نثارناز
سينيئر رڪن
اڄ بروز جمع بتاريخ 10 ڊسمبر 2010ع تي ٿوري دير پهرين سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران صحافي سُلطان محمود چانڊيو جي سفاڪانه قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ويو ته فوري قاتل گرفتار ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي۔ ان مظاهري ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڪائونسلر رفيق آس لغاري، سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جو رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه، جوائنٽ سيڪريٽر نوشاد ڀٽي، سنگت جو سينئر ميمبر نثاراحمدناز، انعام ٽکڙائي، محمد سومار سنگم، محمد سومار ملهار، عاشق ڳاهو، کان علاوه ڪافي سارن ادب دوستن شرڪت ڪئي۔ اهو احتجاج آواز ٽي نمائندي باقائدي رڪارڊ ڪيو۔ پيش آهن اڌ ڪلاڪ پهرين ڪيل ان احتجاجي مظاهري جون تصويري جهلڪيون۔
مظاهري ۾ شريڪ ٿيندڙ احتجاجي بينر سميت
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر پنهنجو احتجاج آواز ٽي وي وارن کي رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي۔
سنڌ جو کاهوڙي شاعر مشڪور ڦلڪارو به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي
سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جو رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه پڻ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔
ٽنڊو محمد خان جو ڀلوڙ شاعر انعام ٽکڙائي پڻ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي۔
سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر جبران علي جيڪو آواز ٽي وي ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڪئميرا مين آهي پنهنجون آفيشلي ذميواريون پوريون ڪندي۔