• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئي سگهج

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
برطانيا، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ايڪتا جي زنجير سان جڙي ويا

ڪراچي/ لنڊن/ رياض/ بيجنگ/ اوش/ جوڌپور (ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ/ مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سرواڻ علي قاضي پاران اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي کي برطانيا،سعودي عرب، يو اي اي، ڀارت ۽ سوڊان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين پاران ڀرپور موٽ ڏني وئي، پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي به ايڪتا جي زنجير ۾ جڙي ويا، پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين مختلف تقريبون منعقد ڪري سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي قومي گيتن تي رقص ڪيو، ان حوالي سان يو اي اي ۾ رهندڙ سنڌين پڻ ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش پاران اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي، جنهن جي صدارت يو اي اي ۾ موجود سنڌين جي تنظيم يو اي اي سنڌيز جي صدر اياز ٻرڙو ڪئي، تقريب ۾ ان پروگرام جي آرگنائيز ڪندڙ سنڌين آصف ميمڻ، اسد ميمڻ، آفتاب ابڙو ۽ عرفان چانڊيو سميت عورتن ۽ سنڌي ماڻهن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي، عورتن سميت سڀني سنڌين کي روايتي سنڌي لباس ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل هو، تقريب کي خطاب ڪندي اياز ٻرڙي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سرواڻ علي قاضي جي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري فيصلي کي ساراهيو ۽ چيو ته سنڌين کي ٻڌي ۽ اتحاد جهڙي لازوال مثال قائم ڪرڻ تي يو اي اي ۾ موجود سڀني سنڌين طرفان مبارڪون ڏيان ٿو، هوڏانهن لنڊن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي ايڪتا ريلي ۽ سنڌ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، ڄاڻ موجب ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران لنڊن ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، پارليامينٽ اسڪوائر وٽ سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي هو جمالو تي رقص ڪندا رهيا، سنڌين جي ميڙاڪي ۾ ڊاڪٽر حليم ڀٽي، ساجد ڳورڙ، سنجي آهوجا، ڊاڪٽر محبوب ڏاهاڻي، سلطان مهر ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته هڪ هال ۾ سنڌي ڪچهري به منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايل اڳواڻن سنڌ جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، مقررن ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي ايڪتا سڏ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي سنڌي ماڻهن کي ٻڌي ۽ ايڪو قائم رکڻ جي اپيل ڪئي، جڏهن ته برمنگهم ۾ موجود سنڌين پڻ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو، هوڏانهن سوڊان جي شهر خرطوم ۾ رهندڙ اوپٿالمڪ ٽيڪنيڪشن ڪريم بخش ڇٽو ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ تي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين سميت علي قاضي کي لک لک واڌايون ڏيندي چيو ته آفريقا ۾ ويٺي به اسان پنهنجي سنڌ جا ايڪتا جهڙا منظر انٽرنيٽ ذريعي ڪي ٽي اين تي ڏٺا ته اکين مان لڙڪ لڙي آيا ۽ دل مان اها آس نڪتي ته ڪاش مان ان ڏينهن تي سنڌ ۾ سنڌ واسين سان گڏ هجان ها، هوڏانهن نيوزيلينڊ ۾ رهندڙ ۽ اوٽاگوا يونيورسٽي ۾ ڊيوٽي ڪندڙ سيد عظيم شاهه انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هو علي قاضي، ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سڄي اسٽاف کي ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان واڌايون ڏئي ٿو، هن چيو ته ڪالهه منجهند جو 12 کان 2 وڳي تائين هن سميت نيوزيلينڊ ۾ رهندڙ سنڌين نيوزيلينڊ جي رياست اوٽاگو جي شهر ڍونيڊن جي گهٽين ۾ سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو، ان موقعي تي سڀني سنڌي عورتن، پوڙهن، ننڍن ۽ نوجوانن ايڪتا ڏهاڙي وارين سرگرمين ۾ حصو ورتو، ڪرغستان جي شهر اوش ۾ سنڌي سنگت جي اڳواڻن ڊاڪٽر عبيد انصاري، ڊاڪٽر عمران شوڪت، جنيد مرزا، فدا حسين جلالاڻي، زبير سومرو، ساجد حسين، نويد حسين ڪٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ ڀارت جا سنڌي به شريڪ ٿيا، سنڌين سان يڪجهتي جي اظهار طور آمريڪين ۽ روسين به شرڪت ڪئي، تقريب ۾ سڀني سنڌين سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي سنڌي ثقافت جو نماءُ ڪري شهر ۾ واڪ به ڪيو، ان موقعي تي ”هو جمالو“ ۽ ”منهنجي سنڌ“ گانن تي جهمريون هڻي سڀني آيل مهمانن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته مهمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ تحفي طور پڻ ڏنا ويا، هوڏانهن ڀارت جي شهر جوڌپور ۾ رهندڙ سنڌي هريش ڪمار سولنڪي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ٻڌي ۾ طاقت آهي ان ڪري هن سڄي دنيا ۾ موجود سنڌين کي هڪ ٿيڻ گهرجي، هن ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي سرواڻ علي قاضي جي ڪردار کي پڻ ساراهيو، هوڏانهن سعودي عرب جي شهر مديني شريف ۾ موجود سنڌي فنڪار غلام حسين عمراڻي پاران ڳايل سنڌ جي قومي گيتن تي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي رقص ڪيو ويو.
 
ڪاوش گروپ نئين تاريخ جوڙي آهي، هاڻي ڏسون ته سنڌ حڪومت ڇا ٿي ڪري:حميد هارون

ڪراچي (ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ) آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي صدر ۽ ڊان ميڊيا گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حميد هارون چيو آهي ته ڪاوش گروپ ايڪتا سان ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي نئين تاريخ جوڙي آهي، هاڻي ڏسون ته ثقافت جي ترقي لاءِ سنڌ حڪومت ڇا ٿي ڪري، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي حميد هارون وڌيڪ چيو ته سنڌ ڌرتي جي تاريخ ۽ تهذيب شاندار آهي ۽ ان کي ملهائڻ گهرجي، ڪاوش گروپ جهڙي منظم انداز سان ثقافت لاءِ جاڳرتا پيدا ڪئي آهي، اهو ڪم سنڌ حڪومت نه ڪري سگهي آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت ته عابده پروين جهڙي عظيم گلوڪاره ۽ هستي لاءِ ڪجهه نه ڪيو جيڪا پوري پاڪستان توڙي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافت توڙي تهذيب جي سفير آهي، مون کي خوشي آهي ته لاهور ۾ بيماري دوران پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف عابده پروين جي سار لڌي، کيس ٽرانسپورٽ توڙي ريسٽ هائوس فراهم ڪيو، سنڌ حڪومت جي عابده پروين بابت پيش آيل رويي تي مون کي افسوس آهي، حميد هارون چيو ته ڪاوش جي ٽيم سنڌ، پاڪستان توڙي پرڏيهه ۾ ثقافت جي جاڳرتا لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي، ڪاوش پنهنجو ڪردار نڀايو، هاڻي ڏسون ته سنڌ حڪومت ڇا ٿي ڪري، ڪاوش گروپ جو ڪردار ڏسي سنڌ حڪومت پنهنجو پاڻ کي بهتر ڪري سگهي ٿي، سنڌ حڪومت ته اڳ ۾ چوندي رهي آهي ته انهن سنڌ جي ثقافت لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه به نه ٿيو آهي، شاهه جو راڳ ختم ٿي رهيو آهي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سميت ٻيا ادبي ۽ ثقافتي ادارا فنڊن جي کوٽ سبب مري رهيا آهن، صوفياڻي ڪافي ڳائڻ وارا وڏا نالا الاءِ ڪيڏانهن هليا ويا آهن، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ تاريخي عمارتون ڊاٺيون ويون پر حڪومت خاموش آهي، اهو ڪم سنڌ حڪومت جو آهي جنهن وٽ بجيٽ آهي پر سوال اهو آهي ته سنڌ حڪومت کي اڳتي ڪير وڌائيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت وٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ئي ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ حميد هارون چيو ته مون کي ڪجهه پ پ اڳواڻن چيو ته علي قاضي کي سي ايم ٿيڻ جو شوق آهي پر مون چيو اها بيوقوفي جي ڳالهه آهي، علي قاضي جي پنهنجي جاءِ آهي، حميد هارون وڌيڪ چيو ته 1947ع کانپوءِ ايندڙن جو سنڌ جي ثقافت جي ترقي ۾ اهم رول آهي، استاد منظور علي خان به امرتسر کان سنڌ ۾ آيو پر جيڪي ماڻهو چون ٿا ته 1947ع کان اڳ سنڌ جي ثقافت يا تهذيب نه هئي ته آئون کين چئلينج ڪيان ٿو ته ائين ناهي، اهي تاريخ پڙهن پوءِ کين خبر پوندي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ حميد هارون وڌيڪ چيو ته ڀٽ شاهه ۽ درازا سنڌ جي صوفي ڪلچر جون پاڙون آهن پر اتي ڏسو ته ڪهڙو تماشو ٿي رهيو آهي، اوقاف کاتو اتي پئسا گڏ ڪرڻ ۾ پورو آهي، حميد هارون چيو ته ايم آر ڊي تحريڪ بابت سنڌ جي شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ جي سرگرمي رڪارڊ ٿيل آهي، آئون ۽ علي قاضي گڏجي ايم آر ڊي جي تحريڪ سميت سنڌ جي تاريخ مرتب ڪنداسين.
 
ڪراچي (ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ) ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي سرواڻ, سينيئر صحافي ۽ تجزيي نگار علي قاضي چيو آهي ته ايڪتا جو ڏينهن لکين ڪروڙين ماڻهن ملهايو آهي، اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، اهو ڏينهن هر سال رهندڙ دنيا تائين ملهايو ويندو، سنڌي ماڻهن جو اجتماعي فهم قابل رشڪ آهي، جنهن کي مات نه ٿي ڏئي سگهجي، ڪالهه مون سميت سڀني جو نالو سنڌي هو، سڀني کي لک لک مبارڪون هجن، ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين کي لک لک مبارڪون هجن، جڏهن محبت جي خالص پڻي سان سڏ ڏجي ٿو ته موٽ به ان ئي محبت سان ملي ٿي، اڄ هر هنڌ خوبصورت منظر ڏسڻ ۾ آيا آهن، تاريخ رقم ٿي آهي، رهندڙ دنيا تائين اهو ڏهاڙو هر سال ملهايو ويندو، هن چيو ته ابراهيم جوئي، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جهڙن بزرگن به ايڪتا جي ڏينهن ٻاهر نڪري ايڪي جو مظاهرو ڪيو، ٻار، نياڻيون، بزرگ ۽ جوان سڀئي ايڪتا جي سڏ ۾ گڏ ڏٺا، اڄ مون سميت سڀني جو هڪ ئي نالو هو �Mr Sindhi� ۽�Miss Sindhi�، هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو گادي وارو شهر آهي، جتي رهندڙ لکين سنڌين کي اظهار جو موقعو گهٽ ملي ٿو، اڄ کين موقعو مليو، ڪراچي ۾ ايڪتا جي ڏينهن ٻاهر نڪرندڙ ماڻهن جو تعداد هڪ محبت جي سمنڊ وانگر هو، جيڪو رڳو ڪراچي ۾نه هو اهو سمنڊ سکر، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به وهي رهيو هو، قاسم آباد ۾ رش سبب موٽرسائيڪل نه پئي هلي سگهي، سڄو شهر اٿلي پيو هو، اڄ سنڌين جو پنهنجو ڪاڄ هو، جن ان کي شاندار نموني ڪامياب ڪيو، هن چيو ته ماڻهو پاڻ ۾ جڙيا، اها ئي منهنجي خواهش هئي، ڪنهن فرد يا ڌر کي مات ڏئي سگهجي ٿي پر اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئي سگهجي، مون دنيا بابت پڙهيو آهي پر سنڌي ماڻهن جو اجتماعي فهم قابل رشڪ آهي، سينيئر صحافي وڌيڪ چيو ته لکين ڪروڙين ماڻهن جو ٻاهر نڪرڻ ڪو رونشو ناهي، ڪروڙين ماڻهن جي ٻاهر نڪرڻ جو مطلب آهي ته گهڻو ٿي چڪو، هاڻ امن امان، تعليم ۽ صحت جا معاملا ٺيڪ ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته ٻوڏ ۾ ٽٽل بند اڃا تائين ٽٽل آهن، انهن تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي، هاڻي ڳالهه ڳڻتي کان اڳتي وڌي خوف ٿي چڪي آهي، بندن کي ٺيڪ ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، ڇا حڪومت اهو چاهي ٿي ته سنڌي ماڻهو ٻاهر نڪري بند پاڻ ٺاهين، هن چيو ته ماڻهن ۾ سوچ پيدا ٿئي پئي ته هي سور اسان جي نصيب ۾ ناهن انهن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، علي قاضي وڌيڪ چيو ته اهو منهنجو ايمان آهي ته محبت جي سگهه جي سامهون نفرت ۽ ڪروڌجي سگهه نه بيهي سگهندي آهي، هن چيو ته مون شروع ۾ ئي چيو هو ته اهو فيصلو ماڻهو ڪندا ته اهي ڪهڙي ڏينهن جڙن ٿا، اڄ ڪروڙين ماڻهن ڏيکاريو آهي ته اهي هن ڏينهن تي گڏجڻ چاهين ٿا، اهو ماڻهن جو فيصلو آهي، مان سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم جو وڏو قائل آهيان مون کي اميد آهي ته محبت جي ٻوڏ سمورن سورن کي لوڙهي ويندي، هن چيو ته ريليون ڪڍڻ يا هٿ هٿ ۾ ڏيڻ اهو سڀ ڌرتي سان محبت جو اظهار آهي، هن چيوته مون کي اميد آهي ته اڄ سنڌ واسين اها دعا ضرور گهري هوندي ته سنڌ ماءُ جي هنج جيان هجي، دعا ۾ وڏي طاقت آهي، سينيئر تجزئي نگار وڌيڪ چيوته گذريل سال 24 جنوري تي سنڌوءَ کي موج ۾ آڻڻ جي دعا گهري وئي، خدا دعا قبول ڪئي ۽ ايترو پاڻي آيو جو مثال ئي نه ٿو ملي پر ڪرپشن جي ٻوڏ سنڌين کي ٻوڙيو، هن چيو ته بندن جي ٽٽڻ بابت رپورٽ به اڃا تائين پڌري نه ڪئي وئي آهي ۽ اهو به نه ٻڌايو ويو آهي ته جن جون بندن تي ڊيوٽيون لڳايون ويون هيون، انهن خلاف ڪارروائي ٿي يا نه، هن چيو ته ايڪتا جا جيڪي ڏينهن گذريا آهن اهي هوا ۾ نه هليا ويندا، انهن جو اثر ضرور ٿيندو، هن چيو ته سنڌ سان ٻيا به محبت جو اظهار ڪندا هوندا پر مان �آءِ لو يو سنڌ� چوان ٿو.
 
ڏات ڌڻي جذبن کي روڪي نه سگهيا: ابراهيم جويو کي ڪلهن تي کڻي رقص

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ”ڪاوش“ ۽ ”ڪي ٽي اين“ گروپ پاران اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جا ناميارا اديب به پنهنجن جذبن کي روڪي نه سگهيا، مها ڏاهي ابراهيم جويو کي ڪلهي تي کڻي اديبن جو قومي گيتن تي رقص، نوجوانن به شامل ٿي جهمريون هنيون. رپورٽن موجب ڪالهه ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جو ناليوارو اديب ابراهيم جويو، حميد سنڌي، نصير مرزا، محمد عثمان منگي، زيب سنڌي، اشتياق انصاري، محمد علي ڏيپلائي، پروفيسر مشتاق ميراڻي،بدر سومرو، نجمه شيخ، محسن جويو،نذير ميمڻ، اعجاز قريشي، زيب نظاماڻي ۽ ٻيا باءِ پاس تي پهتا، جيڪي هزارين ماڻهن کي هٿن ۾ هٿ ڏنل منظر ڏسي پنهنجن جذبن کي روڪي نه سگهيا، عثمان منگي مها ڏاهي محمد ابراهيم جويو کي ڪلهن تي کنيو جڏهن ته سمورن ناميارن اديبن قومي گيتن تي رقص ڪيو. ان موقعي تي درگاهه داتا جمن شاهه شهيد جو سجاده نشين سيد آغا شاهه مردان شاهه الحسيني، روزاني ”ڪاوش“ جو نيوز ايڊيٽر نياز، پنهور، اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر محمد يعقوب سومرو، روزاني ”ڪوشش“ جو ايڊيٽر رشيد راڄڙ ”ڪاوش“ جو سترام مهيشوري، آڪاش سنتورائي، سيد محسن شاهه، منير ميمڻ، نعمت کهڙو، ”ڪي ٽي اين“ جو ناز سهتو، فيض کوسو، فاروق سومرو ۽ ”ڪاوش“ گروپ جا ساٿي ميزباني ڪري رهيا هئا. هوڏانهن سماجي اڳواڻ ۽ ڪالم نويس انجنيئر مسعود لوهار ثقافتي ويس ۾ پهتو.
 
علي قاضي خصوصي شرڪت ڪري ڪراچي واسين سان گڏجي انساني زنجير ٺاهي

ڪراچي: جشن ايڪتا ۾ ”ڪاوش“ ۽ ”ڪي ٽي اين“ جي سرواڻ علي قاضي خصوصي شرڪت ڪري ڪراچي واسين سان گڏجي علامتي انساني زنجير ٺاهي ايڪتا جو اظهار ڪيو. علي قاضي جي اچڻ وارو اعلان جڏهن اسٽيج تان ڪيو ويو ته سڄو پنڊال ايڪتا ۽ علي قاضي زنده آباد، ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين گروپ زنده آباد جي نعرن سان گونجي اٿيو ۽ هزارين ماڻهن هٿ هٿ ۾ ڏئي هڪ اڻ ٽٽ انساني زنجير ٺاهي سنڌي سدائين گڏ هئڻ جو عملي مظاهرو ڪري ڏيکاريو. ڪاوش جو سرواڻ علي قاضي جڏهن اسٽيج تي پهتو ته کيس اجرڪ اوڍايا، فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ سيد محمد علي شاهه، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي اڳواڻ قمر ڀٽي، آل سنڌ سما ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ اشرف سمون، سنڌ جي اداڪارن پاران نامياري اداڪار اسد قريشي، سماجي اڳواڻ سعديه جاويد ۽ ٻين علي قاضيءَ کي اجرڪن جا تحفا ڏنا.
ڪاوش
 
بي بي سي ۽ الجزيره سوڌو قومي ۽ علائقائي ميڊيا جا نمائندا جشن ايڪتا جي ڪوريج ڪندا رهيا

ڪراچي: ”ڪاوش“ ۽ ”ڪي ٽي اين“ گروپ پاران اعلانيل ايڪتا واري ڏينهن تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ٿيل جشن ايڪتا ۽ انساني زنجير ٺاهڻ واري عملي مظاهري جي ڪوريج لاءِ بي بي سي ۽ الجزيره جهڙن انٽرنيشنل ميڊيا جا نمائنده به موجود هئا ته پاڪستان جي قومي ميڊيا ۽ مختلف علائقائي چينلن اخبارن، ريڊيو ۽ رسالن جا نمائندا به ايندڙ ريلين ۽ ٺهيل انساني زنجير جو ڀرپور مشاهدو ڪندا رهيا.
 
جواب: اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئ

ادا طاهر توهان جون محبت ڀريون ونڊيون اسان کي تمام گهڻيون پسند آيون۔ اهڙي ونڊ لاء مهربانيون
 
جواب: اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئ

ادا طاهر تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔
اڄ خبر پئي دنيان وارن کي ته سنڌ قوم هڪ آهي
هن دفعي ٻديء جو اهڙو اظهار مون سنڌي قوم ۾ اڳم ڪڏهن به اهڙ و نه ڏٺو،


لاجواب
 
جواب: اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئ

ادا طاهر سنڌ سلامت تي سچل ڳوٺ واري پروگرام جون
ٻيون تصويرون به شيئر ڪريو۔۔۔۔۔
مهرباني
 
جواب: اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئ

ادا طاهر توهان جون محبت ڀريون ونڊيون اسان کي تمام گهڻيون پسند آيون۔ اهڙي ونڊ لاء مهربانيون

پيارا دوست پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
 
جواب: اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئ

ادا طاهر تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔
اڄ خبر پئي دنيان وارن کي ته سنڌ قوم هڪ آهي
هن دفعي ٻديء جو اهڙو اظهار مون سنڌي قوم ۾ اڳم ڪڏهن به اهڙ و نه ڏٺو،


لاجواب

ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
الله تعالي سنڌي قوم جي اها ٻڌي هميشه قائم رکي ۽ نتيجه خيز ڪري۔
آمين
 
جواب: اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئ

ادا طاهر سنڌ سلامت تي سچل ڳوٺ واري پروگرام جون
ٻيون تصويرون به شيئر ڪريو۔۔۔۔۔
مهرباني

ادا آءُ اوهان کي ميل ٿو ڪري ڇڏيان۔
مهرباني ادا۔
 
جواب: اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئ

تون مونکي ڦاهيءَ چاڙهيندين
مان توکان مور نه مرڻو هان
گنجار ڪندي جا مونکان پوءِ
تنهن جندڙيءَ جو مان جھرڻو هان
ٻيو چارڻ بڻجي چنگ کڻي
مان ورڻوهان، مان ورڻو هان

سي پهرين ڏوهه سڏجن ٿا
هي ڏاها ڏيهه ـ ڏيا آهن
مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن
 
جواب: اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئ

ادا طاهر سنڌي! اوهان کي سلام آهي جو اوهان هن پياري ثقافتي عيد جي باري ۾ ايتري قدر هتي ونڊ ڪيو آهي، سنڌ سلامت به هن ڀيري پاڻ ملهايو آهي۔۔
باقي هڪ ڳالهه ته آهي ته سنڌين جي هي ٻڌي ڌارين جي اکين ۾ ڪنڊي کان به وڌيڪ ٿي لڳندي هوندي۔۔۔
 
جواب: اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئ

تون مونکي ڦاهيءَ چاڙهيندين
مان توکان مور نه مرڻو هان
گنجار ڪندي جا مونکان پوءِ
تنهن جندڙيءَ جو مان جھرڻو هان
ٻيو چارڻ بڻجي چنگ کڻي
مان ورڻوهان، مان ورڻو هان

سي پهرين ڏوهه سڏجن ٿا
هي ڏاها ڏيهه ـ ڏيا آهن
مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

ادا سليمان اوهان جي مهرباني اوهان ته منهنجي ٿريڊ کي هن شاعري سان چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔
مهرباني ادا۔
 
جواب: اڄ تاريخ رقم ٿي آهي، سڀني کي مبارڪون، سنڌي ماڻهن جي اجتماعي فهم کي مات نه ٿي ڏئ

ادا طاهر سنڌي! اوهان کي سلام آهي جو اوهان هن پياري ثقافتي عيد جي باري ۾ ايتري قدر هتي ونڊ ڪيو آهي، سنڌ سلامت به هن ڀيري پاڻ ملهايو آهي۔۔
باقي هڪ ڳالهه ته آهي ته سنڌين جي هي ٻڌي ڌارين جي اکين ۾ ڪنڊي کان به وڌيڪ ٿي لڳندي هوندي۔۔۔

مهرباني پيارا پسند ڪرڻ جي۔
ادا ڀلي اهي ڪاريون رڍون باهه جي شعلن ۾ سڙن جيڪي سنڌين جي ايڪي کي ان نظر سان ڏسن ٿا۔
 
Back
Top