نثارناز
سينيئر رڪن
غزل
نثاراحمدناز
هِتِ نه آهي، هُتِ نه آهي، مُون نه آهي تو نه آهي
آ لڳل تالو وفا تي قُرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي
ــ
هِتِ وڄائي ڪير ڀيرون ڳالهه حق جِي ڪير ڇيڙي
هاڻ هوشو هِتِ دُلارو ۽ هِتي دودو نه آهي!
ــ
نوٽ عيوض جسم وڪجن هن بزاري ڏس جهان ۾
چاهه جا سودا ٿين ٿا اُف نه ڪنهنجي اون آهي
ــ
رات تو ڪاٿي گُذاري ڳالهه سڀ ساجن ٻُڌائي؟
مُرڪ تُنهنجي مُک مٿان جاني ڪلهوڪِي ڇونه آهي
ــ
زخم هوندا ”ناز“ تُنهنجي روح جي پاتال ۾ ڀي،
عشق آ ير نانگ ڪارو هي ته ڪو رونشو نه آهي