مير فتح علي شاهه
سينيئر رڪن
اي درويش قوم جا نوجوان شهزادو ، پنهنجو اهو وقار ياد ڪريو جو هڪ طرف توهان ۾ ڀٽائي جهڙي هستي جنم وٺي ٿي. ته ٻي طرف توهان هن خطي ۾ باب الاسلام آهيو, هن خطي ۾ اسلام توهانجي بڌولت آهي ياد ڪريو جڏهن پيغمبرِ انقلاب حضرت محمد ﷺدنيا ۾ امن جو نياپو کڻي آيو ۽ انجا سوريهه شهزادا پنهنجي گھوڙن جون واڳون جهليو ڏورانهن هنڌن کان ڌرتي جي ڪنڊ ڪڻڇ ۾ امن جو پيغام پهچائي رهيا هئا ان وقت ايشيا جي هن حصي جي سجاڳ قوم توهان هئا جنهن ان تبديلي کي پسند ڪيو. اهي توهان هئا جن کي انسانيت جي تقاضا جو احساس هو ، اهي توهان هئا جن کي نظام جي پرک هئي . اهي توهان هئا جن حضرت محمد ﷺ جي پانڌيئڙن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ هن وسندي جي آبادين کي اسلام سان مهڪائي ڇڏيو. وري ياد رکو اهي توهان هئا جن جي ذريعي اسلام هن علائقي ۾نمودار ٿيو۽ توهان کي باب السلام جي اعزاز سان نوازيو ويو.
ياد رکو جڏهن حضرت ڀٽائي اسلام جي درس و تدريس لاءِ پيجيده رازن ۾ لهندي شعر جوڙي ٿو. ۽ ياد رکو حاجي احمد ملاح اهو پهريون بزرگ هو جنهن قرآن مجيد جو مڪمل منظوم ترجمون سنڌي ۾ ڪيو، اهو اعزاز به توهاجي نصيب ۾ ئي آهي جيڪو بعد ۾ سعودي حڪومت ڇپرائي مفت ۾ تقسيم ڪيو انکان پهرين ڪنهن به ٻولي ۾ اهو ڪم مڪمل طور تي نه ٿيو هو.
۽ ياد ڪريو جڏهن انگريزن هن ڌرتي کي فريب و مڪار سان آلودو ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو ۽ پنهنجي حڪومت ڪرڻ لڳا ان وقت قائد اعظم محمد علي جناح به توهان مان ئي هو جنهن الله جي مدد سان توهان کي انگريزن جي غلامي مان آزاد ڪرايو ۽ هڪ آزاد اسلامي رياست عطا ٿي.
جڏهن نبي ڪريم ﷺ مڪي مان هجرت ڪري مديني تشريف فرما ٿيا تڏهن مديني جي انصارن کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون اها هجرت اسلام جي ترقي ڏانهن پهريون قدم هئي، وري جڏهن 1947ء ۾ هڪ آزاد اسلامي رياست جنم ورتو ۽ هندستان مان اسانجي مسلمان ڀائرن اسلامي رياست جي طرف هجرت ڪئي تڏهن توهاجي مهمان نوازي جي جذبي تاريخ ڌهرائي ڇڏي اهي توهان هئا جنين آيل مسافرن کي سوين محبتون ڏنيون کين پنهنجي ملڪ ۾ ڀليڪار چئي.
۽ ياد ڪريو هو شهيد ڀٽو به توهان مان ئي هو جنهن اسلامي دنيا جو تصور ڏئي فريبين جا ڏند ئي کٽا ڪري ڇڏيا ۽ الله جي مدد سان وطنِ عزيز کي ايٽمي طاقت سان مالا مال ڪري ڇڏيو
جيڪڏهن اسلامي تاريخ تي نظر ڊوڙائيندا ته توهان کي سنڌي قوم جو هڪ بلند مقام ملندو. ليڪن وڏي افسوس سان چئڻو پوي ٿو ته هن وقت اسانجي ڪارڪردگي ڇا آهي ، اسان اسلامي تاريخ مان ڪيڏنهن گم ٿي ويا آهيون. ڇا هن وقت اسان ۾ ڪو به اهڙو نوجوان ناهي جيڪو اسانجي تاريخي ورثي کي سنڀالي