نثارناز
سينيئر رڪن
هَلُ ته حيدر چوڪ کان ، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي ! (نثارناز)
سنڌ سلامت جا ساٿيو، ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، ڪالهه ٽنڊو محمد خان جي ايڪتا ڏينهن کي سنڌ سلامت لا ڪوريج ڪري تقريبن ڏينهن جي ٽين وڳي دل چاهيو ته حيدرآباد وڃجي ، حيدرآباد سنڌ جنهن جون شامون ساري دنيا جي شامن کان وڌيڪ سُندر هونديون آهن انهي سنڌ جي خوبصورت شهر ۾ جتي سنڌي پنهنجون مُرڪون ، جتي منهنجون سنڌياڻيون پنهنجا ٽهڪ اجرڪون اوڍي، سنڌي ٽوپيون پائي، سنڌي ڀرت ڀريل گج پهري، پنهنجي ساري سنڌ مٿان نڇاور ڪرڻ لا ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان گڏ ٿيا هوندا انهن جِي مُرڪن، انهن جي ٽهڪن، انهن جي ٻهڪندڙ چهرن کي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪجي، عبدالغفور کي فون ڪيم ان چيو ته مان حيدرآباد ۾ پريس ڪلب واري علائقي ۾ سنڌ سلامت لا ڪوريج ڪري رهيو آهيان توهان اتي پهچو، حيدرآباد ۾ سارا روڊ سارا رستا منهنجي سنڌي سپوتن جي اونچن ڳاٽن سان ڀريا پيا هُئا، روڊ رستا سنڌي ماڻهن جي ايڪتا جو وڏو ڏيک ڏئي رهيا هئا، مون رڪشا واري کي چيو ته مونکي پريس ڪلب تي هلي ڇڏ رڪشا واري چيو ته سائين ساري حيدرآباد شهر ۾ سنڌي پُٽڙن ۽ نياڻين لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي هڪ زنجير ٺاهي آهي، توهان پنڌ وڃو ته وڃي سگهو ٿا باقي رڪشا يا ڪار يا بس جو اتي وقت سر وڃڻ محال آهي۔ دوستو توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته حيدرآباد جي سبزي منڊي ڪالِي روڊ کان غريب نواز پل وارو رستو وٺي پيرين پيادو منهنجي سنڌين جو ميلو ڏسڻ لا پريس ڪلب جو رُخ رکيم، مون سان گڏ ڪافي سنڌي ڀائر ۽ ڀيڻون هٿن ۾ ايڪتا جا جهنڊا، لبن تي سنڌ جي سلامتي جا نعرا هڻندا هيج مان سنڌ جا ڳيچ ڳائيندا جهمريون وجهندا هلندا هليا، مان پنهنجي جيجل سنڌ جي هن خوبصورت سنڌين جي چهرن جون اهي مُرڪون ڪڏهن به وساري نه سگهندس اندر مان جيجل سنڌ جي سينڌ سائي هُجڻ جون دُعائون نڪري رهيون هُيون، 10 منٽن وارو مفاصلو اسان تقريبن 45 منٽن ۾ پورو ڪيو۔ حيدرآباد سنڌ جي حيدر بخش جتوئي چوڪ تي پهتس ته رش جي ڪري پريس ڪلب تائين پهچي نه سگهيس، سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک کولي ڇڏيم غفور کي فون ڪيم ته حيدر چوڪ کان پريس ڪلب تائين اچڻ محال آهي بس مان حيدر چوڪ کان سنڌ سلامت جي لا سنڌي ماڻهن جي ايڪتا جا رنگ ڪور ڪري ٿو ڇڏيان۔ هاڻي پيش آهن حيدر آباد سنڌ جي حيدر چوڪ تي ٿيل سنڌ سلامت جي خادم نثار ناز جو ڪوريج ٿيل تصويرن جي ونڊ۔ خالص سنڌ سلامت جي پنهنجي پيش ڪش









