يا خدا منهنجي دعا پنجتن طفيل ڪر قبول۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
يا خدا منهنجي دعا پنجتن طفيل ڪر قبول،

پاڪ تنهنجو گهر ڏِسان، حجر اَسود کي چُمان،
۽ چُمان تنهنجو رسول۔۔

پاڪ مولا جو وطن ۽ پسان مان سو صحن،
دين تنهنجي جو اصول۔۔

پاڪ معلى ڪربلا، راهه رستا شام جا،
۽ پسان ثانيءِ بتول۔۔

پاڪ پرسو ڏيئي اچان، شال مولا پوءِ مران
مَنَ ٿئي حاصل حُصول۔۔

آهيان جن جو مان غلام، سئو سئو تن تي آ سلام،
۽‌ درود ٿيو آ نزول۔۔


شاعر : زوار غلام علي غلام نوحپوٽو
 
جواب: يا خدا منهنجي دعا پنجتن طفيل ڪر قبول۔۔۔

آمين ۔۔۔

غلام جي سهڻي دعا آهي ۔۔۔ عشق بيت الله، عشق رسول ۽ عشق اهل بيت جي شان ۾ چيل سهڻو ڪلام آهي ۔۔۔

رب العالمين اسانکي اهل بيت جي ڏنل قربانين کي سمجهڻ جو توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

لک ٿورا مست سائين ۔۔۔
 
جواب: يا خدا منهنجي دعا پنجتن طفيل ڪر قبول۔۔۔

آمين الله تعالئ اسان کي انهن ڳالهين تي عمل جي توفيق عطا فرمائي (آمين) ۽ شاعري بهتر آهي الله توهان کي آباد ڪري (آمين)۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: يا خدا منهنجي دعا پنجتن طفيل ڪر قبول۔۔۔

ادا زبردست۔جن جو پنجن ٻارنهن ۽چوڏهن تي يقين آ ان جا ٻيڙا ئي پار۔
 
Back
Top