جي نه بلڪ اسان سنڌ جا ٿورائتا آهيون۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

سائين تمام پياري شيئرنگ آهي خوبصورت ڏهاڙي تي خوبصورت تصويرن جا رنگ پنهنجي فورم جي زينت ۾ اضافي جا سبب بنيا آهن سائين نثار ناز سائين طاهر سنڌي ٻين ڪافي دوستن جي شيئرنگ ڏسي دل خوش ٿي وئي. الله تعالي سنڌ کي سلامت رکي. سنڌ واسين کي خوشحال رکي.

سائين الله تعالي اوهان کي خوش رکي۔
مهربانيون۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

پيارا محمد سليمان وساڻ صاحب جيئي سنڌ، جيئي سنڌي ٻولي ، جيئن سنڌي ڀائر ، سنڌي ڀيڻون، جيئي سنڌي ٽوپي، جيئي سنڌ جي سُونهن اجرڪ، ۽ جيئي اسان جي سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ۔ سچل ڳوٺ جي سنڌي ماڻهن جون مُرڪون توهان سنڌي ماڻهن جي اجرڪن جي ڦلڙين اجرڪ جي رنگن، سنڌي ٽوپين جي ٽِڪِن جي تجلن کي اسان سان گڏ ساري دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪيو انهي ڳالهه جا لک لک ٿورا، مون کي سنڌ سلامت پاران ان موقعي تي ايڪتا بينر ته تمام گهڻي خوشِي ڏني، انهي خوشي جو اندازو انهي ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته مون فوري طور تي انهي سنڌ سلامت جي بينر جي تصوير کي پنهنجي پي سي ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو، توهان ماشاالله سنڌ جي هن قومي ٻڌي واري ڏينهن کي تمام بهترين انداز سان ساري دنيا جي سنڌين سان گڏجي پاڻ ملهايو آهي۔ توهان کي جس هُجي۔ توهان کي مُبارڪون هُجن۔ ڪافي ڏينهن کانپو جادوگر عبدالرشيد سمون جي تصوير ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي هُو باقائده دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي فورم جو سرواڻ لڳي رهيو هو۔ سڀني دوستن محترم عرس پريو، محترم طاهر سنڌي، ادا سليمان توهان ادا عبدالرشيد سمون کي انهن خوشين ۾ شريڪ ڏسي ائين پي محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي سنڌ ڌرتي جا چنڊ چوڏهين جي چنڊ جيان نکري نروار ٿيا آهن۔ الله سائين سدائين توهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي سنڌ ڌرتي سان ناتو نڀائڻ جي توفيق ڏي۔ شال سڀئي جُڙيا هُجو آمين۔​

سائين سدا خوش هجو الله تعالي اهڙي ريت سڀ سنڌين کي ملي رهڻ جي توفيق ڏي ۽ ٻچي جي توفيق ڏي۔
اسان کي اڄ ٻڌي جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

ادا طاهر تصويرون مون وٽ ته صحيح پيون نظر اچن۔ اوهان ڪنهن ٻئي برائوزر ۾ ڪوشش ڪري ڏسو

ادا سليمان مهرباني اوهان جي۔
پيارا بلڪل منهنجي برائوزر ۾ مسئلو هو هاڻ صحيح نظر اچن پيون۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

سائين نثار ناز سلام

اوهان جا ٿورا جو اسان جي هن ننڍڙي ڪاوش جي هيڏي وڏي ساراه ڪئي آهي۔ مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان ادا رشيد ، ادي طاهر ۽ ادا عرس پريي جو جن موٽ ڏني ۽ ننڍڙي عرض تي ڪهي آيا۔

سنڌ سلامت جي تعريف به ٿي ۽ ڪافي دوستن اسان جي بينرن کي به ساراهيو ويو۔ بلڪل جتي سنڌ سلامت جو سرواڻ رشيد سمون هجي ته اها اسان جي به خوش نصيبي هئي۔

دعا آهي ته سنڌ سلامت انٽر نيٽ سان گڏ سنڌ جي هڪ وڏي سوشل فورم ۾ به تبديل ٿي سنڌين جي خدمت ڪري ۽ اهڙا ڪيئي ميڙاڪا ٿيندا رهن۔

ادا اوهان جيڪو اسان کي مان ڏنو ان لاءِ اسان به اوهان جا ٿورائتا آهيون۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

سڀ کان پهريان ته سڄڻ دوست سليمان وساڻ جا لک ٿورا جنهن کوڙ ساتريون سهڻيون تصويرون ونڊ ڪيون، جن ۾ سچل ڳوٺ جا پيارا ۽ سهڻا سنڌي ماڻهون، مٿان وري سنڌي ثقافت جا رنگ ۽ ثقافتي عيد جو ڏهاڙو ۽ سون تي هيرن جو ڪم جو سنڌ سلامت جي نمائندگي بينر سميت نظر آئي، سنڌ سلامت جي مکيه ۽ روح روان دوستن هن ڏينهن تي سچل ڳوٺ ۾ اچي سنڌ جي ثقافتي عيد ملهائي انجو احساس ۽ ارمان رهندو ته آءُ پنهنجي گهر جي ڀت سان لڳل اهڙي سهڻي تقريب ۾ ڇو نه گڏ رهيس ۔۔۔ !!!

مٿان وري ڪراچيءَ مان ٻيا به ڪجهه معزز مهمان ڪهي اچي سچل ڳوٺ جي هوائن ۾ ثقافتي عيد جي خوشين ۾ شريڪ ٿيا اهو به اسانجي دوست وساڻ ۽ سندس خاندان جون ڪاوشون آهن جو هو سچل ڳوٺ کي ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو هڪ مثالي ڳوٺ قائم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ رات ڏينهن محنت ڪري رهيا آهن ۔۔۔

سائين تاج محمد وساڻ سان ملاقات ٿيندي آهي ته ائين لڳندو آهي ته هي مهان انسان سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ تڙپندو رهي ٿو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ميدان تان سنڌين جي ڀلائيءَ واري عمل ۾ رڌل رهي ٿو ۔۔۔ کلڻو، بردبار، دوستيون نڀائڻ وارو، آئي وائي کي کيڪار ۽ مهمانوازي، تڪڙو انصاف سندس دل جا دروازا هميشه کليل [u]”جي آيا سي اگهيا”[/u] هر ماڻهونءَ کي انجي حيثيت کان به وڌ مان ڏيڻ جي ريت ڪنهن کي سکڻي هجي ته محترم تاج محمد وساڻ کان سکي ۔۔۔

ڪراچي شهر جيڪو ڌارين جي ملڪيت ٿي چڪو آهي، ڪراچي جنهن ۾ سنڌين جي ساهه کڻڻ واري هوا ٻوساٽبي پئي وڃي، ڪراچي جنهن ۾ سنڌين کي اوپرو ۽ پرايو سمجهيو وڃي ٿو ۔۔۔ ڪراچي جنهن ۾ جڏهن ڌاريا چاهن ته سنڌين کي ٿيلها کڻائي ڇڏيندا آهن ۔۔۔ ان ڪراچيءَ ۾ سچل ڳوٺ ۽ سچل ڳوٺ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تاج محمد وساڻ جهڙا مڙس ماڻهون ڏسندو آهيان ته خوشيءَ جي هڪ عجيب ڪيفيت پئدا ٿيندي آهي ۔۔۔

رب العالمين سنڌ واسين کي پنهنجن ماڳن مقانن جي مالڪي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

ٻي ڳالهه ته جيڪي تصويرون ونڊ ڪيون ويون آهن، سي کولڻ وقت ڪمپيوٽر کي ايتري تڪليف ٿئي ٿي جو ڄڻ ڪمپيوٽر قبضيءَ جو مريض هجي، تمام آهستگيءَ سان تمام وڏي سائيز جون تصويرون کلن ٿيون ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ پوري سائيز جون ٿين ٿيون. جنهن سبب ڪافي وقت لڳي وڃي ٿو ۽ ڪمپيوٽر پڻ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو ... ائين ڇو ٿيو آهي ..؟ انجو جواب ڪي ڄاڻون ئي ڏئي سگهنٿا ...

آخري ڳالهه ته تمام سهڻو ۽ يادگار آلبم آهي .... ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آلبم آهي ... لک ٿورا دوستن جا جن محنت ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سنڌ جي ثقافتي عيد جي خوشين سان سنواري ڇڏيو آهي ...

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار .... آمين​

سائين هاڻ تصويرون سٺي فارميٽنگ ۾ اچي جلد کلن پيون۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

ماشاالله ادا سليمان وساڻ صاحب

اسان جي ته اها دعا آهي ته اهي ميلا مچندا رهن دوست ملندا رهن
توهان کي اسان جي پاران سنڌي ٽوپي اجرڪ ڏينهن مبارڪ هجي

تمام بهترين ڪوشش آهي توهان جي ان بهاني اسان عرس پريو صاحب . طاهر سنڌي صاحب ۽ توهان جو درشن ڪيو

الله توهان کي خوش رکي پنهنجي پيارن سان

سدائين گڏ

ادا الله کان دعا آهي ته اسان کي اوهان جو به ديدار جلد نصيب ٿئي۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

ادا نثار ابڙا سڀ کان پهرين ته انهي ايڪتا ڏينهن جي شُڀ ڏڻ ملهائڻ تي توهان کي کوڙ ساتريون واڌايون ان کان پو انهن تصويرن جي کُلڻ ۾ دير ڪرڻ جي ڪري ڪالهه رات کان وٺي منهنجو پريم ڪِڪُو(پي سي) مونکي روئي روئي دانهون ڏئي رهيو آهي ته جهونا، سنڌ سلامت جي سٿ کي چئو ته ڪجهه انهن سچل ڳوٺ جي تصويرن جي هيئت ۽ لينٿ کي گهٽ ڪريو نه ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪو به سنڌي سئولائي سان پنهنجي ڪمپيوٽر جي عين (اک) سان ڏسي ڪونه سگهندو۔ ٻيا ڪهڙا ڪمپيوٽر جا ڄاڻو آهن اهي سنڌ سلامت جي جادوگر وڏي ايڊمن کان سوا في الحال ڪوبه پاڻ وٽ ڄاڻو موجود ڪونهي۔ ڀلي اهو پنهنجي فُل چار پنج ايم بي کان مٿي واري هڪ هڪ تصوير جو جلوو ڏسي وٺي ان کان پو انهن تصويرن جي لينٿ هميشهه جيان گهٽ ڪري ساري دنيا جي ڏيکارڻ لا اوڪي ڪري ڇڏيندو، اسان وٽ ته چلو ڊي ايس ايل آهي جو روئي روئي اهي تصويرون اسان جون ڪمپيوٽر ڏيکاري ٿو پر انهن وي وائرليس رکندڙ دوستن جو ڇا ٿيندو جنهن جي نيٽ جي اسپيڊ صفا گهٽ هوندي۔ ٻيلي وارو ڪريو ڪجهه تصويرن جي لينٿ کي گهٽايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين ناز صاحب هيئنر ڏسو تصويرن کي ادا سليمان جي محنت سان سٺي ڪنڊيشن ۾ اچي ويون آهن۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

دوستن کان معذرت جو تصويرن جي ڊيگھ ۽ ويڪر وڌيڪ هئڻ سبب هي مسئلو پيش آيو۔ آفيس ۾ گهڻي مصروفيت سبب سنڌ سلامت کولي ڪجه ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيم ته آفيس جو ڪونه ڪو نئون ڪم ايندو رهيو۔

ان باوجود دوستن جي پريشاني کي ڏسندي ، آفيس جي ڪم کي پاسي تي رکي ، تصويرن کي ريسائيز ڪري ٻيهر اپلوڊ ڪيو اٿم۔ انشاءالله هاڻي اهو مسئلو پيش ڪونه ايندو۔

مهربانيون

ادا سليمان الله تعالي اوهان کي خوش رکي۔
بلڪل ادا هاڻ تصويرون اوهان جي محنت سان رنگ لائن پيون۔
هاڻ جلد نظر ٿيون اچن۔
لک لائق پيارا۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

هن پروگرام جي دعوت ڏيڻ تي مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان پنهنجي دوست ۽ محسن ادا سليمان وساڻ جو ۔۔۔
اها حقيقت آهي ته جڏهن پروگرام واري جڳهه تي مون سنڌ سلامت جا بينر لڳل ڏٺا ته تمام خوشگوار حيرت ٿي لڳي ۔۔۔اهو منظر ڏسي ائين ٿي لڳو جهڙوڪ سنڌي ثقافت جو هي ميڙاڪو سنڌ سلامت ئي ڪرائي رهي آهي۔۔۔ ان ڪري پاڻ کي ميزبان ٿي سمجهيم۔۔۔ وري جڏهن سنڌ سلامت جو تعارف ڪرائيندي مون کي ڀليڪار ڪئي وئي ته ائين لڳو جهڙوڪ هي ثقافتي ميڙاڪو سنڌ سلامت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ملهايو پيو وڃي۔۔۔
سچي ڳالهه ته آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ثقافت کي مڃتا ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ هن پروگرام ۾ جڏهن مان پاڻ کي مهمان به سمجهي رهيو هيس ته ميزبان به۔۔۔۔ ڪن اکين سان بار بار منهنجي نظر ادا سليمان ڏانهن ٿي وئي۔۔۔۔۔۔۔ جنهن جي بي انتها محنت صاف نظر ٿي آئي۔۔۔ سندن اهڙي طرح مان ۽ محبت کي ڏسي ڪافي جذباتي به ٿي ويو هيم۔۔۔ اهو سڀ ڪجهه ڀلو ته لڳو ئي پر جڏهن سچل ڳوٺ جي هن ميڙاڪي کي خبر پئي ته هتي سنڌ سلامت جي ٽيم پڻ آيل آهي ته انتهائي قابل ۽ مدبر ماڻهون پڻ خاص طور ملڻ ٿي آيا۔۔۔ ادا سليمان سندن تعارف ڪرائيندو رهيو ۔۔۔ مون کي فخر سان گڏ حيرت به ٿي هتي ٽنڊو محمد خان شهر وانگر هر ڪنهن کي سنڌ سلامت بابت ڄاڻ هئي۔۔۔۔
دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته ان ساڳئي ڏينهن تي ئي سنڌي لينگويج اٿارٽي طرفان سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جي افتتاحي تقريب پڻ شيرٽن هوٽل ۾ رکيل هئي جنهن جي دعوت پڻ ادا سليمان وساڻ جن کي مليل هئي پر خاص طور اسان خاطر هنن ان پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ بجاءِ اسان سان وقت گذارڻ کي ترجيح ڏني۔۔۔
اهڙي شاندار پروگرام ڪرائڻ تي پوري سنڌ سلامت ٽيم ادا سليمان وساڻ، سائين تاج محمد وساڻ، ادا مرتضى وساڻ ۽ جناب ابراهيم ڀٽو صاحب جن جي انتهائي مشڪور آهي۔۔۔
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔۔۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

واھ واھ ادا سليمان۔۔۔زبردست پر مان اوهانکي ته تصويرن ۾ ڏٺو آهي۔۔۔پر عبدالرشيد ۽ طاهر سنڌي کي ڪون ڏٺو آهي۔۔۔۔۽ ها ادا پروگرام جو اڳ ۾ ٻڌايو هان ته اسان به اچون شريڪ ٿيون هان۔
 
ادا عاشق اوهان هي ونڊ ڏسي پنهنجي خيالات جو اظهار ڪيو۔
مهرباني۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=8584
 
لک قرب ، مهربانيون

مونکي ۽ سچل ڳوٺ جي سموري سنگت سنڌ سلامت کي سڃاڻي ۽ قدر جي نظر سان ڏسي ٿي۔ سچ پڇو ته مونکي اوهان دوستن ۽ سچل ڳوٺ جي ٻارڙن ، نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏ هي ڏهاڙو ملهائي جيڪا خوشي ٿي سا شايد لينگيوئيج اٿارٽي واري پروگرام ۾ نه ملي ها۔

پيار ، سڪ ، پنهنجائپ ۽ ايڪتا جي ڪهڙي ڳاله ڪجي۔ اسان جي مانواري مهمان خاص نثار حسن علي آفندي صاحب جون ڏاهپ ڀريل ڳالهيون هجن يا پروفيسر علي انور بالادي جون تاريخي بيان ڪيل حقيقتون يا وري سموري سٿ جون جهمريون سڀ اڻ وسرندڙ آهن۔

سنڌ سلامت کي ميزباني وارو شرف به هيو جو مان پاڻ ۽ سائين مرتضى وساڻ سگا جي ميمبر هئڻ سان گڏ سنڌ سلامت جي ميمبر طور شامل هئاسون۔

اوهان دوستن جا لک احسان جو اوهان اسان کي ميزباني جو شرف بخشيو۔

انشاء الله سنڌ سلامت جا ميڙاڪا سچل ۾ سميت سموري سنڌ ۾ ٿيندا نه ته اسان وارو فقير ڦلپوٽو دل م نه ڪري۔ ادا ڦلپوٽه اسان شڪارپور به اينداسون ، سائين رحيم بخش وٽ موري ۾ به اينداسون ته مست وٽ ڄامشوري جون هوائون کائڻ به اينداسون جو پلو ته ضرور ملندو ۔ سائين اسن جي سرپرست نثار ناز وٽ ٽنڊو محمد خان ۾ به سنڌ سلامت جو ميڙ ٿيڻ گهرجي۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

واھ واھ ادا سليمان۔۔۔زبردست پر مان اوهانکي ته تصويرن ۾ ڏٺو آهي۔۔۔پر عبدالرشيد ۽ طاهر سنڌي کي ڪون ڏٺو آهي۔۔۔۔۽ ها ادا پروگرام جو اڳ ۾ ٻڌايو هان ته اسان به اچون شريڪ ٿيون هان۔

ادا عاشق مهرباني

ڀاء مون فيس بوڪ تي اوهان کي دعوتنامي ۾ ٽيگ ڪيو هو ، شايد اوهان ان کي لائيڪ به ڪيو پر اوهان جو نمبر ڪونه هو تنهنڪري اوهان کي ذاتي طور نينڍ ڏئي نه سگهيس ۔۔۔۔۔ ان لاء معذرت ۔۔ انشاء الله ڪراچي ۾ آهيون ته اوهان سان ملاقاتون ٿينديون۔ جڏهن به سچل ڳوٺ اچو ته اسان جي دل جا دروزا اوهان لاء کليل آهن۔
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا

سڄي سنگت جون مهربانيون جن هن ونڊ تي پنهنجا پيار ۽ پنهنجائپ وارا تاثرات لکيا۔ خاص ٿورا ادا نثار ابڙي جا جنهن ايڏي گهڻي تعريف لکي آهي جنهن جي اسان لائق ناهيون۔ اهو سندس خلوص ۽ پيار ۽ پنهنجائپ آهي۔

مهرباني سنڌ سلامت جي دوستن جي خاص ڪري ادا رشيد، ادا طاهر ۽ ادا عرس جن پير ڀري اسان جي مهفل کي رونق بخشي۔ مهربانيو پ پ پ سچل ڳوٺ ۽ سگا سچل ڳوٺ جي نوجوانن جون جن هن ميڙي کي مچايو ۔ سنڌ سلامت جا بئنر ۽ ڪجه نه ونڊ ڪيل تصويرون مان هتي دوستن لاء ٻيهر ٿو ونڊيان

idf6LO.JPG

idf8TW.JPG

idbkh0.JPG

idf0x0.jpg

idb78Q.JPG

idbhZs.JPG
 
جواب: سنڌ جي ثقافتي عيد ڏينهن سنڌ سلامت جي انتظاميه سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾

ادا مرتضى وساڻ۔۔۔ توهان جي مهرباني جو توهان هن ثقافتي ميلي جون ڪجهه وڌيڪ تصويرون ونڊ‌ ڪيون۔۔۔ خاص ڪري سنڌ سلامت وارو ۽ ان کان پوءِ‌ پيپلز پارٽي وارو بينر پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔۔۔
 
Back
Top