اي درويش قوم جا نوجوان شهزادو ، پنهنجو اهو وقار ياد ڪريو جو هڪ طرف توهان ۾ ڀٽائي جهڙي هستي جنم وٺي ٿي. ته ٻي طرف توهان هن خطي ۾ باب الاسلام آهيو, هن خطي ۾ اسلام توهانجي بڌولت آهي ياد ڪريو جڏهن پيغمبرِ انقلاب حضرت محمد ﷺدنيا ۾ امن جو نياپو کڻي آيو ۽ انجا سوريهه شهزادا پنهنجي گھوڙن جون واڳون جهليو ڏورانهن هنڌن کان ڌرتي جي ڪنڊ ڪڻڇ ۾ امن جو پيغام پهچائي رهيا هئا ان وقت ايشيا جي هن حصي جي سجاڳ قوم توهان هئا جنهن ان تبديلي کي پسند ڪيو. اهي توهان هئا جن کي انسانيت جي تقاضا جو احساس هو ، اهي توهان هئا جن کي نظام جي پرک هئي . اهي توهان هئا جن حضرت محمد ﷺ جي پانڌيئڙن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ هن وسندي جي آبادين کي اسلام سان مهڪائي ڇڏيو. وري ياد رکو اهي توهان هئا جن جي ذريعي اسلام هن علائقي ۾نمودار ٿيو۽ توهان کي باب السلام جي اعزاز سان نوازيو ويو. ياد رکو جڏهن حضرت ڀٽائي اسلام جي درس و تدريس لاءِ پيجيده رازن ۾ لهندي شعر جوڙي ٿو. ۽ ياد رکو حاجي احمد ملاح اهو پهريون بزرگ هو جنهن قرآن مجيد جو مڪمل منظوم ترجمون سنڌي ۾ ڪيو، اهو اعزاز به توهاجي نصيب ۾ ئي آهي جيڪو بعد ۾ سعودي حڪومت ڇپرائي مفت ۾ تقسيم ڪيو انکان پهرين ڪنهن به ٻولي ۾ اهو ڪم مڪمل طور تي نه ٿيو هو. ۽ ياد ڪريو جڏهن انگريزن هن ڌرتي کي فريب و مڪار سان آلودو ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو ۽ پنهنجي حڪومت ڪرڻ لڳا ان وقت قائد اعظم محمد علي جناح به توهان مان ئي هو جنهن الله جي مدد سان توهان کي انگريزن جي غلامي مان آزاد ڪرايو ۽ هڪ آزاد اسلامي رياست عطا ٿي. جڏهن نبي ڪريم ﷺ مڪي مان هجرت ڪري مديني تشريف فرما ٿيا تڏهن مديني جي انصارن کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون اها هجرت اسلام جي ترقي ڏانهن پهريون قدم هئي، وري جڏهن 1947ء ۾ هڪ آزاد اسلامي رياست جنم ورتو ۽ هندستان مان اسانجي مسلمان ڀائرن اسلامي رياست جي طرف هجرت ڪئي تڏهن توهاجي مهمان نوازي جي جذبي تاريخ ڌهرائي ڇڏي اهي توهان هئا جنين آيل مسافرن کي سوين محبتون ڏنيون کين پنهنجي ملڪ ۾ ڀليڪار چئي. ۽ ياد ڪريو هو شهيد ڀٽو به توهان مان ئي هو جنهن اسلامي دنيا جو تصور ڏئي فريبين جا ڏند ئي کٽا ڪري ڇڏيا ۽ الله جي مدد سان وطنِ عزيز کي ايٽمي طاقت سان مالا مال ڪري ڇڏيو جيڪڏهن اسلامي تاريخ تي نظر ڊوڙائيندا ته توهان کي سنڌي قوم جو هڪ بلند مقام ملندو. ليڪن وڏي افسوس سان چئڻو پوي ٿو ته هن وقت اسانجي ڪارڪردگي ڇا آهي ، اسان اسلامي تاريخ مان ڪيڏنهن گم ٿي ويا آهيون. ڇا هن وقت اسان ۾ ڪو به اهڙو نوجوان ناهي جيڪو اسانجي تاريخي ورثي کي سنڀالي
جواب: اي سنڌي نوجوانو ادا تمام بهترين ونڊ ڪئي اٿئو۔ پر دوست ڪجھ تعارف واري سيڪشن ۾ به پنهنجو تعارف ڪرائيندا ته سٺو رهندو۔ مهرباني وري به
جواب: اي سنڌي نوجوانو [justify] **** سائين محترم فتح علي شاه، سڀ کان پهريان ته اوهانکي هن سنڌ دوست ۽ علمي اوطاق تي ڀليڪار، اوهانجو اچڻ هن اوطاق جي خوشنصيبي چئبي جو اوهانجهڙو علم دوست، سنڌ دوست سڄڻ ڪهي آيو ۽ پنهنجن سهڻن خيالن سان صدا بلند ڪئي ... صدا جاڳرتا جي ... صدا پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي ... اميد ته اوهانجي ان ناد جي گونج سنڌ ۽ سنڌي نوجوان ۾ هلندي رهندي ۽ کين جاڳرتا ڏيندي رهندي ... اميد ته اوهان پنهنجي تعرف سان هن اڱڻ جي دوستن سان دوستيون گهريون ڪندا ۽ وقت به وقت هن اوطاق تي اچي درويش دوستن جي رهنمائي ڪندا رهندا ته ٿورا ناهن ٿورا .... اوهانجي ڏنل ليک جي حوالي سان هي مٿي واري ڳالهه ته اوهانجي بلڪل سهي آهي، سنڌ امن جي پيغامبر رهي آهي، سنڌ چڱائيءَ کي قبول ڪرڻ جي ڏس ۾ پاڻ ڀري رهي آهي ... سنڌ جي ماڻهن تاريخي طور تي سٺين شين جي حمايت ڪئي آهي ۽ براين جي مخالف ... تاريخ جي ورن وڪڙن ۾ سنڌ جي مٿان ڪيل محمد بن قاسم جي حملي کي به ڏاڍ ۽ ظلم سان ڀيٽ ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسلام کي ان کان اڳ ئي قبول ڪري چڪي هئي ۽ امام علي رضي الله تعالا عنه سان تعلق رکندڙ ڪيترائي عالم اڳ به سنڌ ۾ اچي قرآن جي علم کي عام ڪري چڪا هئا ۽ مختلف وقتن ۾ سنڌ کان ماڻهون عربن ڏانهن ويندا هئا ۽ عربن کان ماڻهون سنڌ ۾ ايندا هئا جنهن سبب به اسلام جي پرچار شروع ٿي چڪي هئي ... پر پوءِ به محمد بن قاسم، حجاج بن يوسف جي چوڻ تي سنڌ تي حملو ڪيو سبب اسلام ڦهلائڻ نه پر خليفي مخالف ڪجهه ڏاهن ماڻهن کي سنڌ ۾ پناهه ڏني وئي هئي، جنکي خلافت جا باغي چيو ويو آهي يا وري عربن جا ڪجهه تحفا ۽ ماڻهون سنڌ جي ڌاڙيلن ڦريا انهن جي بدلي جي باهه ۾ حملو ڪيو ويو ... خئير جي محمد بن قاسم کي فاتح سنڌ قرار ڏيندي اسلام جو هيرو مڃجي به ته اسانجون اکيون ٿڌيون ... ڇاڪاڻ ته اسلام اچڻ کانپوءِ به سنڌ آزاد هئي ۽ ان تي عربن حڪومت ضرور ڪئي پر ملڪ آزاد هو، عربن کانپوءِ سنڌ ڄاون سومرن ۽ سمن جون حڪومتون ترتيبوار قائم ٿيون ... مطلب ته سنڌ انگريزن جي دور تائين ڌارين جي حملن جو شڪار ته ٿيندي رهي پر پوءِ به آزاد ملڪ سان دنيا جي نقشي تي قائم رهي ... پراڻي زماني ۾ دنيا کي صرف سنڌ ۽ هند جي ڄاڻ هئي ... ۽ ايران کانپوءِ هي سمورو پرڳڻو (برصغير هند) يا سنڌ يا هند جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ... هن دور ۾ سنڌ ۾ علمي ڪم ٿيو، ٻوليءَ لئه ڪم ڪيو ويو ۽ سنڌ هڪ پرامن پرڳڻو رهيو ... ۽ هرطرف نينهن اڇل رهي ... ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته انگريزن آزاد سنڌ تي قبضو ڪيو هو انڪري سنڌ کي هڪ آزاد ملڪ طور آزاد ٿيڻو هو پر قائد اعظم انگريزن جو ساٿياري ٿي ، برصغير جيڪو دنيا جي نقشي تي تمام وڏي رياست ٿي اڀري رهيو هو، انکي ٽوڙڻ ۾ مدد ڪئي ۽ نه فقط مدد ڪئي پر مسلمان قوم جو غير فطري نعرو ڏئي سنڌ کي به ان ۾ ڦاسائي ڇڏيو، سنڌي مسلمان اسلام جي محبت ۾ ان سازش جي مڪروهه چهري کي ڏسي نه سگهيا ۽ پاڪستان جي نالي ۾ قائم ٿيڻ واري ڌٻڻ جي حمايت ڪري ڦاهو کاڌو ... چيو ويندو آهي جنهن ڪم جي نيت ڀلي هوندي آهي ته انجو نتيجو به ڀلو نڪرندو آهي ۽ جنهن شئي جي پويان خراب نيت هوندي آهي انجو نتيجو به برو نڪرندو آهي .... هي ته مشهور آهي ته جنهن جو بنياد مضبوط هوندو آهي ته عمارت مضبوط ٿيندي آهي ۽ جنهن عمارت جي بنياد ۾ کوٽ هوندو آهي ته اها عمارت ڪري پوندي آهي ... انڪري پاڪستان جنهن نيت سان قائم ڪيو ويو هو انجا نتيجا هن وقت اسين ڀوڳي رهيا آهيون ... بنگال جا بهادر مسلمان پنهنجا ٽيهه لک مسلمان مارائي، پنهنجن ٽن لکن مسلمان ڪنوارين ڇوڪرين جي عصمت دري ڪرائي آزاد ٿي ويا ... سنڌي آزار ۾ اچي ڪيترائي اڳواڻ مارائي پنهنجو ارڪو ترڪو وڃائي ويٺا آهن ۽ هن وقت هر طرف مصيبت مصيبت جي واويلا آهي، بلوچستان جا ماڻهون ماريا پيا وڃن ۽ سندن اڳواڻن کي قتل ڪيو پيو وڃي، پختون ۽ وزيرستان جي ماڻهن جو قتلام جاري آهي ... مطلب ته پاڪستان کي اسلام جي نالي جو چوگو پارائي مسلمانن جو قتلگاهه ٺاهيو ويو آهي ... قتل، ڦرلٽ، بي ايماني، رشوت، منشيات ۽ دنيا ڀر جا ڏوهه عام ۽ جام آهن ... هر طرف ڏوهه ئي ڏوهه آهن ... اوندهه ئي اوندهه آهي ... ڀلا اوهان ئي ٻڌايو ته جنهن جو بنياد سچائي ۽ خلوص تي هجي ها ته ڇا ستر ساله تاريخ ۾ ايترا ظلم روا رکيا وڃن ها ... الله جي نبيءَ جي هجرت ۽ هن هجرت ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، الله جي رسول جي هجرت چند ماڻهن جي هجرت هئي ۽ ساڳي قوم سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي هجرت هئي ، الله جي رسول جو ناتو اڳ به مديني سان ڳنڍيل هو، سندن ساڳي ثقافت ۽ ساڳي ٻولي هئي، ائين کڻي چئجي ته ڏاڏنگ کان نڪري ناننگ ۾ ويا ... ۽ پنهنجا چند اصحاب وٺي ويا ۽ اتي وڃڻ کانپوءِ هو مديني جي ماڻهن سان کير کنڊ ٿي ويا ۽ مدني سڏجڻ لڳا ... مديني جي ماڻهن جا ٿورا ايترا ته ڳايا ويندا آهن جو ؛ ابو هريره کان روايت آهي ته؛ الله جي رسول فرمايو ته جيڪو شخص الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو سو ڪڏهن به انصار سان دشمني نه ڪندو ...“ مطلب ته انصار ن سان دشمني رکڻ الله جي دين سان دشمنيءَ جي برابر قرار ٿيو ... پر هن هجرت ۾ ته خون جي ۽ ظلم جي بوءِ آهي ... لکين ماڻهون هيڏانهن کان هوڏانهن ٿيا، لکين ماڻهون ماريا ويا، لکن عورتن جي عصمت دري ڪئي وئي، لکن ماڻهن جو مال ملڪيت ساڙي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو ۽ تاريخ اهڙي ظالمانه هجرت ڪڏهن به نه ڏٺي ... مسلمانن جي نالي تي اها هجرت هئي ته پوءِ هند کان هجرت ڪرڻ وارن ماڻهن کان گهڻو وڌيڪ ماڻهن هجرت ڪون ڪئي ۽ اڄ اهي مسلمان جن هند مان هجرت نه ڪئي سي خوش آهن ۽ رب جا شڪرانا ادا ٿا ڪن ته هو پاڪستان جهڙي غير مهذب ملڪ ڏانهن نه ويا ۽ بچي ويا ... هن وقت هند جي مسلمانن کي تمام گهڻيون سهولتون ۽ آزاديون آهن ۽ حڪومتي طور تي انهن کي تعليم لاءِ اهڙا وظيفا ملن ٿا جيڪي هندن کي به نه ٿا ملن ... سنڌ کي هن هجرت مان تمام گهڻو نقصان پيو ... سنڌ سان پيار ڪرڻ وارا، سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ پاڻ پتوڙڻ وارا، سنڌ جي ترقيءَ ۽ تعليم کي وڌائڻ وارن کي اسان سنڌي مسلمانن ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ ته هندستان جي مختلف رنگن ٻولين ۽ ثقافتن جا ماڻهون وٺي پاڻ وٽ آنداسون، جن کي نه ته سنڌ سان محبت آهي ۽ نه سنڌين سان ڪو سروڪار، بلڪه مستقبل قريب ۾ هو سنڌ کي ٽوڙڻ وارين سازشن ۾ الله نه ڪري ڪامياب ٿي وڃن ... حڪومت ۾ ته ٻه اڌ قائم ڪري چڪا آهن، بس سنڌ جي موجوده ڌرتيءَ کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ باقي آهي ... ۽ سنڌين سان دشمنيءَ جا نوان باب جنم وٺي رهيا آهن ... هاڻ اسين ان ڳالهه تي سوچڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته ڪاش اها هجرت نه ٿي هجي ها ... افسوس جو اسان سنڌ واسين، سنڌي ڏاها پاڪستان جي نالي ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيا ۽ اهو به افسوس جو اهو سنڌي ڏاهوشهيد سياستدان سنڌ جي ڪنهن ڪم نه آيو ... بلڪ آزاريندڙ ملڪ پاڪستان کي ايٽمي طاقت ڪري، 73 جو آئين ڏئي سنڌ جي غلاميءَ جا زنجير وڌيڪ مضبوط ڪري ويو ، ڳالهه ان ڏاهي تي اچي ختم نه ٿي پر سنڌ جا ٻيا سورهيه به ختم ڪيا ويا، محترم مرتضا ۽ محترمه بينظير پڻ ان ظلم جو شڪار ٿيا. اوهانجي هيءَ مٿي واري ڳالهه سون جهڙي، بيشڪ هن وقت سنڌي نوجوان ڪسمپرسيءَ ۾ مبتلا ٿي بي راه رويءَ جو شڪار ٿي واٽون ويهه ٿيون واري ناچاڪائيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي ... رب العالمين کان دعا آهي ته سنڌ کي ڪو اهڙو ڏاهو سورهيه ۽ بيباڪ سپاهي ملي جو سنڌ کي آجپو ڏياري ... سنڌ کي آزاد ڪرائي ۽ سنڌ جو مان دنيا ۾ مٿاهون ڪري ... آمين [/justify]
جواب: اي سنڌي نوجوانو شاهه صاحب تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿو اهڙو ونڊ جنهن ۾ اسانجي تاريخ جا بهترين حولا ڏنل آهن پر ادا وري به ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوست ڪجھ تعارف واري سيڪشن ۾ به پنهنجو تعارف ڪرائيندا ته سٺو رهندو۔ مهرباني وري به
جواب: اي سنڌي نوجوانو ادا شاه ساحب اوهان بلڪل سهي ٿا چئو ۽ اسين هر روز نوان نفرتن جا طوفان آڻيو ٿا ۽ هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ ۽ مٽائيڻ جا نوا منصوبا جوڙيو ٿا ۽ ايندڻ پنهنجي نصل کي انهي جو ٽارڱيٽ بنايون ٿا الهي ڪڏهن اسانجو سوچون تبديل ٿينديو ايندڻ وقت جا وهڪرا تمام تيز آهن انهي ۾ پاڻ کي لڙهڻ کان بچايون
جواب: اي سنڌي نوجوانو ادا مير فتح علي شاهه۔۔۔۔ توهان جو هي ليک تمام بهترين آهي، توهان ادبي دنيا جا ماڻهو محسوس ٿيو پيا۔۔ توهان کي گذارش آهي ته سنڌ سلامت جي تعارف سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف پڻ ڪرايو
جواب: اي سنڌي نوجوانو تمام بهترين ونڊ آهي سائين پر سائين ڪوشش ڪري متعلقه سيڪشن ۾ ٿريڊ کي پوسٽ ڪندا ڪريو توهان جي ٿريڊ کي متعلقه سڪيشن ۾موو ڪرايو ويو آهي جاري رکجو سدائين گڏ