سياست ۾ سنجيدگيءَ جو بحران!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0


    اشفاق آذر

    آئون جيڪڏهن ڪنهن کان اهو سوال ڪريان ته ”آخر سنڌ جي مسئلن جو حل ڪهڙو آهي؟“ ۽ موٽ ۾ اهو جواب ملي ته ”هڪ نئين سياسي پارٽي!“ ته توهان جو ردِ عمل ڇا هوندو؟ آپشن (1)– توهان زيرِ لب مسڪرائيندئو ...آپشن (2 ) توهان جواب ڏيندڙ جي شڪل کي چتائي ڏسڻ چاهيندئو ....آپشن (3 )– توهان ڪنڌ هيٺ ڪري ماٺ رهندئو ...آپشن (4) توهان رڙيون ڪري مٿي جا وار پٽيندئو...

    انهن آپشنس ۾ جيڪڏهن توهان کي ڪو اضافو ڪرڻو آهي ته ڪري سگهو ٿا، پر منهنجي خيال ۾ پاڻ پنهنجي چوڌاري جيڪو لقاءُ ڏسي رهيا آهيون تنهن ۾ هاڻي مسڪرائڻ جي به گنجائش نه رهي آهي. سنڌ جا مسئلا ته سدائين کان رهندا آيا آهن پر ويجهي عرصي ۾ جنهن تيزي سان انهن ۾ واڌ ٿي آهي، تنهن سوچيندڙ سمجهندڙ ماڻهن کي بي پناهه تڪليف پهچائي آهي. اها تڪليف جيڪڏهن عام ماڻهن جي ڀوڳنائن سان ڳنڍي ڏسجي ته ان جو ڪاٿو لڳائڻ ناممڪن هوندو. پارٽيون ٺاهي ”اڻ کٽ، اڻ ٿڪ، مسلسل ۽ طويل جدوجهدن“ جا نعرا هڻندڙن کي ڪڏهن ان ڳالهه تي قياس ڪونه آيو آهي ته ڪنهن قدر سنجيدگي، بردباري، ڏاهپ ۽ فهم سان مسئلن کي سمجهي ان جي حل لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. جيستائين هو اهو قياس ڪن تيستائين ڪيترو ئي پاڻي سنڌي ماڻهن جي مٿن تان گذري ويندو آهي، پوءِ هڪ ڏينهن اسين جڏهن ننڊ مان اٿندا آهيون ته اها ئي واويلا لڳي پئي هوندي آهي ته ”ائلي ڙي! لٽجي وياسين، ڦرجي، تباهه ٿي برباد ٿي وياسين، وارو ڪيو، سنڌ بچايو!“ يا وري هيئن ٿيندو آهي ته جيڪي اڳ ئي نالي ۾ نهال پارٽيون آهن سي وري لانگ مارچ، ڌرڻن، جلسن جا پروگرام پڌرا ڪنديون آهن، ڪي وري ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جي شوق شغل کي لڳي وينديون آهن. ڪجهه ڏينهن اهو تماشو هلندو آهي ۽ پوءِ اڳئين قسط تائين هرڪو ٿڪ ڀڃندو آهي! بدقسمتي سان اها ميچورٽي جيڪا سياست سان سلهاڙيل آهي، سا توهان کي ناياب نظر ايندي. ڪنهن دوست اهو نقطو اٿاريو ته ”ڀلا ڪجهه ٻيو ٿئي يا نه ٿئي پر سنڌ ۾ سياسي سجاڳي ته اچي پئي نه!“ آئون ان ڳالهه سان متفق نه هجڻ جو جمهوري حق استعمال ڪندي بهرحال ايترو ضرور چوڻ چاهيندس ته جيڪڏهن هنن جي انهيءَ جدوجهد ۾ ڪا ٽڪي پيسي جي به سنجيدگي ۽ مخلصي آهي ته پوءِ ڇا انهي ۾ ئي خوش ٿي ويهي رهجي ته سنڌ ۾ سياسي سجاڳي اچي وئي آهي، سنڌي ماڻهن جي ڀلي ڀينگ ٿي وڃي پر اسين انهيءَ جو ئي جشن ملهائينداسين ته اسان جي پارٽي پروفائيل ۾ ان ڳالهه جو اضافو ٿيو ته فلاڻي مظاهري يا ڌرڻي ۾ هيترا سئو، هزار يا لک ماڻهو گڏ ڪري وياسين، بس؟ سنڌ جا مسئلا فتح ٿي ويا؟

    سنڌ جو پراڻو مسئلو ڪالاباغ ڊيم هاڻي ڄڻ ته سنڌين جي چڙ ٿي ويو آهي، توهان ڪجهه به چئو، ڀلي گڏيل اتفاقِ راءِ جو راڳ به آلاپيو پر حڪمران ڪير به هجي، ڪهڙي به پارٽي جو هجي سو ڪڏهن به اها جرئت نه ڪندو ته اهو ڊيم مستقل طور تي دفنائي ڇڏي. پنجاب وارا همراهه ڀلي ان منصوبي تي ڪڏن يا بجيٽ ۾ ان جي علامتي رقم رکي ڇڏين پاڻ وارا همراهه ان ۾ ئي خوش هوندا ته اهو ته ٺهڻو ڪونهي پوءِ ٺينگ ٽپا ڇا لاءِ ڏجن!؟ اين ايف سي ايوارڊ ڀلي آبادي جي بنياد تي ورهائجي، سنڌ ڀلي مجموعي آمدني جو 70 سيڪڙو ڏيندي هجي ۽ موٽ ۾ ڪاري وارا ڪک ملن. امن امان جي حالت اجهو توهان پنهنجين اکين سان ڏسي رهيا آهيو ته شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، خبر ناهي ته ڪنهن قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي ماڻهو مارڻ جو لائسنس ڏيئي ڇڏيو آهي جو نڪي ٿئي ٿي هم نه تم، بندوق سڌي ۽ مڙس چٽ! اهي ادارا جيڪي عوام جي جان، مال، عزت جا محافظ آهن سي ماڻهن جون سر عام پٽڪيون لاهيندا ٿا وتن پر ڪوئي ڪڇي به ڇو...؟ ڇو ته ملڪ ۾ ”جمهوريت“ آهي، اسان ۽ توهان کي رڳو ان نالي جي صدقي ئي سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻو آهي. مهانگائي هجي يا بيروزگاري، صحت جا مسئلا هجن يا دوائن جا...ويندي روڊن رستن نالين يا گند ڪچري جي ڍيرن تائين توهان کي مسئلن جي هڪ اڻ کٽ قطار نظر ايندي. هاڻي اهي مسئلا ڪيئن حل ٿين؟ هڪڙا چون ته اسان کي ڪجهه وقت ڏيو، سڀ مسئلا حل ٿي ويندا، ٻيا چون ته هڪ نئين پارٽي ٺاهيون ٿا جيڪا سمورن مسئلن جو حل هوندي...ڪنهن چيو پئي ته ”ادا هنن مان ته اڙجي ويا آهيون، جمهوريت لاءِ ”قربانيون“ ڏين هڪڙا کٽيو ٻيا کائين...۽ اهڙو کائين جو ڏيهه کي ڏندڻ!“، وقت وقت جي ڳالهه آهي، ڪڏهن هوندا آهن جيل ۽ جلاوطنيون، ڪڏهن وري جهنڊي واريون گاڏيون، اڳيان پويان سلامن جو ڦهڪو، کيڪارون...لئه سوائي هجي ته ماڻهو جي ڪنڌ ۾ ڪلي ڇو نه لڳي!؟ توهان ڪڏهن اهي ماڻهو ڏٺا هجن جيڪي اصلي ۽ خالص جاگيردار هجن...ته هڪ نظر ڦيرائي هن نئين سياسي جاگيردار نسل تي وجهو، جيڪي پيرين اگهاڙين ماڻهن کي هڪ ته ويجهو اچڻ به نه ڏيندا جو سندن واٺا ورائي بيٺل هوندا آهن، مٿان هٿ ايئن ڏيندا جو ستن پيڙهين تي ٿورو ڪندا هجن...”ڀائو سنڌ ۾ وڏيرائپ گهٽ، پر ٽرڙائپ گهڻي رهي آهي!“ اهو به ڪنهن چيو پئي...ميرٽ، ميرٽ جو نعرو هڻي نڙي ۾ گهگهي پئجي ويندن پر مجال جو هڪ اڌ نوڪرڙي به ڪا ميرٽ جي ڪک مان نڪري. چوندا، ”اڳيان وري ڪهڙا کير جا وهنتل هئا جو اسان تي ميارون...“بيشڪ! اقتدار کان ايترا سال پري رهڻ جو ڪجهه ته محنتاڻو بڻجي ٿو، سو جيڪڏهن هاڻ به ايئن ٿئي پيو ته ڪهڙو آسمان ڪري پيو!؟ ڪنهن چيو پئي، ”ادا هيءَ خلق ته پيدا ئي ان ڪم لاءِ ٿي آهي جو ماڻهن کي ڳڀي ۽ گهر کان محروم ڪري سندن لٽا به لاهي وٺي!“ سو بظاهر ته اسان کي اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي جمهوريت جي ”برڪتن ۽ فضيلتن“ کان اڻ واقف آهن، کين اها خبر ئي ڪانهي ته اصل ۾ جمهوريت هوندي ڇا آهي. اهي ماڻهو دليلن سان مڙي وڃڻ وارن مان ناهن، ان ڪري کين ڇڏيو ۽ ڏسو ته ”جمهوريت“ ڪهڙيون گلڪاريون ٿي ڪري.

    ”هن دور ۾ مخلص ۽ ايماندار اهو آهي، جنهن کي موقعو نٿو ملي!“ ڪنهن چيو پئي. اسان پنهنجي آس پاس نظر ڦيرايون ٿا ته اسان کي ڪيترائي اهڙا ماڻهو ملن ٿا جيڪي ننڍڙا ”ٺيڪيدار“ آهن، ڪن مذهب جو ٺيڪو کنيو آهي، ڪن وطن دوستي جو، ڪن ثقافت ۽ ٻولي جو، ڪي سنڌ جي قديم تهذيب جا ٺيڪيدار آهن، ڪي تعليم جا ٺيڪيدار آهن ته ڪي وري علم ۽ ڏاهپ جا ٺيڪيدار آهن. اهي ننڍڙا ٺيڪيدار پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ان وقت تائين ڪمال مخلصي ۽ ايمانداري جو مظاهرو ڪندا آهن جيستائين کين ڪو موقعو نصيب ٿئي. کين ڪو موقعو ملي پوي ته پوءِ توهان هنن جون ويٺا قلابازيون ڏسو، 160 ڊگري جي اهڙي ڦيراٽي کائيندا جو خود توهان جو دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳندو. آئون ڳالهه ڪري رهيو آهيان سنڌ جي انهي مڊل ڪلاس جي، جنهن هر دور ۾ موقعي پرستي جا نوان مثال قائم ڪيا آهن. سنڌ جو اهو مڊل ڪلاس اسيمبلي ايوانن ۾ پهچڻ، وزارتون ۽ صلاحڪاريون ماڻڻ کان ويندي مختلف ادارن جون واڳون سنڀالڻ توڙي اهم سڻڀين پوسٽن تي مقرر ٿيڻ کان اڳ تائين جنهن روشن دماغي جو مظاهرو ڪندو رهيو آهي، تنهن کي ڏسندي توهان کي ايئن لڳندو ته ”سنڌ ڪيڏي نه زرخيز آهي“، پر هڪڙو موقعو ملڻ جي دير آهي ۽ همراهه ڪلٽي!! پوءِ پنهنجي ”محسنن“ جي شان ۾ قصيدن جا اهڙا ته ٿلهه ٻڌبا جو دنيا حيران ۽ پريشان...آئون اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن کي سڃاڻان جن جون ڳالهيون ٻڌي ۽ پڙهي پنهنجي سنڌي هجڻ توڙي سنڌ ۾ هجڻ تي فخر محسوس ٿيندو هو. ڪو وقت هو جڏهن انهن ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي لڳندو هو ته سنڌ واقعي گدڙن ڪونه کاڌي آهي، پر پوءِ وقت بدليو ۽ انهن ماڻهن پنهنجي زبان ۽ بيان سان گڏ ضمير جو سودو ڪندي جنهن ريت مراعاتون ورتيون ۽ پويان پير ڪيا ته معلوم ٿيو ته سنڌ ڇو ايترا سال گذرڻ جي باوجود ”نازڪ دور مان گذري رهي آهي!“ پنهنجي پنهنجي شعبي جا ماهر اهي مڊل ڪلاسي ماڻهو پنهنجي ”ٺيڪيداري“ تان تڏهن دستبردار ٿيا جڏهن ان جو عيوضو کين مليو. ان وقت کين پنهنجي اگهه ۽ قيمت جي به خبر پئي. ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪير ڪيتري اگهه وڪاڻو، پنهنجي سوچ ۽ ضمير جو سودو ڪندڙ ته انهن کان به وڌيڪ بدڪار هوندا آهن، جيڪي پنهنجي جسمن جي نيلامي ڪندا آهن. سنڌ جا ماڻهو حقيقت ۾ چاهين ڇا ٿا؟ ان ڳالهه کان بي نياز اسان جا دوست جيڪا شيءِ پنهنجي خداداد عقل جي بنياد تي سوچيندا آهن، ان کي ٻين جي مٿان مڙهڻ/ لاڳو ڪرڻ ۾ ويرم ئي ناهن ڪندا. هر سنڌي سڏائيندڙ سنڌ جي مسئلن جي تشريح اهڙي ڪندو جو وڻ ئي وڄي ويندا. هڪڙا چوندا، ”اسان کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي، ان ڪري اسان کي خبر آهي ته سنڌ جا مسئلا ڪهڙا آهن ۽ ڪيئن حل ڪجن، تنهنڪري جن جو وٽي تي به نالو ناهي، اهي سنڌ جي مالڪي جي دعويٰ نه ڪن“ يعني هاڻي هو جيئن چاهين تيئن سنڌ جي حقن کي تين وال ڪن. ڄڻ ان جو عوام کين ”لائسنس“ ڏيئي ڇڏيو آهي. ٻيا چوندا، ”اسان ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين ته اهي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻن، سنڌ سان ناانصافي ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي!“ اها دعويٰ وري اهي ماڻهو ڪندا آهن جن جي پويان اڍائي ماڻهو به ڪونه هوندا آهن، جن کان ڪوئي اجازت ته ڇا پر پڇندو به ناهي ته هينئن ڪيون ته ڇا ڪري وٺندئو؟

    سچي ڳالهه اها آهي ته توهان سنڌ جي حالتن جو تجزيو ڪرڻ لاءِ ڪهڙي به ڪنڊ، ڪهڙي به پاسي کان ڏسندئو توهان کي صورتحال اها نظر ايندي ته هڪ طويل، اڻ کٽ ۽ مستقل ”موقعي پرستي“ جو ڪمبل آهي، جنهن سنڌ کي ويڙهي رکيو آهي. هاڻي اهو ڪمبل ڪنهن به صورت ۾ جان ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. ڇا وفاقي پارٽي، ڇا قومپرست پارٽي ۽ ڇا نيون جنم وٺندڙ پارٽيون...رڳو پارٽيون ئي ته آهن. بس فقط موقعو ملڻ جي دير آهي، گهٽ ڪا نه ٿيندي. ڪن کي اقتدار جو موقعو ٿو ملي، ته ڪي وري صلاحڪارين لاءِ لائين لڳايون درخواستون جمع ڪرائڻ جا موقعا ڳوليندا ٿا وتن، ڪن کي ڪنهن سڻڀي عهدي تي مقرر ٿيڻ جو موقعو گهربل آهي ته ڪي وري ان انتظار ۾ آهن ته ڪٿي ڪا جاءِ خالي ٿئي ته ”جهڙپ“ هڻي وٺون...ڪي وري ان آسري ۾ ڪنهن نئين پارٽي جو بنياد وجهندا ته متان سنڌي ماڻهن جي عقل تي پردو اچڻ جهڙو معجزو ٿي پوي ۽ هنن جي لاٽري نڪري وڃي....هن گهمسان واري صورتحال ۾ توهان کي سنڌ لاءِ درد دل رکندڙ ماڻهو خال خال ئي نظر ايندا جيڪي پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪندا ۽ سنڌ جي حالت تي ٻه ڳوڙها ڳاڙيندي نظر ايندا. اهڙا ماڻهو ڪنهن به موقعي پرستي کان بالاتر ٿي صرف ان اميد تي هوندا آهن ته شل ڪجهه اهڙو ٿي پوي جو سنڌ جون حالتون بهتر ٿي پون...اها اميد رکڻ چڱي ڳالهه آهي پر ان کان به وڌيڪ بهتر ڳالهه اها ٿي سگهي پئي ته جيڪڏهن اسان موقعي پرستي کان ٻاهر نڪري جتي آهيون، جنهن به شعبي ۾ آهيون اتي پنهنجين صلاحيتن جو ايمانداراڻو استعمال ڪريون، بنا ڪنهن لالچ، لوڀ يا ذاتي مفاد جي ان ڳالهه تي نظر رکون ته اسان جو انفرادي بهتر ڪردار هن معاشري يا سماج جي مجموعي بهتري ۾ ڪهڙي نموني اثرانداز ٿي سگهي ٿو...هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ، هڪٻئي تي سطحي، ڇسي ۽ وائڙائپ سان ڀريل تنقيد ڪري اسان ڪهڙي ذهنيت جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون؟ اهو انهن ماڻهن کي ضرور سوچڻ گهرجي جن جو پنهنجو ته ڪو ڪردار نه هوندو آهي، پر اهي ٻين کي به بهتر ڪردار ادا ڪندي ڏسي يا ٻين جي ڪاميابي تي پنهنجي پيٽ ۾ ويلو پوندي محسوس ڪندا آهن. سو جيڪڏهن اڄ به اسان اهو عهد ڪريون ته اسان سٺا ڊاڪٽر، سٺا انجنيئر، سٺا استاد، سٺا وڪيل، سٺا آبادگار، سٺا صحافي ٿيون ته آئون سمجهان ٿو ته اهو ئي مسئلن جي حل ڏانهن هڪ بهتر، پائيدار ۽ مستقل طريقو آهي...اسان کي وک وڌائڻ کان اڳ ۾ اسان جي ذهنن ۽ دلين ۾ ويٺل خوف کي مات ڏيڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته اهو خوف ئي آهي جيڪو ڪجهه به سٺو ٿيڻ نٿو ڏئي، بقول شاعر ته

    يون هي هم تو ڊرتي ٿي پرواز سي
    گري گهونسلي جب تو، پر نکل گئي

    سو جيڪي ماڻهو پارٽي پارٽي کيڏي رهيا آهن، تن جي خدمت ۾ اهو عرض آهي ته سنڌ کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پارٽيون ٺاهڻ لاءِ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ نالو لکرائڻ جي حاجت ۽ ضرورت ناهي. سنڌ کي جيڪڏهن ضرورت آهي ته انهن مخلص ماڻهن جي جيڪي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ بهترين ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ هجن، جيڪي بنا ڪنهن سڻڀي پوسٽ يا عهدي تي مقرري لاءِ خوشامد، چاپلوسين جا رڪارڊ ٺاهڻ جي پنهنجي وت ۽ وس آهر جتي آهن اتي رهي پنهنجو ڪردار پيدا ڪن. منهنجي خيال ۾ سنڌ جي ان کان وڌيڪ ڪا ٻي خدمت نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي سنڌ ان کان وڌيڪ توهان يا اسان مان ڪا اميد رکي سگهي ٿي!!!


     
  2. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    lajwab-sharinglajwab-sharing
    sadayeen gud
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سهڻا سلطان سائين، محترم اشفاق آذر وارو ڪالم پڙهيوسين... جيڪو حق سچ آهي... جيڪي آپشنز ڏنل آهن........ انهن کي چونڊڻ ۾ ڪابه جهجڪ محسوس ڪونه ٿيندي، سائين اشفاق آذر جي ڳالهه وانگر ته سنڌ ۾ گهڻي کان گهڻيون پارٽيون ٺاهي ڪري ورلڊ گنيز بڪ ۾ سنڌ جو نالو ناهي لکرائڻو پر سنڌ ڌرتي کي ڪنهن حقيقي ۽ سچي اڳواڻ جي ضرورت آهي.. الله سائين کان دعا آهي شال اسان جي هن سهڻي سنڌ کي آباد رکي ۽ ان ۾ رهندڙن سنڌين کي خوش کي آمين......
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين اشفاق آذر جو جو ناياب ڪالم شيئر ڪرڻ جي مهرباني،
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀاءُ سلطان
    حق موجود؛
    ڪافي ڏينهن کانپوءِ اوهانجو هي ونڊ سٺو لڳو ... اڄڪلهه لڳي ٿو ته ڪجه مصروفيت آهي يا ٻارن جي اسڪول جي موڪلن ۽ اونهاري جي موسم جو مزو ماڻي رهيا آهيو ... (پنهنجي جاءِ تي ان مزي لاءِ آءُ به سڪي رهيو آهيان)

    دوست سلطان، آذر صاحب جون ڳالهيون انتهائي سبق آموز آهن جيتوڻيڪ ڪجه ڳالهين سان اتفاق نه به ڪجي پر تنهن هوندي به سندس اها آخري ڳالهه جا هن ڪئي آهي سا ته ڄڻ ڀير تي ڏونڪي جي برابر آهي ...

    اها ڳالهه آهي ته اسين سنڌي قومي طرح سان پروفيشنلزم کان ايترو پري آهيون جيترو سمنڊ جو هڪ ڪنارو ٻي ڪناري کان ...

    چاهي اهو پڙهيل لکيل نوڪري پيشه طبقو هجي، ڪاروباري طبقو هجي يا هنري طبقو، سڀ جو سڀ ڍڳو پير پيران مٿان واري مٿين طبقي جا ته سڀ طبق ئي روشن آهن ... اسان سڀني کي انڳالهه تي انتهائي احتياط سان اڳتي وڌڻو پوندو ته جيئن سنڌي قوم دنيا جي ترقي يافته قومن سان قدم ملائي سگهي ... باقي هن وقت اسانجي قوم جي ڪم کان ڀڄڻ واري حالت ان ٻڪريءَ جهڙي آهي جنهن کي ڪاسائي ڪوس گهر وٺي ويندو هجي ...

    لک ٿورا .. جڙيل هجو شال
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو