• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران احتجاج

نثارناز

سينيئر رڪن
اڄ بروز جمع بتاريخ 10 ڊسمبر 2010ع تي ٿوري دير پهرين سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران صحافي سُلطان محمود چانڊيو جي سفاڪانه قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ويو ته فوري قاتل گرفتار ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي۔ ان مظاهري ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڪائونسلر رفيق آس لغاري، سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جو رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه، جوائنٽ سيڪريٽر نوشاد ڀٽي، سنگت جو سينئر ميمبر نثاراحمدناز، انعام ٽکڙائي، محمد سومار سنگم، محمد سومار ملهار، عاشق ڳاهو، کان علاوه ڪافي سارن ادب دوستن شرڪت ڪئي۔ اهو احتجاج آواز ٽي نمائندي باقائدي رڪارڊ ڪيو۔ پيش آهن اڌ ڪلاڪ پهرين ڪيل ان احتجاجي مظاهري جون تصويري جهلڪيون۔

aht%201.jpg


aht%202.jpg


aht%206.jpg


مظاهري ۾ شريڪ ٿيندڙ احتجاجي بينر سميت

aht%205.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر پنهنجو احتجاج آواز ٽي وي وارن کي رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي۔

aht%208.jpg

سنڌ جو کاهوڙي شاعر مشڪور ڦلڪارو به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي

aht%209.jpg

سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊو محمد خان جو رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه پڻ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔

aht%2010.jpg

ٽنڊو محمد خان جو ڀلوڙ شاعر انعام ٽکڙائي پڻ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي۔

aht%2013.jpg

سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر جبران علي جيڪو آواز ٽي وي ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڪئميرا مين آهي پنهنجون آفيشلي ذميواريون پوريون ڪندي۔​
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران احتجاج

سائين ۔۔۔ پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه ماڻهو مرڻ ڄڻ‌مڇر مرڻ آهي۔۔۔ ڪنهن به اختيار وارن جي ڪن تي جونءَ‌به ڪانه ٿي چري۔۔۔ ڀلي ڪيترو به احتجاج ڪجي۔۔۔ جتي مير مرتضى‌، بيبي بينظير ڀٽو جهڙا مشهور اڳواڻ مارجي وڃن ۽ انهن جي قاتل جي خبر نه پوي، اتي عام ماڻهو جي قتل جي بعد ان جي انصاف جي ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي​
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران احتجاج

توهان جي مهرباني جو سنڌ سلامت جي جاکوڙي رپورٽر جي حيثيت سان پنهنجيون ذميواريون بهترين نموني سان نڀائي رهيا آهيو
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران احتجاج

ڪنهن به معاملي تي ڪيترو به احتجاج ڪجي کڙ تيل ڪجهه به نه نڪرندو آهي.
حڪومت به چاهيندي آهي ته بس خاموشي سان خاموش پُر امن احتجاج ڪري گهر ويهي رهو.
 
Back
Top