هِتِ نه آهي هُتِ نه آهي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    غزل
    نثاراحمدناز
    هِتِ نه آهي، هُتِ نه آهي، مُون نه آهي تو نه آهي
    آ لڳل تالو وفا تي قُرب ڪنهن وٽ ڪونه آهي
    ــ
    هِتِ وڄائي ڪير ڀيرون ڳالهه حق جِي ڪير ڇيڙي
    هاڻ هوشو هِتِ دُلارو ۽ هِتي دودو نه آهي!
    ــ
    نوٽ عيوض جسم وڪجن هن بزاري ڏس جهان ۾
    چاهه جا سودا ٿين ٿا اُف نه ڪنهنجي اون آهي
    ــ
    رات تو ڪاٿي گُذاري ڳالهه سڀ ساجن ٻُڌائي؟
    مُرڪ تُنهنجي مُک مٿان جاني ڪلهوڪِي ڇونه آهي
    ــ
    زخم هوندا ”ناز“ تُنهنجي روح جي پاتال ۾ ڀي،
    عشق آ ير نانگ ڪارو هي ته ڪو رونشو نه آهي​


    [​IMG]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    واه سائين واه اوهان ڪجه ڏينهن غائب رهيا اوهان جي ڪمي به دوستن محسوس ڪئي خاص ڪري سائين نثار اوهان کي ڏاڍو ساريو سائين اوهان وري آيا ته اها اهڙي سهڻي ۽ من کي موهيندڙ شاعري کڻي آيا آهيو اسان کي پڙهي تمام خوشي ۽ سرور مليو سائين منهنجي لاء فخر جي ڳالهه آهي جو سڀ کان پهريان مان اوهان کي ريپلائي ڪيان شل جڙيا هجو آباد هجو
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم علي علي مهرباني، جو مُنهنجي هن حقير شاعريءَ کي پسند ڪيو، باقي مُنهنجو سنڌ سلامت کان جُدا ٿيڻ ته ممڪن ڪونهي پر مونسان ڪجهه پرابلم آهن، 1. طبيعت جي ناسازي 2. بجلي جو 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ نه هُجڻ، 3 مُنهنجي هڪ ماءُ جهڙي عزيزه جنهن جي عمر 90 سال آهي ان جي شديد علالت، ان کان علاوه مُنهنجي بابا سائين جن جي ڀي طبيعت انتهائي ناساز آهي اهو ئي سبب آهي جو دوستن کي مناسب وقت نه ڏيئي رهيو آهيان. خير جيئن ئي مُناسب وقت مليو، مان پنهنجون ڀرپور لکڻيون توهان سڀني دوستن سان ضرور شيئر ڪندس، ۽ توهان سڀني جي لکڻين تي پڻ پنهنجا ڪامينٽس ضرور ڏيندس، ادا نثار ابڙي کان التجا آهي ته براءِ مهرباني مون لاءِ دعا خير گُهري وڃي. ان کان علاوه علي علي توهان کي ڀي گُذارش آهي ته مون لاءِ دعاءِ خير گهري وڃي.
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين اسان جي دعا آهي ته مولا پنجتن پاڪ جي صدقي اوهان جي تمام مشڪلات کي آسان فرمائي ۽ اوهان هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت جي سٻاجهڙن سان ڪچهرين ۾ اچي شامل ٿيو مهرباني اوهان جي مولا اوهان کي طويل عمر عطا ڪري ۽ اوهان جي هر مشڪل آسان فرمائي آمين shal judy hujeen
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    محترم سائين نثار ناز
    حق موجود؛
    ادا سائين ڪيترن ڏينهن کانپوءِ اوهانجي من موهڻي شاعري پڙهڻ لاءَ ملي ...
    هِتِ وڄائي ڪير ڀيرون، ڳالهه حق جِي ڪير ڇيڙي،
    هاڻ هوشو هِتِ دُلارو ۽ هِتي دودو نه آهي!

    ادا سائين، اسانجي سڪ جو احوال ته ڀاءُ علي علي ڪري چڪو پر جڏهن اوهانجي مجبورين جي خبر پئي ته ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته پاڻ واري يار تي بي وفائي جو الزام اجايو آهي ...

    ڀائڙا، اوهانجي بيماري، امڙ سڳوري ۽ بابا سائين جي طبيعت جي ناسازيءَ مان لڳي ٿو ته الله جي خاص نظر اوهان تي آهي ... جو امتحان به چـڱن لاءِ هوندو آهي برن جي ته هن دنيا ۾ ٻيگهي آهي ...
    ادا سائين، اسان دوستن جون دعائون اوهان سان گڏ آهن، اوهين هر امتحان مان گذري پار پئو ..
    الله تعالا اوهانجي امڙ جهڙي رشتيدار ۽ بابا سائين جي صحت ڀلي ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ اوهانجي تندرستي جي فڪر آهي ... پنهنجو خيال ڪندا ...
    سدائين گڏ
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم نثار ناز صاحب اوهان جي لاءِ جيڪي دعائون ادا نثار ابڙو گهريون آهن، اهي ويچار به اسان جي من ۾ آهن...
    ادا نثار ابڙو صاحب کي منهنجي طرفان التجا آهي ته بلخصوص سائين ناز صاحب جي امڙجهڙي رشتيدار ۽ بابا سائين لاءِ مڪي پاڪ ۾ خانه ڪعبته الله شريف جي سامهون دعا گهرن ته سائين جا ٻيڙا پار ٿي وڃن.. آمين....
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جي ادا انشاء الله، حرم پاڪ ۾ وڃي دعا گهربي ...
    تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا ..
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين نثار ناز تمام بهترين غزل آهي، خاص ڪري جيڪو هيٺيان دل کي تالو لڳل آهي. ان جي ته الڳ ئي ڳالهه آهي. سائين منهنجي رب کان دعا آهي ته توهان جا سڀ غم دور ٿي وڃن & توهان پنهنجي زندگي ۾ خوشيون ئي خوشيون ڏسو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو