• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محرم الحرام ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي 6 شهرن ۾ دهشتگردي جو خدشو

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڪراچي (م ڊ) وفاقي انٽيليجنس ادارن محرم الحرام دوران ڪراچي سميت 6 شهرن ۾ دهشتگردي جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو. انٽيلجنس ادارن جي رپورٽ مطابق دهشتگردن جو هڪ وڏو انگ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ موجود آهي جيڪو محرم الحرام ۾ دهشتگردي جي وڏين ڪاررواين جو ارادو رکن ٿا جن ضلعن ۾ دهشتگردي جو ظاهر ڪيو ويو آهي. انهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه شامل آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي جي علائقي ملير، جعفر طيار سوسائٽي، انچولي، نمائش ۽ ٻيا هنڌ شامل آهن جتي موثر سيڪيورٽي جي ضرورت آهي جڏهن ته حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ، قدم مولا علي، سکر ۾ اسٽيشن روڊ، روهڙي ۽ گهنٽا گهر، ميرپورخاص ۾ لال گرائونڊ، هيرآباد ۽ اسٽيشن چوڪ، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه ۾ ڪربلا گاهن جي سخت نگراني جي ضرورت آهي، هي اُهي علائقا آهن جتي دهشتگرد حملا ڪري سگهن ٿا. رپورٽ ۾ ڪراچي پوليس کي ٻن خودڪش بمبارن جي موجودگي جي اطلاع ۽ وڌيڪ خطرن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

لاهور : محرم جي جلوس جي روٽ تي آپريشن، 70 ڄڻا گرفتار

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ موچي دروازي ۾ محرم الحرام جي مرڪزي جلوس جي روٽ تي پوليس سرچ آپريشن ڪري 70 مشڪوڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. موچي گيٽ پوليس محرم الحرام ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ اندرين شهر ۾ ذوالجناح جي مرڪزي جلوس جي روٽ تي سرچ آپريشن ڪري 70 کان وڌيڪ مشڪوڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي. بعد ۾ علائقي جي معززن جي سڃاڻپ تي 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيو. پوليس ماڻهن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪيا ۽ مشڪوڪ سامان جي تلاشي ورتي.

اوامي آواز جي ٿورن سان
 
جواب: محرم الحرام ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي 6 شهرن ۾ دهشتگردي جو خدشو

ادا ! ڌڻيءَ‌در اها دعا آهي ته هي محرم جو مهينو خيريت سان گذري، ڇو ته پوئين سال محرم عاشوره جي ڏينهن وري ان کان پوءِ‌ شهيدن جي چاليهي جي ڏينهن جلوسن ۾ بم ڌماڪا ڪري رت جي راند کيڏي وئي هئي ان کان پوءِ‌ڪجهه شرپسندن وري عام مارڪيٽن کي ساڙي عوام کي وڏو نقصان پهچايو۔۔
 
جواب: محرم الحرام ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي 6 شهرن ۾ دهشتگردي جو خدشو

الله کان اها دعا آهي ته محرم جو مهينو خيريت سان گذري
 
جواب: محرم الحرام ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي 6 شهرن ۾ دهشتگردي جو خدشو

ادا ! ڌڻيءَ‌در اها دعا آهي ته هي محرم جو مهينو خيريت سان گذري، ڇو ته پوئين سال محرم عاشوره جي ڏينهن وري ان کان پوءِ‌ شهيدن جي چاليهي جي ڏينهن جلوسن ۾ بم ڌماڪا ڪري رت جي راند کيڏي وئي هئي ان کان پوءِ‌ڪجهه شرپسندن وري عام مارڪيٽن کي ساڙي عوام کي وڏو نقصان پهچايو۔۔

بلڪل ادا ڌڻي سڀ ڏي خير ڪري۔
حڪومت سان گڏ اسان عوام جي به ذميداري آهي ته مشڪوڪ ماڻهن تي ڪڙي نظر رکون ۽ سيڪيورٽي عملدارن کي آگاه ڪيون۔
حڪومت کان وڌيڪ اسان عوام تي ذميداري به ٿئي ٿي، ڇو ته اسان جي سهڪار کان سواءِ ڪو به قانون مضبوط ۽ پختو نه ٿو ٿي سگهي۔
 
Back
Top